066 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 12 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
يٰٓاَيُّهَا النَّبِيُّ لِمَ تُحَرِّمُ مَآ اَحَلَّ اللّٰهُ لَكَ ۚ تَبْتَغِيْ مَرْضَاتَ اَزْوَاجِكَ ۭ وَاللّٰهُ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 1
اي نبي (مڪرم!) توهان پاڻ کي ان شيءِ (يعني ماکي کائڻ) کان ڇو ٿا روڪيو جنهن کي الله توهان جي لاءِ حلال فرمايو آهي. توهان پنهنجي گهروارين جي (ايتري قدر) دلجوئي فرمايو ٿا، ۽ الله وڏو بخشيندڙ نهايت مهربان آهي.
— مولانا طاھر القادريقَدْ فَرَضَ اللّٰهُ لَكُمْ تَحِلَّةَ اَيْمَانِكُمْ ۚ وَاللّٰهُ مَوْلٰىكُمْ ۚ وَهُوَ الْعَلِيْمُ الْحَكِيْمُ 2
(اي مومنو!) بيشڪ الله توهان جي لاءِ توهان جي قسمن جو (ڪفارو ڏيئي) کولي ڇڏڻ مقرر فرمايو آهي. ۽ الله توهان جو مددگار ۽ ڪارساز آهي، ۽ اهو خوب ڄاڻندڙ وڏي حڪمت وارو آهي.
— مولانا طاھر القادريوَاِذْ اَسَرَّ النَّبِيُّ اِلٰى بَعْضِ اَزْوَاجِهٖ حَدِيْثًا ۚ فَلَمَّا نَبَّاَتْ بِهٖ وَاَظْهَرَهُ اللّٰهُ عَلَيْهِ عَرَّفَ بَعْضَهٗ وَاَعْرَضَ عَنْۢ بَعْضٍ ۚ فَلَمَّا نَبَّاَهَا بِهٖ قَالَتْ مَنْ اَنْۢبَاَكَ هٰذَا ۭ قَالَ نَبَّاَنِيَ الْعَلِيْمُ الْخَبِيْرُ 3
۽ جڏهن نبي (مڪرم صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) پنهنجي هڪ گهرواري سان هڪ راز واري ڳالهه ارشاد فرمائي، پوءِ جڏهن اها ان (ڳالهه) جو ذڪر ڪري ويٺي ۽ الله نبي(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) تي ان کي ظاهر فرمايو ته نبي(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) ان کي ان جو ڪجهه حصو ٻڌايائون ۽ ڪجهه حصو (ٻڌائڻ) کان چشم پوشي فرمايائون، پوءِ جڏهن نبي(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) ان کي ان جي خبر ڏني (ته توهان راز کوليو آهي) ته اُها چوڻ لڳي: توهان کي اِهو ڪنهن ٻڌايو آهي؟ نبي(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) فرمايو ته مون کي وڏي علم واري وڏي آگاهي واري (رب) ٻڌايو آهي.
— مولانا طاھر القادرياِنْ تَتُوْبَآ اِلَى اللّٰهِ فَقَدْ صَغَتْ قُلُوْبُكُمَا ۚ وَاِنْ تَظٰهَرَا عَلَيْهِ فَاِنَّ اللّٰهَ هُوَ مَوْلٰىهُ وَجِبْرِيْلُ وَصَالِحُ الْمُؤْمِنِيْنَ ۚ وَالْمَلٰۗىِٕكَةُ بَعْدَ ذٰلِكَ ظَهِيْرٌ 4
جيڪڏهن توهان ٻئي الله جي بارگاهه ۾ توبه ڪريو (ته توهان جي لاءِ بهتر آهي) ڇوته توهان ٻنهي جون دليون (هڪ ئي ڳالهه ڏانهن) جهڪي ويون آهن، جيڪڏهن توهان ٻنهي ان ڳالهه تي هڪٻئي جي مدد ڪئي (ته اِهو نبي مڪرم صلي الله عليه وآلہٖ وسلم جي لاءِ ڏک جو باعث ٿي سگهي ٿو) ته بيشڪ الله ئي ان جو دوست ۽ مددگار آهي، ۽ جبريل ۽ صالح مومن به ۽ ان کان پوءِ (سمورا) ملائڪ به (ان جا) مددگار آهن.
