072 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 28 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
قُلْ اُوْحِيَ اِلَيَّ اَنَّهُ اسْتَـمَعَ نَفَرٌ مِّنَ الْجِنِّ فَقَالُوْٓا اِنَّا سَمِعْنَا قُرْاٰنًا عَجَبًا 1ۙ
توهان فرمايو: مون ڏانهن وحي ڪيو ويو آهي ته جنن جي هڪ جماعت (منهنجي تلاوت کي) غور سان ٻڌو، ته (پنهنجي قوم کي وڃي) چيائون: بيشڪ اسان هڪ عجيب قرآن ٻڌو آهي.
— مولانا طاھر القادرييَّهْدِيْٓ اِلَى الرُّشْدِ فَاٰمَنَّا بِهٖ ۭ وَلَنْ نُّشْرِكَ بِرَبِّنَآ اَحَدًا 2ۙ
جيڪو هدايت جي واٽ ڏيکاري ٿو، تنهنڪري اسان ان تي ايمان آندو آهي، ۽ پنهنجي رب سان ڪنهن کي هرگز شريڪ نه ڪنداسين.
— مولانا طاھر القادريوَّاَنَّهٗ تَعٰلٰى جَدُّ رَبِّنَا مَا اتَّخَذَ صَاحِبَةً وَّلَا وَلَدًا 3ۙ
۽ اِهو ته اسان جي رب جو شان تمام مٿانهون آهي، ان نه ڪا زال بڻائي اٿس ۽ نه ئي ڪو اولاد.
— مولانا طاھر القادريوَّاَنَّهٗ كَانَ يَقُوْلُ سَفِيْهُنَا عَلَي اللّٰهِ شَطَطًا 4ۙ
۽ اِهو ته اسان مان ڪو بيوقوف ئي الله جي باري ۾ حق کان پري حد کان لنگهيل ڳالهيون چوندو هو.
— مولانا طاھر القادريوَّاَنَّا ظَنَنَّآ اَنْ لَّنْ تَقُوْلَ الْاِنْسُ وَالْجِنُّ عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا 5ۙ
۽ اهو ته اسان گمان ڪندا هئاسين ته انسان ۽ جن الله جي باري ۾ ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندا.
— مولانا طاھر القادريوَّاَنَّهٗ كَانَ رِجَالٌ مِّنَ الْاِنْسِ يَعُوْذُوْنَ بِرِجَالٍ مِّنَ الْجِنِّ فَزَادُوْهُمْ رَهَقًا 6ۙ
۽ اهو ته انسانن مان ڪي ماڻهو جنن مان ڪن فردن جي پناهه وٺندا هئا، پوءِ انهن ماڻهن اُنهن جنن جي سرڪشي اڃان وڌائي ڇڏي.
— مولانا طاھر القادريوَّاَنَّهُمْ ظَنُّوْا كَـمَا ظَنَنْتُمْ اَنْ لَّنْ يَّبْعَثَ اللّٰهُ اَحَدًا 7ۙ
۽ (اي جنن جي جماعت!) اُهي انسان به اهڙو ئي گمان ڪرڻ لڳا جهڙو گمان توهان ڪيو ته الله (مرڻ کان پوءِ) هرگز ڪنهن کي نه اٿاريندو.
— مولانا طاھر القادريوَّاَنَّا لَمَسْنَا السَّمَاۗءَ فَوَجَدْنٰهَا مُلِئَتْ حَرَسًا شَدِيْدًا وَّشُهُبًا 8ۙ
۽ اِهو ته اسان آسمانن کي ڇُهيو، ۽ انهن کي سخت پهريدارن ۽ (ٽانڊن وانگر) ٻرندڙ ۽ چمڪندڙ تارن سان ڀريل ڏٺو.
— مولانا طاھر القادريوَّاَنَّا كُنَّا نَقْعُدُ مِنْهَا مَقَاعِدَ لِلسَّمْعِ ۭ فَـمَنْ يَّسْتَمِعِ الْاٰنَ يَجِدْ لَهٗ شِهَابًا رَّصَدًا 9ۙ
۽ اهو ته اسان (اڳي آسماني خبرون ٻڌڻ لاءِ) ان جي ڪن جاين تي ويهندا هئاسين، مگر هاڻي ڪو ٻڌڻ چاهي ته اُهو پنهنجي تاڙ ۾ باههِ جو شعلو (منتظر) لهندو.
— مولانا طاھر القادريوَّاَنَّا لَا نَدْرِيْٓ اَشَرٌّ اُرِيْدَ بِمَنْ فِي الْاَرْضِ اَمْ اَرَادَ بِهِمْ رَبُّهُمْ رَشَدًا ۙ10
۽ اهو ته اسان کي معلوم ناهي ته (اسان جي پابندي سان) انهن ماڻهن جي حق ۾ جيڪي زمين ۾ آهن ڪنهن برائيءَ جو ارادو ڪيو ويو آهي يا انهن جي رب ساڻن ڀلائي جو ارادو فرمايو آهي.
