063 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 11 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
اِذَا جَاۗءَكَ الْمُنٰفِقُوْنَ قَالُوْا نَشْهَدُ اِنَّكَ لَرَسُوْلُ اللّٰهِ ۘ وَاللّٰهُ يَعْلَمُ اِنَّكَ لَرَسُوْلُهٗ ۭ وَاللّٰهُ يَشْهَدُ اِنَّ الْمُنٰفِقِيْنَ لَكٰذِبُوْنَ 1ۚ
(اي حبيب مڪرم!) جڏهن منافق توهان وٽ اچن ٿا ته چون ٿا اسان شاهدي ڏيون ٿا ته يقيناً توهان الله جا رسول آهيو، ۽ الله ڄاڻي ٿو ته يقيناً توهان ان جا رسول آهيو، ۽ الله شاهدي ڏي ٿو ته يقيناً منافق ڪوڙا آهن.
— مولانا طاھر القادرياِتَّخَذُوْٓا اَيْمَانَهُمْ جُنَّةً فَصَدُّوْا عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ ۭ اِنَّهُمْ سَاۗءَ مَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 2
انهن پنهنجي قسمن کي ڍال بڻائي ورتو آهي پوءِ اِهي (ماڻهن کي) الله جي واٽ کان روڪين ٿا، بيشڪ اُهو تمام برو (ڪم) آهي. جيڪو اِهي ڪن ٿا.
— مولانا طاھر القادريذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ اٰمَنُوْا ثُـمَّ كَفَرُوْا فَطُبِــعَ عَلٰي قُلُوْبِهِمْ فَهُمْ لَا يَفْقَهُوْنَ 3
اِهو هن ڪري جو انهن (زبان سان) ايمان آندو پوءِ (دل سان) ڪافر رهيا تنهنڪري سندن دلين تي مهر هنئي ويئي آهي تنهنڪري اُهي (ڪجهه) نٿا سمجهن.
— مولانا طاھر القادريوَاِذَا رَاَيْتَهُمْ تُعْجِبُكَ اَجْسَامُهُمْ ۭ وَاِنْ يَّقُوْلُوْا تَسْمَعْ لِقَوْلِهِمْ ۭ كَاَنَّهُمْ خُشُبٌ مُّسَنَّدَةٌ ۭ يَحْسَبُوْنَ كُلَّ صَيْحَةٍ عَلَيْهِمْ ۭ هُمُ الْعَدُوُّ فَاحْذَرْهُمْ ۭ قٰتَلَهُمُ اللّٰهُ ۡ اَنّٰى يُؤْفَكُوْنَ 4
(اي ٻانها!) جڏهن تون انهن کي ڏسندين ته سندن جسم (۽ قد ڪاٺ) توکي وڻندا، ۽ جيڪڏهن اُهي ڳالهائين ته انهن جي گفتگو تون غور سان ٻڌين (يعني توکي ائين معقول ڏسڻ ۾ اچن، مگر حقيقت اِها آهي ته) اُهي ڄڻ ديوار جي سهاري بيٺل ڪاٺيون آهن اُهي هر وڏي آواز کي پنهنجي مٿان (مصيبت ۽ آفت) سمجهن ٿا، اُهي ئي (منافق توهان جا) دشمن آهن تنهنڪري انهن کان بچندا رهو، الله کين تباهه ڪري اُهي ڪٿي ڀٽڪندا وتن ٿا.
— مولانا طاھر القادريوَاِذَا قِيْلَ لَهُمْ تَعَالَوْا يَسْتَغْفِرْ لَكُمْ رَسُوْلُ اللّٰهِ لَوَّوْا رُءُوْسَهُمْ وَرَاَيْتَهُمْ يَصُدُّوْنَ وَهُمْ مُّسْـتَكْبِرُوْنَ 5
۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته اچو رسول الله(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) توهان جي لاءِ بخشش گهرن ته اِهي (منافق گستاخي مان) پنهنجا مٿا ڇنڊي ڦيري ڇڏين ٿا ۽ توهان انهن کي ڏسو ٿا ته اُهي وڏائي ڪندي (توهان جي خدمت ۾ اچڻ کان) ڀڄن ٿا.
— مولانا طاھر القادريسَوَاۗءٌ عَلَيْهِمْ اَسْتَغْفَرْتَ لَهُمْ اَمْ لَمْ تَسْتَغْفِرْ لَهُمْ ۭ لَنْ يَّغْفِرَ اللّٰهُ لَهُمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الْفٰسِقِيْنَ 6
اِنهن (بدبخت گستاخان رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) جي لاءِ برابر آهي ته توهان انهن جي لاءِ معافي گهرو يا توهان انهن جي لاءِ معافي نه گهرو، الله انهن کي (ته) هرگز نه بخشيندو (ڇوته اِهي توهان تي اعتراض ڪندڙ ۽ اوهان کان بي رخي ۽ وڏائي ڪندڙ آهن). بيشڪ الله نافرمان ماڻهن کي هدايت نٿو فرمائي.