— مولانا طاھر القادريعَسٰى رَبُّهٗ ٓ اِنْ طَلَّقَكُنَّ اَنْ يُّبْدِلَهٗ ٓ اَزْوَاجًا خَيْرًا مِّنْكُنَّ مُسْلِمٰتٍ مُّؤْمِنٰتٍ قٰنِتٰتٍ تٰۗىِٕبٰتٍ عٰبِدٰتٍ سٰۗىِٕحٰتٍ ثَيِّبٰتٍ وَّاَبْكَارًا 5
جيڪڏهن اهي توهان کي طلاق ڏين ته عجب ناهي ته سندن رب کين توهان کان بهتر گهرواريون بدلي ۾ عطا فرمائي (جيڪي) فرمانبردار، ايماندار، اطاعت گذار، توبه ڪندڙ، عبادت گذار، روزيدار، (ڪجهه) مڙس ماڻيل ۽ (ڪجهه) ڪنواريون هونديون.
— مولانا طاھر القادرييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا قُوْٓا اَنْفُسَكُمْ وَاَهْلِيْكُمْ نَارًا وَّقُوْدُهَا النَّاسُ وَالْحِجَارَةُ عَلَيْهَا مَلٰۗىِٕكَةٌ غِلَاظٌ شِدَادٌ لَّا يَعْصُوْنَ اللّٰهَ مَآ اَمَرَهُمْ وَيَفْعَلُوْنَ مَا يُؤْمَرُوْنَ 6
اي ايمان وارؤ! پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي اهل و عيال کي ان باهه کان بچايو جنهن جو ٻارڻ انسان ۽ پٿر آهن، جنهن تي سخت طبيعت طاقتور ملائڪ (مقرر) آهن جيڪي ڪنهن به معاملي ۾ جنهن جو هو کين حڪم ڏئي ٿو الله جي نافرماني نٿا ڪن ۽ اُهوئي ڪم سرانجام ڏين ٿا جنهن جو کين حڪم ڏنو وڃي ٿو.
— مولانا طاھر القادرييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَا تَعْتَذِرُوا الْيَوْمَ ۭ اِنَّـمَا تُجْزَوْنَ مَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ 7ۧ
اي ڪافرؤ! اڄ جي ڏينهن ڪوبه عذر پيش نه ڪريو، بس توهان کي انهيءَ جو بدلو ڏنو ويندو جيڪو ڪندا رهيا هئا.
— مولانا طاھر القادرييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا تُوْبُوْٓا اِلَى اللّٰهِ تَوْبَةً نَّصُوْحًا ۭ عَسٰى رَبُّكُمْ اَنْ يُّكَفِّرَ عَنْكُمْ سَيِّاٰتِكُمْ وَيُدْخِلَكُمْ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ۙ يَوْمَ لَا يُخْزِي اللّٰهُ النَّبِيَّ وَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا مَعَهٗ ۚ نُوْرُهُمْ يَسْعٰى بَيْنَ اَيْدِيْهِمْ وَبِاَيْمَانِهِمْ يَقُوْلُوْنَ رَبَّنَآ اَتْمِمْ لَنَا نُوْرَنَا وَاغْفِرْ لَنَا ۚ اِنَّكَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 8
اي ايمان وارؤ! توهان الله جي حضور ڪامل رجوع سان خالص توبه ڪريو، يقين آهي ته توهان جو رب توهان کان توهان جون خطائون دور فرمائيندو ۽ توهان کي بهشتن ۾ داخل فرمائيندو جن جي هيٺان نهرون جاري آهن جنهن ڏينهن الله (پنهنجي) نبي(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) کي ۽ انهن ايمان وارن کي جيڪي ان جي (ظاهري يا باطني) ساٿ ۾ آهن خوار نه ڪندو، انهن جو نور انهن جي اڳيان ۽ انهن جي ساڄي طرف (روشني ڏيندي) تيزي سان هلي رهيو هوندو اُهي عرض پيا ڪندا: اي اسان جا رب! اسان جو نور اسان جي لاءِ مڪمل فرماءِ ۽ اسان جي بخشش فرماءِ، بيشڪ تون هر شيءِ تي وڏي قدرت رکندڙ آهين.
