007 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 206 آيتون ۽ 24 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
الۗمّۗصۗ 1ۚ
الف لام ميم صاد (حقيقي معنيٰ الله ۽ رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم ئي بهتر ڄاڻن ٿا).
— مولانا طاھر القادريكِتٰبٌ اُنْزِلَ اِلَيْكَ فَلَا يَكُنْ فِيْ صَدْرِكَ حَرَجٌ مِّنْهُ لِتُنْذِرَ بِهٖ وَذِكْرٰي لِلْمُؤْمِنِيْنَ 2
(اي حبيب مڪرم!) هي ڪتاب آهي (جيڪو) توهان ڏانهن لاٿو ويو آهي سو توهان جي (نوراني) سيني ۾ ان (جي تبليغ تي ڪافرن جي انڪار ۽ ڪوڙو چوڻ جي خيال) کان ڪا تنگي نه ٿئي (هي ته لاٿو ئي ان جي لاءِ ويو آهي) ته توهان ان جي ذريعي (منڪرن کي) ڊيڄاري سگهو ۽ هي مؤمنن جي لاءِ نصيحت (آهي).
— مولانا طاھر القادرياِتَّبِعُوْا مَآ اُنْزِلَ اِلَيْكُمْ مِّنْ رَّبِّكُمْ وَلَا تَتَّبِعُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اَوْلِيَاۗءَ ۭ قَلِيْلًا مَّا تَذَكَّرُوْنَ 3
(اي ماڻهؤ!) توهان هن (قرآن) جي پيروي ڪريو جيڪو توهان جي رب جي طرفان توهان ڏي نازل ڪيو ويو آهي ۽ ان جي غيرن مان (ڪوڙن حاڪمن ۽) دوستن جي پٺيان نه هلو، توهان تمام گهٽ نصيحت قبول ڪريو ٿا.
— مولانا طاھر القادريوَكَمْ مِّنْ قَرْيَةٍ اَهْلَكْنٰهَا فَـجَاۗءَهَا بَاْسُنَا بَيَاتًا اَوْ هُمْ قَاۗىِٕلُوْنَ 4
۽ ڪيترائي ڳوٺ (اهڙا) آهن جن کي اسان تباهه ڪري ڇڏيو پوءِ انهن تي اسان جو عذاب رات جي وقت آيو يا (جڏهن ته) اُهي ٻنپهرن جو ستل هئا.
— مولانا طاھر القادريفَـمَا كَانَ دَعْوٰىهُمْ اِذْ جَاۗءَهُمْ بَاْسُنَآ اِلَّآ اَنْ قَالُوْٓا اِنَّا كُنَّا ظٰلِمِيْنَ 5
پوءِ جڏهن انهن تي اسان جو عذاب آيو ته انهن جي پُڪار سواءِ ان جي (ڪجهه) نه هُئي ته اُهي چوڻ لڳا ته بيشڪ اسان ظالم هئاسين.
— مولانا طاھر القادريفَلَنَسْــــَٔـلَنَّ الَّذِيْنَ اُرْسِلَ اِلَيْهِمْ وَلَنَسْــــَٔـلَنَّ الْمُرْسَلِيْنَ 6ۙ
پوءِ اسان انهن ماڻهن کان ضرور پڇنداسين جن ڏانهن رسول موڪليا ويا ۽ اسان يقيناً رسولن کان به (انهن جي دعوت ۽ تبليغ جي رد عمل جي بابت) پڇنداسين.
— مولانا طاھر القادريفَلَنَقُصَّنَّ عَلَيْهِمْ بِعِلْمٍ وَّمَا كُنَّا غَاۗىِٕبِيْنَ 7
پوءِ اسان انهن تي (پنهنجي) علم سان (انهن جا سمورا) حالات بيان ڪنداسين ۽ اسان (ڪٿي) غائب نه هئاسين (جو انهن کي ڏسندا نه هجون).
— مولانا طاھر القادريوَالْوَزْنُ يَوْمَىِٕذِ ۨالْـحَقُّ ۚ فَـمَنْ ثَقُلَتْ مَوَازِيْنُهٗ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 8
۽ ان ڏينهن (عملن جو) تورجڻ حق آهي سو جن جا (نيڪين جا) پُڙ ڳرا هوندا ته اهي ئي ڪامياب ٿيندا.
