060 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 13 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
يٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا تَتَّخِذُوْا عَدُوِّيْ وَعَدُوَّكُمْ اَوْلِيَاۗءَ تُلْقُوْنَ اِلَيْهِمْ بِالْمَوَدَّةِ وَقَدْ كَفَرُوْا بِـمَا جَاۗءَكُمْ مِّنَ الْحَقِّ ۚ يُخْرِجُوْنَ الرَّسُوْلَ وَاِيَّاكُمْ اَنْ تُؤْمِنُوْا بِاللّٰهِ رَبِّكُمْ ۭ اِنْ كُنْتُمْ خَرَجْتُمْ جِهَادًا فِيْ سَبِيْلِيْ وَابْتِغَاۗءَ مَرْضَاتِيْ ڰ تُسِرُّوْنَ اِلَيْهِمْ بِالْمَوَدَّةِ ڰ وَاَنَا اَعْلَمُ بِـمَآ اَخْفَيْتُمْ وَمَآ اَعْلَنْتُمْ ۭ وَمَنْ يَّفْعَلْهُ مِنْكُمْ فَقَدْ ضَلَّ سَوَاۗءَ السَّبِيْلِ 1
اي ايمان وارؤ! توهان منهنجي ۽ پنهنجي دشمنن کي دوست نه بڻايو توهان (پنهنجي) دوستي جي ڪري انهن تائين خبرون پهچايو ٿا حالانڪه اُهي ان حق جا ئي منڪر آهن جيڪو توهان وٽ آيو آهي، اُهي رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) کي ۽ توهان کي ان ڪري (توهان جي وطن کان) ڪڍن ٿا جو توهان الله تي ايمان آندو آهي جيڪو توهان جو پروردگار آهي، جيڪڏهن توهان منهنجي واٽ ۾ جهاد ڪرڻ ۽ منهنجي رضا ڳولڻ جي لاءِ نڪتا آهيو (ته پوءِ انهن سان دوستي نه رکو) توهان انهن ڏانهن دوستي جا ڳجها پيغام موڪليو ٿا حالانڪه آئون چڱيءَ طرح ڄاڻان ٿو جيڪو ڪجهه توهان لڪايو ٿا ۽ جيڪو ڪجهه توهان ظاهر ڪريو ٿا، ۽ جيڪو شخص به توهان مان اها (حرڪت) ڪري اُهو سنئين واٽ کان ڀٽڪي ويو آهي.
— مولانا طاھر القادرياِنْ يَّثْقَفُوْكُمْ يَكُوْنُوْا لَكُمْ اَعْدَاۗءً وَّيَبْسُطُوْٓا اِلَيْكُمْ اَيْدِيَهُمْ وَاَلْسِنَتَهُمْ بِالسُّوْۗءِ وَوَدُّوْا لَوْ تَكْفُرُوْنَ 2ۭ
جيڪڏهن اُهي توهان تي سگهه لهن ته (ڏسجو) اُهي توهان جا (پڌرا) دشمن هوندا ۽ اُهي پنهنجا هٿ ۽ پنهنجون زبانون توهان ڏانهن برائي سان ڊگهيريندا ۽ خواهش ڪندا ته توهان (ڪنهن به طرح) ڪافر ٿي وڃو.
— مولانا طاھر القادريلَنْ تَنْفَعَكُمْ اَرْحَامُكُمْ وَلَآ اَوْلَادُكُمْ ڔ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ ڔ يَفْصِلُ بَيْنَكُمْ ۭ وَاللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِيْرٌ 3
توهان کي قيامت جي ڏينهن هرگز نه توهان جون (ڪافر ۽ مشرڪ) مائٽيون فائدو ڏينديون ۽ نه توهان جو (ڪافر ۽ مشرڪ) اولاد، (ان ڏينهن الله) توهان جي وچ ۾ مڪمل جدائي ڪري ڇڏيندو (مومن جنت ۾ ۽ ڪافر دوزخ ۾ موڪليا ويند)، ۽ الله انهن ڪمن کي خوب ڏسندڙ آهي جيڪي توهان ڪريو ٿا.
