067 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 30 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
تَبٰرَكَ الَّذِيْ بِيَدِهِ الْمُلْكُ ۡ وَهُوَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرُ 1ۙ
اُها ذات نهايت بابرڪت آهي جنهن جي (قدرت واري) هٿ ۾ (تمام جهانن جي) بادشاهي آهي، ۽ اُهو هر شيءِ تي پوري طرح قدرت رکندڙ آهي.
— مولانا طاھر القادريۨالَّذِيْ خَلَقَ الْمَوْتَ وَالْحَيٰوةَ لِيَبْلُوَكُمْ اَيُّكُمْ اَحْسَنُ عَمَلًا ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْغَفُوْرُ 2ۙ
جنهن موت ۽ زندگي کي (ان لاءِ) پيدا فرمايو ته اُهو توهان کي آزمائي ته توهان مان عملن جي لحاظ کان ڪير بهتر آهي، ۽ اُهو غالب آهي وڏو بخشڻهار آهي.
— مولانا طاھر القادريالَّذِيْ خَلَقَ سَبْعَ سَمٰوٰتٍ طِبَاقًا ۭ مَا تَرٰى فِيْ خَلْقِ الرَّحْمٰنِ مِنْ تَفٰوُتٍ ۭ فَارْجِعِ الْبَصَرَ ۙ هَلْ تَرٰى مِنْ فُطُوْرٍ 3
جنهن ست (يا ڪيترائي) آسماني گولا باهمي مطابقت سان (طبقن مٿان طبق ڪري) پيدا فرمايا، توهان (خدا) رحمان جي تخليقي نظام ۾ ڪابه بي قاعدگي ۽ اڻ برابري نه ڏسندؤ، پوءِ توهان (غور، فڪر جي) نگاهه ڦيرائي ڏسو، ڇا توهان ان (تخليق) ۾ ڪا ڦوٽ يا خلل (يعني ڀڳ ٽوٽ يا انقطاع) ڏسو ٿا.
— مولانا طاھر القادريثُـمَّ ارْجِعِ الْبَصَرَ كَرَّتَيْنِ يَنْقَلِبْ اِلَيْكَ الْبَصَرُ خَاسِئًا وَّهُوَ حَسِيْرٌ 4
پوءِ توهان (تحقيق جي) نگاهه کي بار بار (مختلف زاوين ۽ سائنسي طريقن سان) ڦيرائي ڏسو، (هر ڀيري) نظر توهان ڏانهن ٿڪجي موٽي ايندي ۽ اُها (ڪوبه عيب ڳولڻ ۾) ناڪام ٿيندي.
— مولانا طاھر القادريوَلَقَدْ زَيَّنَّا السَّمَاۗءَ الدُّنْيَا بِمَصَابِيْحَ وَجَعَلْنٰهَا رُجُوْمًا لِّلشَّـيٰطِيْنِ وَاَعْتَدْنَا لَهُمْ عَذَابَ السَّعِيْرِ 5
۽ بيشڪ اسان سڀ کان ويجهي آسماني ڪائنات کي (تارن، سيارن، ٻين خلائي گولن ۽ ذرن جي شڪل ۾) ڏيئن سان سينگاري ڇڏيو آهي، ۽ اسان انهن (مان ئي ڪن) کي شيطانن (يعني سرڪش قوتن) کي ماري ڀڄائڻ (يعني انهن جا ناڪاري اثر ختم ڪرڻ) جو ذريعو (به) بڻايو آهي، ۽ اسان انهن (شيطانن) جي لاءِ ٻرندڙ باهه جو عذاب تيار ڪري رکيو آهي.
— مولانا طاھر القادريوَلِلَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِرَبِّهِمْ عَذَابُ جَهَنَّمَ ۭ وَبِئْسَ الْمَصِيْرُ 6
۽ اهڙن ماڻهن جي لاءِ جن پنهنجي رب جو انڪار ڪيو دوزخ جو عذاب آهي، ۽ اهو ڪهڙو نه برو ٺڪاڻو آهي.
— مولانا طاھر القادرياِذَآ اُلْقُوْا فِيْهَا سَمِعُوْا لَهَا شَهِيْقًا وَّهِىَ تَفُوْرُ 7ۙ
جڏهن هو ان ۾ وڌا ويندا ته ان جو خوفناڪ آواز ٻڌندا ۽ اُها (باهه) جوش هڻي رهي هوندي.
— مولانا طاھر القادريتَكَادُ تَمَــيَّزُ مِنَ الْغَيْظِ ۭ كُلَّمَآ اُلْقِيَ فِيْهَا فَوْجٌ سَاَلَهُمْ خَزَنَــتُهَآ اَلَمْ يَاْتِكُمْ نَذِيْرٌ 8
ڄڻ (اجهو) سخت ڪاوڙ مان ڦاٽي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندي، جڏهن ان ۾ ڪنهن ٽولي کي داخل ڪيو ويندو ته ان جا داروغا کانئن پڇندا: ڇا توهان وٽ ڪو ڊيڄاريندڙ نه آيو هو؟
— مولانا طاھر القادريقَالُوْا بَلٰي قَدْ جَاۗءَنَا نَذِيْرٌ ڏ فَكَذَّبْنَا وَقُلْنَا مَا نَزَّلَ اللّٰهُ مِنْ شَيْءٍ ښ اِنْ اَنْتُمْ اِلَّا فِيْ ضَلٰلٍ كَبِيْرٍ 9
اُهي چوندا: ڇونه! بيشڪ اسان وٽ ڊيڄاريندڙ آيو هو پوءِ اسان ڪوڙو سمجهيو ۽ اسان چيو ته الله ڪابه شيءِ نازل نه ڪئي آهي، تون ته فقط وڏي گمراهي ۾ (پيل) آهين.