— مولانا طاھر القادريوَمَنْ خَفَّتْ مَوَازِيْنُهٗ فَاُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ خَسِرُوْٓا اَنْفُسَهُمْ بِـمَا كَانُوْا بِاٰيٰتِنَا يَظْلِمُوْنَ 9
۽ جن جي (نيڪين جا) پُڙ هلڪا ٿيندا ته اِهي ئي اُهي ماڻهو آهن جن پنهنجي جانين کي نقصان پهچايو، ان ڪري جو اهي اسان جي آيتن سان ظلم ڪندا هئا.
— مولانا طاھر القادريوَلَقَدْ مَكَّنّٰكُمْ فِي الْاَرْضِ وَجَعَلْنَا لَكُمْ فِيْهَا مَعَايِشَ ۭ قَلِيْلًا مَّا تَشْكُرُوْنَ ۧ10
۽ بيشڪ اسان توهان کي زمين ۾ طاقت ۽ اختيار عطا ڪيو ۽ اسان ان ۾ توهان جي لاءِ گذران جا وسيلا پيدا ڪيا، توهان تمام ٿورو شڪر بجا آڻيو ٿا.
— مولانا طاھر القادريوَلَقَدْ خَلَقْنٰكُمْ ثُـمَّ صَوَّرْنٰكُمْ ثُـمَّ قُلْنَا لِلْمَلٰۗىِٕكَةِ اسْـجُدُوْا لِاٰدَمَ ڰ فَسَجَدُوْٓا اِلَّآ اِبْلِيْسَ ۭ لَمْ يَكُنْ مِّنَ السّٰجِدِيْنَ 11
۽ بيشڪ اسان توهان کي (يعني توهان جي اصل کي) پيدا ڪيو پوءِ توهان جي صورت ٺاهي (يعني توهان جي زندگي جي ڪيميائي ۽ حياتياتي ابتدا ۽ ارتقا جي مرحلن کي آدم (عليه السلام) جي وجود جي ٺاهڻ تي مڪمل ڪيو) پوءِ اسان ملائڪن کي فرمايو ته آدم (عليه السلام) کي سجدو ڪريو ته سڀني سجدو ڪيو سواءِ ابليس جي. اهو سجدي ڪرڻ وارن مان نه ٿيو.
— مولانا طاھر القادريقَالَ مَا مَنَعَكَ اَلَّا تَسْجُدَ اِذْ اَمَرْتُكَ ۭ قَالَ اَنَا خَيْرٌ مِّنْهُ ۚ خَلَقْتَنِيْ مِنْ نَّارٍ وَّخَلَقْتَهٗ مِنْ طِيْنٍ 12
ارشاد ٿيو: (اي ابليس!) توکي ڪهڙي (ڳالهه) روڪيو هو جو تو سجدو نه ڪيو جڏهن ته مون توکي حڪم ڏنو هو، ان چيو: آئون انهيءَ کان ڀلو آهيان، جو تو مون کي باهِه مان پيدا ڪيو آهي ۽ هن کي تو مٽي مان بنايو آهي.
— مولانا طاھر القادريقَالَ فَاهْبِطْ مِنْهَا فَـمَا يَكُوْنُ لَكَ اَنْ تَتَكَبَّرَ فِيْهَا فَاخْرُجْ اِنَّكَ مِنَ الصّٰغِرِيْنَ 13
ارشاد ٿيو: پوءِ تون هتان لهي وڃ! توکي ڪوبه حق نٿو پهچي جو تون هٺ وڏائي ڪرين پوءِ (منهنجي درٻار مان) نڪري وڃ بيشڪ تون ذلت و خواري وارن مان آهين.
— مولانا طاھر القادريقَالَ اَنْظِرْنِيْٓ اِلٰي يَوْمِ يُبْعَثُوْنَ 14
ان چيو: مون کي ان ڏينهن تائين (زندگي جي) مهلت ڏي جنهن ڏينهن ماڻهو (قبرن مان) اٿاريا ويندا.
— مولانا طاھر القادريقَالَ اِنَّكَ مِنَ الْمُنْظَرِيْنَ 15
ارشاد ٿيو: بيشڪ تون مهلت وارن مان آهين.