— مولانا طاھر القادريقَدْ كَانَتْ لَكُمْ اُسْوَةٌ حَسَنَةٌ فِيْٓ اِبْرٰهِيْمَ وَالَّذِيْنَ مَعَهٗ ۚ اِذْ قَالُوْا لِقَوْمِهِمْ اِنَّا بُرَءٰۗؤُا مِنْكُمْ وَمِـمَّا تَعْبُدُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ ۡ كَفَرْنَا بِكُمْ وَبَدَا بَيْنَنَا وَبَيْنَكُمُ الْعَدَاوَةُ وَالْبَغْضَاۗءُ اَبَدًا حَتّٰى تُؤْمِنُوْا بِاللّٰهِ وَحْدَهٗ ٓ اِلَّا قَوْلَ اِبْرٰهِيْمَ لِاَبِيْهِ لَاَسْتَغْفِرَنَّ لَكَ وَمَآ اَمْلِكُ لَكَ مِنَ اللّٰهِ مِنْ شَيْءٍ ۭ رَبَّنَا عَلَيْكَ تَوَكَّلْنَا وَاِلَيْكَ اَنَبْنَا وَاِلَيْكَ الْمَصِيْرُ 4
بيشڪ توهان جي لاءِ ابراهيم (عليه السلام) ۾ ۽ ان جي ساٿين ۾ (پيروي جو) بهترين نمونو آهي، جڏهن ان پنهنجي قوم کي چيو: اسان توهان کان ۽ انهن بتن کان جن جي توهان الله کان سواءِ پوڄا ڪريو ٿا مڪمل طور تي بيزار (۽ لاتعلق) آهيون، اسان توهان سڀني جو کليو انڪار ڪيو اسان جي ۽ توهان جي وچ ۾ دشمني ۽ نفرت ۽ عناد هميشه جي لاءِ ظاهر ٿي چڪو، ايستائين جو توهان هڪ الله تي ايمان آڻيو، مگر ابراهيم (عليه السلام) جو پنهنجي (پرورش ڪندڙ) پيءُ کي اهو چوڻ ته آئون توهان جي لاءِ ضرور بخشش گهرندس، (صرف اڳ ۾ ڪيل هڪ وعدو هو جيڪو ان پورو ڪيو ۽ گڏوگڏ هيئن ٻڌائي به ڇڏيو) ۽ اهو ته آئون توهان جي لاءِ (توهان جي ڪفر ۽ شرڪ جي ڪري) الله جي حضور ڪنهن شيءِ جو مالڪ نه آهيان. (پوءِ هو اها دعا ڪري قوم کان الڳ ٿي ويو) اي اسان جا رب! اسان توتي ئي ڀروسو ڪيو ۽ اسان تنهنجي طرف ئي موٽياسين ۽ (سڀني کي) تنهنجي طرف ئي موٽڻو آهي.
— مولانا طاھر القادريرَبَّنَا لَا تَجْعَلْنَا فِتْنَةً لِّلَّذِيْنَ كَفَرُوْا وَاغْفِرْ لَنَا رَبَّنَا ۚ اِنَّكَ اَنْتَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 5
اي اسان جا رب! تون اسان کي ڪافرن جي لاءِ آزمائش جو سبب نه بڻاءِ (يعني انهن کي اسان تي مسلط نه ڪر) ۽ اسان کي بخش ڪر، اي اسان جا پروردگار! بيشڪ تون ئي غلبي ۽ عزت وارو وڏي حڪمت وارو آهين.
— مولانا طاھر القادريلَقَدْ كَانَ لَكُمْ فِيْهِمْ اُسْوَةٌ حَسَـنَةٌ لِّمَنْ كَانَ يَرْجُوا اللّٰهَ وَالْيَوْمَ الْاٰخِرَ ۭ وَمَنْ يَّتَوَلَّ فَاِنَّ اللّٰهَ هُوَ الْغَنِيُّ الْحَمِيْدُ 6ۧ
بيشڪ توهان جي لاءِ انهن ۾ (پيروي جو) بهترين نمونو آهي (خاص ڪري) هر ان شخص جي لاءِ جيڪو الله (جي بارگاهه ۾ حاضري) جي ۽ آخرت جي ڏينهن جي اميد رکي ٿو، ۽ جيڪو شخص منهن ڦيري ٿو ته بيشڪ الله بي نياز ۽ حمد و ثنا جو لائق آهي.
— مولانا طاھر القادريعَسَى اللّٰهُ اَنْ يَّجْعَلَ بَيْنَكُمْ وَبَيْنَ الَّذِيْنَ عَادَيْتُمْ مِّنْهُمْ مَّوَدَّةً ۭ وَاللّٰهُ قَدِيْرٌ ۭ وَاللّٰهُ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 7
عجب ناهي ته الله توهان جي ۽ انهن مان ڪجهه ماڻهن جي وچ ۾ جن سان توهان جي دشمني آهي، (ڪنهن وقت بعد ۾) دوستي پيدا ڪري ڇڏي ۽ الله وڏي قدرت وارو آهي، ۽ الله وڏو بخشيندڙ نهايت مهربان آهي.
— مولانا طاھر القادريلَا يَنْهٰىكُمُ اللّٰهُ عَنِ الَّذِيْنَ لَمْ يُقَاتِلُوْكُمْ فِي الدِّيْنِ وَلَمْ يُخْرِجُوْكُمْ مِّنْ دِيَارِكُمْ اَنْ تَبَرُّوْهُمْ وَتُقْسِطُوْٓا اِلَيْهِمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الْمُقْسِطِيْنَ 8
الله توهان کي ان ڳالهه کان منع نٿو فرمائي ته جن ماڻهن توهان سان نه دين (جي باري) ۾ جنگ ڪئي ۽ نه توهان کي توهان جي گهرن مان (يعني وطن مان) ڪڍيو آهي ته توهان انهن سان ڀلائي جو ورتاءُ ڪريو ۽ انهن سان عدل ۽ انصاف وارو سلوڪ ڪريو، بيشڪ الله عدل ۽ انصاف ڪرڻ وارن کي پسند فرمائي ٿو.
