061 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 14 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
سَبَّحَ لِلّٰهِ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ ۚ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 1
جيڪو ڪجهه آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو ڪجهه زمين ۾ آهي (سڀئي) الله جي تسبيح ڪن ٿا، ۽ اُهو وڏي عزت ۽ غلبي وارو وڏي حڪمت وارو آهي.
— مولانا طاھر القادرييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لِمَ تَقُوْلُوْنَ مَا لَا تَفْعَلُوْنَ 2
اي ايمان وارؤ! توهان اُهي ڳالهيون ڇو ٿا چئو جيڪي توهان نٿا ڪريو.
— مولانا طاھر القادريكَبُرَ مَقْتًا عِنْدَ اللّٰهِ اَنْ تَقُوْلُوْا مَا لَا تَفْعَلُوْنَ 3
الله وٽ تمام سخت ناپسند ڳالهه اها آهي ته توهان اُها ڳالهه چئو جيڪا پاڻ نٿا ڪريو.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الَّذِيْنَ يُقَاتِلُوْنَ فِيْ سَبِيْلِهٖ صَفًّا كَاَنَّهُمْ بُنْيَانٌ مَّرْصُوْصٌ 4
بيشڪ الله انهن ماڻهن کي پسند فرمائي ٿو جيڪي (دهشتگردي ۽ ظلم جي خاتمي، امن جي قيام ۽ انسانيت جي عزت لاءِ) ان جي واٽ ۾ (ائين) صفون ٻڌي وڙهن ٿا ڄڻ اُهي شيهو پلٽيل ديوار هجن.
— مولانا طاھر القادريوَاِذْ قَالَ مُوْسٰى لِقَوْمِهٖ يٰقَوْمِ لِمَ تُؤْذُوْنَنِيْ وَقَدْ تَّعْلَمُوْنَ اَنِّىْ رَسُوْلُ اللّٰهِ اِلَيْكُمْ ۭ فَلَمَّا زَاغُوْٓا اَزَاغَ اللّٰهُ قُلُوْبَهُمْ ۭ وَاللّٰهُ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الْفٰسِقِيْنَ 5
۽ (اي حبيب اهو وقت ياد ڪريو!) جڏهن موسيٰ (عليه السلام) پنهنجي قوم کي چيو: اي منهنجو قوم! توهان مون کي ڇو ٿا ايذائيو حالانڪه توهان ڄاڻو ٿا ته آئون توهان ڏانهن الله جو موڪليل (رسول) آهيان. پوءِ جڏهن انهن ڏنگائي جاري رکي ته الله انهن جي دلين کي ڏنگو ڪري ڇڏيو، ۽ الله نافرمان ماڻهن کي هدايت نٿو فرمائي.
— مولانا طاھر القادريوَاِذْ قَالَ عِيْسَى ابْنُ مَرْيَـمَ يٰبَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ اِنِّىْ رَسُوْلُ اللّٰهِ اِلَيْكُمْ مُّصَدِّقًا لِّمَا بَيْنَ يَدَيَّ مِنَ التَّوْرٰىةِ وَمُبَشِّرًۢا بِرَسُوْلٍ يَّاْتِيْ مِنْۢ بَعْدِي اسْمُهٗ ٓ اَحْمَدُ ۭ فَلَمَّا جَاۗءَهُمْ بِالْبَيِّنٰتِ قَالُوْا هٰذَا سِحْــرٌ مُّبِيْنٌ 6
۽ (اُهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن عيسٰي بن مريم (عليهما السلام) چيو: اي بني اسرائيلؤ! بيشڪ آئون توهان ڏانهن الله جو موڪليل (رسول) آهيان، پاڻ کان اڳئين ڪتاب تورات جي تصديق ڪندڙ آهيان ۽ ان رسول (معظم صلي الله عليه وآلہٖ وسلم جي آمد آمد) جي خوشخبري ٻڌائيندڙ آهيان جيڪو مون کان پوءِ تشريف آڻڻ وارو آهي جنهن جو نالو (آسمانن ۾ هن وقت) احمد (صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) آهي، پوءِ جڏهن اُهو (رسول آخرالزمان صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) وٽن پڌريون نشانيون کڻي تشريف فرما ٿيو ته انهن چيو: هي ته پڌرو جادو آهي.
— مولانا طاھر القادريوَمَنْ اَظْلَمُ مِـمَّنِ افْتَرٰى عَلَي اللّٰهِ الْكَذِبَ وَهُوَ يُدْعٰٓى اِلَى الْاِسْلَامِ ۭ وَاللّٰهُ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الظّٰلِمِيْنَ 7ۚ
ان ماڻهو کان وڌيڪ ظالم ڪير ٿي سگهي ٿو جيڪو الله تي ڪوڙو بهتان گهڙي حالانڪه ان کي اسلام ڏانهن سڏيو پيو وڃي، ۽ الله ظالمن کي هدايت نٿو فرمائي.