— مولانا طاھر القادريوَقَالُوْا لَوْ كُنَّا نَسْمَعُ اَوْ نَعْقِلُ مَا كُنَّا فِيْٓ اَصْحٰبِ السَّعِيْرِ 10
۽ چوندا: جيڪڏهن اسان (حق کي) ٻڌون يا سمجهون ها ته اسان (اڄ) جهنم وارن ۾ (شامل) نه هجون ها.
— مولانا طاھر القادريفَاعْتَرَفُوْا بِذَنْۢبِهِمْ ۚ فَسُحْقًا لِّاَصْحٰبِ السَّعِيْرِ 11
پوءِ اُهي پنهنجي گناهه جو اعتراف ڪندا، پوءِ دوزخ وارن جي لاءِ (الله جي رحمت کان) دوري (مقرر) آهي.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ الَّذِيْنَ يَخْشَوْنَ رَبَّهُمْ بِالْغَيْبِ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّاَجْرٌ كَبِيْرٌ 12
بيشڪ جيڪي ماڻهو بنا ڏسڻ جي پنهنجي رب کان ڊڄن ٿا انهن جي لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آهي.
— مولانا طاھر القادريوَاَسِرُّوْا قَوْلَكُمْ اَوِ اجْهَرُوْا بِهٖ ۭ اِنَّهٗ عَلِيْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ 13
۽ توهان پنهنجي ڳالهه لڪائي چئو يا ان کي وڏي آواز سان چئو يقيناً اُهو دلين جي (لڪل) ڳالهين کي (به) ڄاڻي ٿو.
— مولانا طاھر القادرياَلَا يَعْلَمُ مَنْ خَلَقَ ۭ وَهُوَ اللَّطِيْفُ الْخَبِيْرُ ۧ14
ڀلا جنهن پيدا ڪيو آهي اُهو نٿو ڄاڻي؟ حالانڪه اُهو وڏو باريڪ ڏسندڙ (هر شيءِ کان) خبردار آهي.
— مولانا طاھر القادريهُوَ الَّذِيْ جَعَلَ لَكُمُ الْاَرْضَ ذَلُوْلًا فَامْشُوْا فِيْ مَنَاكِبِهَا وَكُلُوْا مِنْ رِّزْقِهٖ ۭ وَاِلَيْهِ النُّشُوْرُ 15
اُهوئي آهي جنهن توهان جي لاءِ زمين کي نرم ۽ تابع ڪيو، پوءِ توهان ان جي رستن ۾ گهمو ڦرو، ۽ ان جي (ڏنل) رزق مان کائو، ۽ ان جي ئي طرف (مرڻ کان پوءِ) اُٿي وڃڻو آهي.
— مولانا طاھر القادريءَاَمِنْتُمْ مَّنْ فِي السَّمَاۗءِ اَنْ يَّخْسِفَ بِكُمُ الْاَرْضَ فَاِذَا هِيَ تَمُوْرُ ۙ16
ڇا توهان آسمان واري (رب) کان بي خوف ٿي ويا آهيو ته اهو توهان کي زمين ۾ غرق ڪري ڇڏي (اهڙي طرح) جو اُهو اچانڪ ڌڏڻ لڳي.
— مولانا طاھر القادرياَمْ اَمِنْتُمْ مَّنْ فِي السَّمَاۗءِ اَنْ يُّرْسِلَ عَلَيْكُمْ حَاصِبًا ۭ فَسَتَعْلَمُوْنَ كَيْفَ نَذِيْرِ 17
ڇا توهان آسمان واري (رب) کان بي خوف ٿي ويا آهيو جو اُهو توهان تي پٿر وسائيندڙ هوا موڪلي؟ پوءِ توهان سگهوئي ڄاڻي وٺندؤ ته منهنجو ڊيڄارڻ ڪيئن آهي.
— مولانا طاھر القادريوَلَقَدْ كَذَّبَ الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ فَكَيْفَ كَانَ نَكِيْرِ 18
۽ بيشڪ انهن ماڻهن (به) ڪوڙو چيو هو جيڪي انهن کان اڳ هئا، پوءِ منهنجو انڪار ڪهڙو (عبرتناڪ ثابت) ٿيو.
— مولانا طاھر القادرياَوَلَمْ يَرَوْا اِلَى الطَّيْرِ فَوْقَهُمْ صٰۗفّٰتٍ وَّيَقْبِضْنَ ڪ مَا يُمْسِكُـهُنَّ اِلَّا الرَّحْـمٰنُ ۭ اِنَّهٗ بِكُلِّ شَيْءٍۢ بَصِيْرٌ 19
ڇا انهن پکين کي پنهنجي مٿان پر پکيڙيندي ۽ (ڪڏهن) پر بند ڪندي نه ڏٺو آهي؟ انهن کي (فِضا ۾ ڪِرڻ کان) ڪوبه نٿو روڪي سگهي سواءِ رحمان جي (بڻايل قانون جي)، بيشڪ اهو هر شيءِ کي خوب ڏسندڙ آهي.
— مولانا طاھر القادرياَمَّنْ هٰذَا الَّذِيْ هُوَ جُنْدٌ لَّكُمْ يَنْصُرُكُمْ مِّنْ دُوْنِ الرَّحْمٰنِ ۭ اِنِ الْكٰفِرُوْنَ اِلَّا فِيْ غُرُوْرٍ ۚ20
ڀلا ڪو اهڙو آهي جيڪو توهان جي فوج بڻجي (خدا) رحمان جي مقابلي ۾ توهان جي مدد ڪري؟ ڪافر صرف دوکي ۾ (مبتلا) آهن.
— مولانا طاھر القادري