068 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 52 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
نۗ وَالْقَلَمِ وَمَا يَسْطُرُوْنَ 1ۙ
نون (حقيقي معنيٰ الله ۽ رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم ئي بهتر ڄاڻن ٿا) قلم جو قسم ۽ ان (مضمون) جو قسم جيڪو (ملائڪ) لکن ٿا.
— مولانا طاھر القادريمَآ اَنْتَ بِنِعْمَةِ رَبِّكَ بِمَجْنُوْنٍ 2ۚ
(اي حبيب مڪرم!) توهان پنهنجي رب جي فضل سان (هرگز) ديوانا نه آهيو.
— مولانا طاھر القادريوَاِنَّ لَكَ لَاَجْرًا غَيْرَ مَمْنُوْنٍ 3ۚ
۽ بيشڪ توهان جي لاءِ اهڙو اجر آهي جيڪو ڪڏهن به ختم نه ٿيندو.
— مولانا طاھر القادريوَاِنَّكَ لَعَلٰى خُلُقٍ عَظِيْمٍ 4
۽ بيشڪ توهان عظيم الشان اخلاق تي قائم آهيو (يعني قرآني آدابن سان سينگاريل ۽ اخلاق الاهيه سان متصف آهيو).
— مولانا طاھر القادريفَسَتُبْصِرُ وَيُبْصِرُوْنَ 5ۙ
پوءِ عنقريب توهان (به) ڏسي وٺندؤ ۽ اُهي (به) ڏسي وٺندا.
— مولانا طاھر القادريبِاَىيِّكُمُ الْمَفْتُوْنُ 6
ته توهان مان ڪير ديوانو آهي.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ رَبَّكَ هُوَ اَعْلَمُ بِمَنْ ضَلَّ عَنْ سَبِيْلِهٖ ۠ وَهُوَ اَعْلَمُ بِالْمُهْتَدِيْنَ 7
بيشڪ توهان جو رب ان ماڻهو کي (به) خوب ڄاڻي ٿو جيڪو سندس واٽ کان ڀٽڪي ويو آهي، ۽ هو انهن کي (به) خوب ڄاڻي ٿو جيڪي هدايت وارا آهن.
— مولانا طاھر القادريفَلَا تُطِعِ الْمُكَذِّبِيْنَ 8
پوءِ توهان ڪوڙو چوڻ وارن جي ڳالهه نه مڃو.
— مولانا طاھر القادريوَدُّوْا لَوْ تُدْهِنُ فَيُدْهِنُوْنَ 9
اُهي ته چاهن ٿا ته (دين جي معاملي ۾) توهان (بيجا) نرمي اختيار ڪريو ته اُهي به نرم ٿي پوندا.
— مولانا طاھر القادريوَلَا تُطِعْ كُلَّ حَلَّافٍ مَّهِيْنٍ ۙ10
۽ اوهان ڪنهن اهڙي شخص جي ڳالهه نه مڃو جيڪو گهڻا قسم کڻندڙ انتهائي ذليل آهي.
— مولانا طاھر القادريهَمَّازٍ مَّشَّاۗءٍۢ بِنَمِيْمٍ ۙ11
(جيڪو) مهڻا ڏيندڙ، عيب ڪڍندڙ (آهي ۽) ماڻهن ۾ فساد پکيڙڻ جي لاءِ چغلخوري ڪندو ٿو وتي.
— مولانا طاھر القادريمَّنَّاعٍ لِّلْخَيْرِ مُعْتَدٍ اَثِيْمٍ ۙ12
(جيڪو) ڀلائي جي ڪمن کان گهڻو روڪيندڙ ڪنجوس، حد کان لنگهندڙ سرڪش (۽) سخت گنهگار آهي.
— مولانا طاھر القادريعُتُلٍّۢ بَعْدَ ذٰلِكَ زَنِيْمٍ ۙ13
(جيڪو) بڇڙي طبيعت وارو بد عادت آهي، وڌيڪ اهو ته بد بڻياد (به) آهي.
— مولانا طاھر القادرياَنْ كَانَ ذَا مَالٍ وَّبَنِيْنَ ۭ14
ان لاءِ (سندس ڳالهه کي اهميت نه ڏيو) ته اُهو مالدار ۽ صاحب اولاد آهي.
— مولانا طاھر القادرياِذَا تُتْلٰى عَلَيْهِ اٰيٰتُنَا قَالَ اَسَاطِيْرُ الْاَوَّلِيْنَ 15
جڏهن مٿن اسان جون آيتون تلاوت ڪيون وڃن (ته) چوي ٿو: هي (ته) اڳين ماڻهن جون آکاڻيون آهن.
— مولانا طاھر القادريسَنَسِمُهٗ عَلَي الْخُرْطُوْمِ 16
هاڻي اسان سندس سونڍ جهڙي نڪ تي داغ هڻنداسين.
— مولانا طاھر القادرياِنَّا بَلَوْنٰهُمْ كَـمَا بَلَوْنَآ اَصْحٰبَ الْـجَنَّةِ ۚ اِذْ اَقْسَمُوْا لَيَصْرِمُنَّهَا مُصْبِحِيْنَ ۙ17
بيشڪ اسان انهن (مڪي وارن) کي (اهڙي طرح) آزمائينداسين جيئن اسان (يمن جي) انهن باغن وارن کي آزمايو هو جڏهن انهن قسم کنيو هو ته يقيناً اسان صبح جو سوير ان جا ميوا ٽوڙينداسين.
— مولانا طاھر القادريوَلَا يَسْتَثْنُوْنَ 18
۽ انهن (انشاءَالله چئي يا غريبن جو حصو) جدا نه ڪيو.
— مولانا طاھر القادريفَطَافَ عَلَيْهَا طَاۗىِٕفٌ مِّنْ رَّبِّكَ وَهُمْ نَاۗىِٕمُوْنَ 19
پوءِ توهان جي رب جي طرفان هڪ ڦرڻ واري (عذاب راتو رات) ان (باغ) تي ڦري ويو ۽ اُهي سمهندا ئي رهيا.
— مولانا طاھر القادريفَاَصْبَحَتْ كَالصَّرِيْمِ ۙ20
پوءِ اُهو (لهريون هڻندڙ گلن سان ٽمٽار باغ) صبح جو لڻيل پوک وانگر ٿي ويو.
— مولانا طاھر القادري