— مولانا طاھر القادرييٰٓاَيُّهَا النَّبِيُّ جَاهِدِ الْكُفَّارَ وَالْمُنٰفِقِيْنَ وَاغْلُظْ عَلَيْهِمْ ۭ وَمَاْوٰىهُمْ جَهَنَّمُ ۭ وَبِئْسَ الْمَصِيْرُ 9
اي نبي (مڪرم!) توهان ڪافرن ۽ منافقن سان جهاد ڪريو (جن توهان جي خلاف چڙهائي، فتنو فساد ۽ سازشون شروع ڪري ڏنيون اٿن) ۽ انهن تي سختي فرمايو، ۽ انهن جو ٺڪاڻو جهنم آهي ۽ اهو ڪهڙو نه برو ٺڪاڻو آهي.
— مولانا طاھر القادريضَرَبَ اللّٰهُ مَثَلًا لِّلَّذِيْنَ كَفَرُوا امْرَاَتَ نُوْحٍ وَّامْرَاَتَ لُوْطٍ ۭ كَانَتَا تَـحْتَ عَبْدَيْنِ مِنْ عِبَادِنَا صَالِحَيْنِ فَخَانَتٰهُمَا فَلَمْ يُغْنِيَا عَنْهُمَا مِنَ اللّٰهِ شَيْــــًٔا وَّقِيْلَ ادْخُلَا النَّارَ مَعَ الدّٰخِلِيْنَ 10
الله انهن ماڻهن جي لاءِ جن ڪفر ڪيو آهي نوح (عليه السلام) جي عورت (واعله) ۽ لوط (عليه السلام) جي عورت (واهله) جو مثال بيان فرمايو آهي، اُهي ٻئي اسان جي ٻانهن مان ٻن نيڪ ٻانهن جي نڪاح ۾ هيون، پوءِ ٻنهي انهن سان خيانت ڪئي پوءِ اُهي الله (جي عذاب) جي آڏو کين ڪجهه ڪم نه آيا ۽ انهن کي چيو ويو ته توهان ٻئي (عورتون) داخل ٿيڻ وارن سان گڏ دوزخ ۾ داخل ٿي وڃو.
— مولانا طاھر القادريوَضَرَبَ اللّٰهُ مَثَلًا لِّلَّذِيْنَ اٰمَنُوا امْرَاَتَ فِرْعَوْنَ ۘ اِذْ قَالَتْ رَبِّ ابْنِ لِيْ عِنْدَكَ بَيْتًا فِي الْـجَنَّةِ وَنَجِّــنِيْ مِنْ فِرْعَوْنَ وَعَمَلِهٖ وَنَجِّــنِيْ مِنَ الْقَوْمِ الظّٰلِمِيْنَ ۙ11
۽ الله انهن ماڻهن جي لاءِ جن ايمان آندو آهي فرعون جي گهرواري (آسيه ڌيءَ مزاحم) جو مثال بيان فرمايو آهي، جڏهن ان عرض ڪيو: اي منهنجا رب! تون منهنجي لاءِ بهشت ۾ پاڻ وٽ هڪ گهر بڻاءِ. ۽ مون کي فرعون ۽ سندس (بري) عمل کان ڇوٽڪارو ڏئي ۽ مون کي ظالم قوم کان (به) بچاءِ.
— مولانا طاھر القادريوَمَرْيَـمَ ابْنَتَ عِمْرٰنَ الَّتِيْٓ اَحْصَنَتْ فَرْجَهَا فَنَفَخْنَا فِيْهِ مِنْ رُّوْحِنَا وَصَدَّقَتْ بِكَلِمٰتِ رَبِّهَا وَكُتُبِهٖ وَكَانَتْ مِنَ الْقٰنِتِيْنَ ۧ12
۽ (ٻيو مثال) عمران جي ڌيءَ مريم جو (بيان فرمايو آهي) جنهن پنهنجي عزت ۽ پاڪدامني جي چڱيءَ طرح حفاظت ڪئي ته اسان (سندس) گريبان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيو ۽ ان پنهنجي رب جي فرمانن ۽ ان جي (نازل ڪيل) ڪتابن جي تصديق ڪئي ۽ هوءَ فرمانبردارن مان هئي.
— مولانا طاھر القادري