— مولانا طاھر القادريقَالَ فَبِـمَآ اَغْوَيْتَنِيْ لَاَقْعُدَنَّ لَهُمْ صِرَاطَكَ الْمُسْتَقِيْمَ ۙ16
ان (ابليس) چيو: پوءِ ان ڪري جو تو مون کي گمراهه ڪيو آهي (مون کي قسم آهي ته) آئون (به) انهن (اولاد آدم جي افراد کي گمراهه ڪرڻ) جي لاءِ تنهنجي سڌي واٽ تي ضرور ويهندس (تانجو انهن کي حق جي واٽ تان هٽايان).
— مولانا طاھر القادريثُـمَّ لَاٰتِيَنَّهُمْ مِّنْۢ بَيْنِ اَيْدِيْهِمْ وَمِنْ خَلْفِهِمْ وَعَنْ اَيْـمَانِهِمْ وَعَنْ شَـمَاۗىِٕلِهِمْ ۭ وَلَا تَـجِدُ اَكْثَرَهُمْ شٰكِرِيْنَ 17
پوءِ آئون يقيناً انهن جي اڳيان ۽ انهن جي پٺيان ۽ انهن جي ساڄي کان ۽ انهن جي کاٻي کان وٽن ايندس، ۽ (نتيجي ۾) تون انهن مان اڪثر ماڻهن کي شڪر گذار نه لهندين.
— مولانا طاھر القادريقَالَ اخْرُجْ مِنْهَا مَذْءُوْمًا مَّدْحُوْرًا ۭ لَمَنْ تَبِعَكَ مِنْهُمْ لَاَمْلَئَنَّ جَهَنَّمَ مِنْكُمْ اَجْمَعِيْنَ 18
الله تعاليٰ جو ارشاد ٿيو (اي ابليس!) تون هتان کان خوار ۽ تڙيل ٿي نڪري وڃ، انهن مان جيڪو تنهنجي پيروي ڪندو ته آئون ضرور توهان سڀني سان جهنم کي ڀريندس.
— مولانا طاھر القادريوَيٰٓاٰدَمُ اسْكُنْ اَنْتَ وَزَوْجُكَ الْـجَنَّةَ فَكُلَا مِنْ حَيْثُ شِـئْتُـمَا وَلَا تَقْرَبَا هٰذِهِ الشَّجَرَةَ فَتَكُوْنَا مِنَ الظّٰلِمِيْنَ 19
۽ اي آدم! تون ۽ تنهنجي گهرواري (ٻئي) جنت ۾ رهائش اختيار ڪريو پوءِ جتان کان توهان ٻئي چاهيو کائو ۽ (بس) هن وڻ جي ويجهو نه وڃجو ورنه توهان ٻئي حد اورانگهڻ مان ٿي ويندؤ.
— مولانا طاھر القادريفَوَسْوَسَ لَهُمَا الشَّيْطٰنُ لِيُبْدِيَ لَهُمَا مَا وٗرِيَ عَنْهُمَا مِنْ سَوْاٰتِهِمَا وَقَالَ مَا نَهٰىكُـمَا رَبُّكُـمَا عَنْ هٰذِهِ الشَّجَرَةِ اِلَّآ اَنْ تَكُوْنَا مَلَكَيْنِ اَوْ تَكُوْنَا مِنَ الْـخٰلِدِيْنَ 20
پوءِ شيطان ٻنهي جي دل ۾ وسوسو وڌو ته جيئن انهن جون اوگهڙون جيڪي انهن (جي نگاهن) کان لڪل هيون مٿن ظاهر ڪري ۽ چوڻ لڳو: (اي آدم ۽ حوا!) توهان جي رب توهان کي هن وڻ (جو ميوو کائڻ) کان نه روڪيو آهي مگر (صرف ان ڪري جو هن کائڻ سان) توهان ٻئي ملائڪ ٿي ويندؤ (يعني بشري علائق کان پاڪ ٿي ويندؤ) يا توهان ٻئي (ان ۾) هميشه رهڻ وارا ٿي ويندو (يعني هن قرب واري مقام کان ڪڏهن به محروم نه ڪيا ويندؤ).
— مولانا طاھر القادري