— مولانا طاھر القادريوَّاَنَّا مِنَّا الصّٰلِحُوْنَ وَمِنَّا دُوْنَ ذٰلِكَ ۭ كُنَّا طَرَاۗىِٕقَ قِدَدًا ۙ11
۽ اِهو ته اسان مان ڪي نيڪ آهن ۽ اسان مان (ئي) ڪجهه ان کانسواءِ برا به آهن، اسان مختلف طريقن تي (هلي رهيا) هئاسين.
— مولانا طاھر القادريوَّاَنَّا ظَنَنَّآ اَنْ لَّنْ نُّعْجِزَ اللّٰهَ فِي الْاَرْضِ وَلَنْ نُّعْجِزَهٗ هَرَبًا ۙ12
۽ اسان يقين ڪري ورتو آهي ته اسان الله کي هرگز زمين ۾ (رهي ڪري) عاجز نٿا ڪري سگهون ۽ نه ئي (زمين مان) ڀڄي ان کي عاجز ڪري سگهون ٿا.
— مولانا طاھر القادريوَّاَنَّا لَمَّا سَمِعْنَا الْهُدٰٓى اٰمَنَّا بِهٖ ۭ فَـمَنْ يُّؤْمِنْۢ بِرَبِّهٖ فَلَا يَخَافُ بَخْسًا وَّلَا رَهَقًا ۙ13
۽ اِهو ته جڏهن اسان هدايت (واري ڪتاب) کي ٻڌو ته ان تي ايمان آندوسين، پوءِ جيڪو شخص پنهنجي رب تي ايمان آڻيندو آهي سو نه نقصان کان ڊڄندو آهي ۽ نه ظلم کان.
— مولانا طاھر القادريوَّاَنَّا مِنَّا الْمُسْلِمُوْنَ وَمِنَّا الْقٰسِطُوْنَ ۭ فَـمَنْ اَسْلَمَ فَاُولٰۗىِٕكَ تَحَرَّوْا رَشَدًا 14
۽ اهو ته اسان مان (ڪجهه) فرمانبردار به آهن ۽ اسان مان (ڪجهه) ظالم به آهن، پوءِ جيڪو فرمانبردار ٿيو ته اهڙن ئي ماڻهن ڀلائي طلب ڪئي.
— مولانا طاھر القادريوَاَمَّا الْقٰسِطُوْنَ فَكَانُوْا لِجَهَنَّمَ حَطَبًا ۙ15
۽ جيڪي ظالم آهن ته اُهي دوزخ جو ٻارڻ ٿيندا.
— مولانا طاھر القادريوَّاَنْ لَّوِ اسْتَــقَامُوْا عَلَي الطَّرِيْقَةِ لَاَسْقَيْنٰهُمْ مَّاۗءً غَدَقًا ۙ16
۽ اِهو (وحي به مون وٽ آيو آهي) ته جيڪڏهن اُهي طريقت (حق جي واٽ، ذڪر الاهي جي طريقي) تي قائم رهن ها ته اسان کين تمام گهڻي پاڻي سان ڍؤ ڪرايون ها.
— مولانا طاھر القادريلِّنَفْتِنَهُمْ فِيْهِ ۭ وَمَنْ يُّعْرِضْ عَنْ ذِكْرِ رَبِّهٖ يَسْلُكْهُ عَذَابًا صَعَدًا ۙ17
ته جيئن اسان ان (نعمت) ۾ انهن جي آزمائش ڪريون، ۽ جيڪو پنهنجي رب جي ذڪر کان منهن موڙيندو ته اهو کيس انتهائي سخت عذاب ۾ داخل ڪندو.
— مولانا طاھر القادريوَّاَنَّ الْمَسٰجِدَ لِلّٰهِ فَلَا تَدْعُوْا مَعَ اللّٰهِ اَحَدًا ۙ18
۽ اهو ته سجدي ڪرڻ جون جايون الله جي لاءِ (خاص) آهن، تنهنڪري الله سان گڏ ڪنهن ٻئي جي پوڄا نه ڪريو.
— مولانا طاھر القادريوَّاَنَّهٗ لَمَّا قَامَ عَبْدُ اللّٰهِ يَدْعُوْهُ كَادُوْا يَكُوْنُوْنَ عَلَيْهِ لِبَدًا ۉ 19
۽ اهو ته جڏهن الله جو ٻانهو (محمد صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) ان جي عبادت ڪرڻ بيٺو ته اُهي مٿس هجومن جا هجوم گڏ ٿي ويا (ته جيئن سندس قرأت ٻڌي سگهن).
— مولانا طاھر القادريقُلْ اِنَّـمَآ اَدْعُوْا رَبِّيْ وَلَآ اُشْرِكُ بِهٖٓ اَحَدًا 20
توهان فرمايو ته آئون ته صرف پنهنجي رب جي عبادت ڪريان ٿو ۽ ان سان ڪنهن کي شريڪ نٿو بڻايان.
— مولانا طاھر القادري