069 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 52 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
اَلْحَاۗقَّةُ 1ۙ
يقيناً واقع ٿيڻ واري گهڙي.
— مولانا طاھر القادريمَا الْحَاۗقَّةُ 2ۚ
ڪهڙي شيءِ آهي يقيناً واقع ٿيڻ واري گهڙي.
— مولانا طاھر القادريوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا الْحَاۗقَّةُ 3ۭ
۽ توهان کي ڪهڙي شيءِ خبردار ڪيو ته يقيناً واقع ٿيڻ واري (قيامت) ڪهڙي آهي.
— مولانا طاھر القادريكَذَّبَتْ ثَـمُوْدُ وَعَادٌۢ بِالْقَارِعَةِ 4
ثمود ۽ عاد (سڀني موجودات کي) پاڻ ۾ ٽڪراءُ سان ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ واري (قيامت) کي ڪوڙو چيو هو.
— مولانا طاھر القادريفَاَمَّا ثَـمُوْدُ فَاُهْلِكُوْا بِالطَّاغِيَةِ 5
پوءِ ثمود جي قوم جا ماڻهو! ته اُهي حد کان وڌيڪ ڪڙڪي واري آواز سان هلاڪ ڪيا ويا.
— مولانا طاھر القادريوَاَمَّا عَادٌ فَاُهْلِكُوْا بِرِيْحٍ صَرْصَرٍ عَاتِيَةٍ 6ۙ
۽ رهيا عاد جي قوم جا ماڻهو! ته اُهي (به) اهڙي تيز طوفان سان هلاڪ ڪيا ويا جيڪو انتهائي ٿڌو ۽ نهايت گرجدار هو.
— مولانا طاھر القادريسَخَّرَهَا عَلَيْهِمْ سَبْعَ لَيَالٍ وَّثَمٰنِيَةَ اَيَّامٍ ۙ حُسُوْمًا ۙ فَتَرَى الْقَوْمَ فِيْهَا صَرْعٰى ۙ كَاَنَّهُمْ اَعْجَازُ نَخْلٍ خَاوِيَةٍ 7ۚ
الله ان (طوفان) کي مٿن لڳاتار ست راتيون ۽ اٺ ڏينهن مڙهيل رکيو، پوءِ تون انهن ماڻهن کي انهيءَ (عرصي) ۾ (اهڙي طرح) مئل ڏسين ها (ته ائين لڳي ها) ڄڻ اُهي کجي جي ڪِريل وڻن جون کوکليون پاڙون آهن.
— مولانا طاھر القادريفَهَلْ تَرٰى لَهُمْ مِّنْۢ بَاقِيَةٍ 8
پوءِ ڇا تون انهن مان ڪنهن کي باقي ڏسين ٿو.
— مولانا طاھر القادريوَجَاۗءَ فِرْعَوْنُ وَمَنْ قَبْلَهٗ وَالْمُؤْتَفِكٰتُ بِالْخَاطِئَةِ 9ۚ
۽ فرعون ۽ جيڪي ان کان اڳ هئا ۽ (لوط جي قوم جي) اونڌو ٿيل ڳوٺن (جي رهواسين) وڏيون خطائون ڪيون هيون.
— مولانا طاھر القادريفَعَصَوْا رَسُوْلَ رَبِّهِمْ فَاَخَذَهُمْ اَخْذَةً رَّابِيَةً 10
پوءِ انهن (به) پنهنجي رب جي رسول جي نافرماني ڪئي، پوءِ الله کين انتهائي سخت گرفت ۾ پڪڙيو.
— مولانا طاھر القادرياِنَّا لَمَّا طَغَا الْمَاۗءُ حَمَلْنٰكُمْ فِي الْجَارِيَةِ ۙ11
بيشڪ جڏهن (نوح جي طوفان جو) پاڻي حد کان لنگهي ويو ته اسان توهان کي هلندڙ ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪيو.
— مولانا طاھر القادريلِنَجْعَلَهَا لَكُمْ تَذْكِرَةً وَّتَعِيَهَآ اُذُنٌ وَّاعِيَةٌ 12
ته جيئن اسان انهيءَ (واقعي) کي توهان جي لاءِ (يادگار) نصيحت بڻايون ۽ محفوظ رکندڙ ڪن ان کي ياد رکن.
— مولانا طاھر القادريفَاِذَا نُفِخَ فِي الصُّوْرِ نَفْخَةٌ وَّاحِدَةٌ ۙ13
پوءِ جڏهن صور ۾ هڪ ڀيرو ڦوڪ ڏني ويندي.
— مولانا طاھر القادريوَّحُمِلَتِ الْاَرْضُ وَالْجِبَالُ فَدُكَّتَا دَكَّةً وَّاحِدَةً ۙ14
۽ زمين ۽ جبل (پنهنجي جاين تان) کنيا ويندا، پوءِ اُهي هڪڙو ئي ڀيرو ٽڪرائي ذرا ذرا ڪيا ويندا.
— مولانا طاھر القادريفَيَوْمَىِٕذٍ وَّقَعَتِ الْوَاقِعَةُ ۙ15
ته ان وقت واقع ٿيڻ واري (قيامت) برپا ٿي ويندي.
— مولانا طاھر القادريوَانْشَقَّتِ السَّمَاۗءُ فَھِيَ يَوْمَىِٕذٍ وَّاهِيَةٌ ۙ16
۽ (سڀئي) آسماني گولا ڦاٽي پوندا ۽ هي ڪائنات (هڪ نظام ۾ ڳنڍيل ۽ حرڪت ۾ رکڻ واري قوت جي ذريعي ڪارن) ڦوٽن• تي مشتمل ٿي ويندي.
— مولانا طاھر القادريوَّالْمَلَكُ عَلٰٓي اَرْجَاۗىِٕهَا ۭ وَيَحْمِلُ عَرْشَ رَبِّكَ فَوْقَهُمْ يَوْمَىِٕذٍ ثَمٰنِيَةٌ ۭ17
۽ ملائڪ ان جي ڪنارن تي بيٺل هوندا، ۽ توهان جي رب جي عرش کي ان ڏينهن انهن جي مٿان اٺ (ملائڪ يا ملائڪن جا طبقا) کنيو بيٺا هوندا.
— مولانا طاھر القادرييَوْمَىِٕذٍ تُعْرَضُوْنَ لَا تَخْفٰى مِنْكُمْ خَافِيَةٌ 18
ان ڏينهن توهان (حساب جي لاءِ) پيش ڪيا ويندؤ، توهان جي ڪابه لڪيل ڳالهه ڳجهي نه رهندي.
— مولانا طاھر القادريفَاَمَّا مَنْ اُوْتِيَ كِتٰبَهٗ بِيَمِيْنِهٖ ۙ فَيَقُوْلُ هَاۗؤُمُ اقْرَءُوْا كِتٰبِيَهْ ۚ19
پوءِ اُهو شخص جنهن جو اعمال نامو سندس ساڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو ته اُهو (خوشيءَ مان) چوندو: اچو منهنجو اعمال نامو پڙهو.
— مولانا طاھر القادرياِنِّىْ ظَنَنْتُ اَنِّىْ مُلٰقٍ حِسَابِيَهْ ۚ20
آئون ته يقين رکندو هئس ته آئون پنهنجي حساب کي (آسان) لهندڙ آهيان.
— مولانا طاھر القادري