— مولانا طاھر القادريهُمُ الَّذِيْنَ يَقُوْلُوْنَ لَا تُنْفِقُوْا عَلٰي مَنْ عِنْدَ رَسُوْلِ اللّٰهِ حَتّٰى يَنْفَضُّوْا ۭ وَلِلّٰهِ خَزَاۗىِٕنُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَلٰكِنَّ الْمُنٰفِقِيْنَ لَا يَفْقَهُوْنَ 7
(اي حبيب مڪرم!) اِهي ئي اُهي ماڻهو آهن جيڪي (توهان سان دشمني ۽ عناد جي ڪري) اهو (به) چون ٿا ته جيڪي (درويش ۽ فقير) رسول الله (صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) جي خدمت ۾ رهن ٿا انهن تي خرچ نه ڪريو (يعني انهن جي مالي مدد نه ڪريو) تانجو اُهي (سڀئي کيس ڇڏي) ڀڄي وڃن (پکڙي وڃن)، حالانڪه آسمانن ۽ زمين جا سمورا خزانا الله جا ئي آهن پر منافق نٿا سمجهن.
— مولانا طاھر القادرييَقُوْلُوْنَ لَىِٕنْ رَّجَعْنَآ اِلَى الْمَدِيْنَةِ لَيُخْرِجَنَّ الْاَعَزُّ مِنْهَا الْاَذَلَّ ۭ وَلِلّٰهِ الْعِزَّةُ وَلِرَسُوْلِهٖ وَلِلْمُؤْمِنِيْنَ وَلٰكِنَّ الْمُنٰفِقِيْنَ لَا يَعْلَمُوْنَ 8ۧ
اهي چون ٿا: جيڪڏهن (هاڻي) اسان مديني واپس ٿياسين ته (اسان) عزت وارا اُتان ذلت وارن (يعني مسلمانن) کي ٻاهر ڪڍي ڇڏينداسين، حالانڪه عزت ته صرف الله جي لاءِ ۽ ان جي رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) جي لاءِ ۽ مومنن جي لاءِ آهي پر منافق (ان حقيقت کي) نٿا ڄاڻن.
— مولانا طاھر القادرييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا تُلْهِكُمْ اَمْوَالُكُمْ وَلَآ اَوْلَادُكُمْ عَنْ ذِكْرِ اللّٰهِ ۚ وَمَنْ يَّفْعَلْ ذٰلِكَ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْخٰسِرُوْنَ 9
اي ايمان وارؤ! توهان جا مال ۽ توهان جو اولاد (متان) توهان کي الله جي ياد کان ئي غافل نه ڪري ڇڏين، ۽ جيڪو ائين ڪندو ته اُهي ئي نقصان کڻڻ وارا آهن.
— مولانا طاھر القادريوَاَنْفِقُوْا مِنْ مَّا رَزَقْنٰكُمْ مِّنْ قَبْلِ اَنْ يَّاْتِيَ اَحَدَكُمُ الْمَوْتُ فَيَقُوْلَ رَبِّ لَوْلَآ اَخَّرْتَنِيْٓ اِلٰٓى اَجَلٍ قَرِيْبٍ ۙ فَاَصَّدَّقَ وَاَكُنْ مِّنَ الصّٰلِحِيْنَ 10
۽ توهان ان (مال) مان جيڪو اسان توهان کي عطا ڪيو آهي (الله جي واٽ ۾) خرچ ڪريو ان کان اڳي جو توهان مان ڪنهن کي موت اچي پوءِ اُهو چوي: اي منهنجا رب! تو مون کي ٿوري مدت تائين ٻي مهلت ڇونه ڏنئي ته آئون صدقو ۽ خيرات ڪري وٺان ها ۽ نيڪن مان ٿيان.
— مولانا طاھر القادريوَلَنْ يُّؤَخِّرَ اللّٰهُ نَفْسًا اِذَا جَاۗءَ اَجَلُهَا ۭ وَاللّٰهُ خَبِيْرٌۢ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ ۧ11
۽ الله ڪڏهن به ڪنهن کي مهلت نه ڏيندو آهي جڏهن ان جي موت جو وقت اچي ويندو آهي، ۽ الله انهن ڪمن کان خوب واقف آهي جيڪي توهان ڪريو ٿا.
— مولانا طاھر القادري