— مولانا طاھر القادرييُرِيْدُوْنَ لِيُطْفِــــُٔـوْا نُوْرَ اللّٰهِ بِاَفْوَاهِهِمْ ۭ وَاللّٰهُ مُتِمُّ نُوْرِهٖ وَلَوْ كَرِهَ الْكٰفِرُوْنَ 8
هي (حق جا منڪر) چاهن ٿا ته اُهي الله جي نور کي پنهنجي منهن (جي ڦوڪن) سان وسائين، جڏهن ته الله پنهنجي نور کي پورو فرمائڻ وارو آهي جيتوڻيڪ ڪافر ڪيتروئي ناپسند ڪن.
— مولانا طاھر القادريهُوَ الَّذِيْٓ اَرْسَلَ رَسُوْلَهٗ بِالْهُدٰى وَدِيْنِ الْحَقِّ لِيُظْهِرَهٗ عَلَي الدِّيْنِ كُلِّهٖ ۙ وَلَوْ كَرِهَ الْمُشْرِكُوْنَ 9ۧ
اُهوئي آهي جنهن پنهنجي رسول (صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) کي هدايت ۽ حق جو دين ڏيئي موڪليو ته جيئن ان کي سڀني دينن تي غالب ۽ مٿانهون ڪري، کڻي مشرڪ ڪيترو ئي ناپسند ڪن.
— مولانا طاھر القادرييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا هَلْ اَدُلُّكُمْ عَلٰي تِجَارَةٍ تُنْجِيْكُمْ مِّنْ عَذَابٍ اَلِيْمٍ 10
اي ايمان وارؤ! ڇا مان توهان کي هڪ اهڙو واپار ٻڌايان جيڪو توهان کي دردناڪ عذاب کان بچائي؟
— مولانا طاھر القادريتُؤْمِنُوْنَ بِاللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖ وَتُجَاهِدُوْنَ فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ بِاَمْوَالِكُمْ وَاَنْفُسِكُمْ ۭ ذٰلِكُمْ خَيْرٌ لَّكُمْ اِنْ كُنْتُمْ تَعْلَمُوْنَ ۙ11
(اُهو هي آهي ته) توهان الله تي ۽ ان جي رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) تي (ڪامل) ايمان رکو ۽ الله جي واٽ ۾ پنهنجي مال ۽ جان سان جهاد ڪريو، اِهوئي توهان جي حق ۾ بهتر آهي جيڪڏهن توهان ڄاڻو ٿا.
— مولانا طاھر القادرييَغْفِرْ لَكُمْ ذُنُوْبَكُمْ وَيُدْخِلْكُمْ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ وَمَسٰكِنَ طَيِّبَةً فِيْ جَنّٰتِ عَدْنٍ ۭ ذٰلِكَ الْفَوْزُ الْعَظِيْمُ ۙ12
اُهو توهان جي گناهن کي بخش ڪندو ۽ توهان کي جنتن ۾ داخل فرمائيندو جن جي هيٺان نهرون جاري هونديون ۽ نهايت عاليشان رهائشگاهن ۾ (رهائيندو) جيڪي عدن جي جنتن (يعني هميشه رهڻ جي جنتن) ۾ آهن، اِها ئي زبردست ڪاميابي آهي.
— مولانا طاھر القادريوَّاُخْرٰى تُحِبُّوْنَهَا ۭ نَصْرٌ مِّنَ اللّٰهِ وَفَتْحٌ قَرِيْبٌ ۭ وَبَشِّرِ الْمُؤْمِنِيْنَ 13
۽ (ان آخرت جي نعمت کان علاوه) هڪ ٻي دنيوي نعمت به عطا فرمائيندو). جنهن کي توهان تمام گهڻو چاهيو ٿا، (اُها) الله جي طرفان مدد ۽ جلدي ملڻ واري فتح آهي، (اي نبي مڪرم!) توهان مومنن کي خوشخبري ٻڌايو (هي مڪي جي فتح ۽ فارس، روم جي فتحن جي صورت ۾ ظاهر ٿي).
— مولانا طاھر القادرييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا كُوْنُوْٓا اَنْصَارَ اللّٰهِ كَـمَا قَالَ عِيْسَى ابْنُ مَرْيَـمَ لِلْحَوَارِيّٖنَ مَنْ اَنْصَارِيْٓ اِلَى اللّٰهِ ۭ قَالَ الْحَــوَارِيُّوْنَ نَـحْنُ اَنْصَارُ اللّٰهِ فَاٰمَنَتْ طَّاۗىِٕفَةٌ مِّنْۢ بَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ وَكَفَرَتْ طَّاۗىِٕفَةٌ ۚ فَاَيَّدْنَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا عَلٰي عَدُوِّهِمْ فَاَصْبَحُوْا ظٰهِرِيْنَ ۧ14
اي ايمان وارؤ! توهان الله جا مددگار بڻجو جيئن عيسيٰ بن مريم (عليهما السلام پنهنجي) حوارين کي چيو هو: الله جي (واٽ) ڏانهن منهنجو مددگار ڪير آهي، حوارين چيو: اسان الله جا مددگار آهيون. پوءِ بني اسرائيل جي هڪ جماعت ايمان آندو ۽ ٻيو ٽولو ڪافر ٿي ويو، پوءِ اسان انهن ماڻهن جي جن ايمان آندو هو سندن دشمنن تي مدد فرمائي پوءِ اُهي غالب ٿي ويا.
— مولانا طاھر القادري