— مولانا طاھر القادرياِنَّـمَا يَنْهٰىكُمُ اللّٰهُ عَنِ الَّذِيْنَ قٰتَلُوْكُمْ فِي الدِّيْنِ وَاَخْرَجُوْكُمْ مِّنْ دِيَارِكُمْ وَظٰهَرُوْا عَلٰٓي اِخْرَاجِكُمْ اَنْ تَوَلَّوْهُمْ ۚ وَمَنْ يَّتَوَلَّهُمْ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الظّٰلِمُوْنَ 9
الله ته صرف توهان کي اهڙن ماڻهن سان دوستي ڪرڻ کان منع فرمائي ٿو جن توهان سان دين (جي باري) ۾ جنگ ڪئي ۽ توهان کي توهان جي گهرن (يعني وطن) مان ڪڍيو ۽ توهان جي ٻاهر ڪڍڻ تي (توهان جي دشمنن جي) مدد ڪئي. ۽ جيڪو انهن سان دوستي ڪندو ته اُهي ئي ماڻهو ظالم آهن.
— مولانا طاھر القادرييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِذَا جَاۗءَكُمُ الْمُؤْمِنٰتُ مُهٰجِرٰتٍ فَامْتَحِنُوْهُنَّ ۭ اَللّٰهُ اَعْلَمُ بِـاِيْـمَانِهِنَّ ۚ فَاِنْ عَلِمْتُمُوْهُنَّ مُؤْمِنٰتٍ فَلَا تَرْجِعُوْهُنَّ اِلَى الْكُفَّارِ ۭ لَا هُنَّ حِلٌّ لَّهُمْ وَلَا هُمْ يَحِلُّوْنَ لَهُنَّ ۭ وَاٰتُوْهُمْ مَّآ اَنْفَقُوْا ۭ وَلَا جُنَاحَ عَلَيْكُمْ اَنْ تَنْكِحُوْهُنَّ اِذَآ اٰتَيْتُمُوْهُنَّ اُجُوْرَهُنَّ ۭ وَلَا تُمْسِكُوْا بِعِصَمِ الْكَوَافِرِ وَاسْـَٔــلُوْا مَآ اَنْفَقْتُمْ وَلْيَسْـَٔــلُوْا مَآ اَنْفَقُوْا ۭ ذٰلِكُمْ حُكْمُ اللّٰهِ ۭ يَحْكُمُ بَيْنَكُمْ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 10
اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان وٽ مومن عورتون هجرت ڪري اچن ته انهن جي چڱيءَ طرح جانچ ڪريو، الله انهن جي ايمان (جي حقيقت) کان خوب واقف آهي، پوءِ جيڪڏهن توهان کي انهن جي مومن هجڻ جو يقين ٿي وڃي ته انهن کي ڪافرن ڏانهن واپس نه موڪليو، نه هي (مومن عورتون) اُنهن (ڪافرن) جي لاءِ حلال آهن ۽ نه اُهي (ڪافر) اِنهن (مومن عورتن) جي لاءِ حلال آهن، ۽ انهن (ڪافرن) جيڪو (مال مهر جي صورت ۾ مٿن) خرچ ڪيو هجي اُهو کين ادا ڪريو، ۽ توهان تي ان (ڳالهه) ۾ ڪوبه گناهه ناهي ته توهان اِنهن سان نڪاح ڪريو جڏهن ته توهان اُنهن (عورتن) جو مهر انهن کي ڏيو، ۽ (اي مسلمانؤ!) توهان به ڪافر عورتن کي (پنهنجي) عقد نڪاح ۾ نه روڪيو ۽ توهان (ڪافرن کان) اهو (مال) گهري وٺو جيڪو توهان (انهن عورتن تي مهر جي صورت ۾) خرچ ڪيو هو ۽ اُهي (ڪافر توهان کان) اهو مال گهري وٺن جيڪو (اِنهن عورتن تي مهر جي صورت ۾) خرچ ڪيو هو، اِهوئي الله جو حڪم آهي، ۽ اُهو توهان جي وچ ۾ فيصلو فرمائي ٿو، ۽ الله خوب ڄاڻندڙ وڏي حڪمت وارو آهي.
— مولانا طاھر القادريوَاِنْ فَاتَكُمْ شَيْءٌ مِّنْ اَزْوَاجِكُمْ اِلَى الْكُفَّارِ فَعَاقَبْتُمْ فَاٰتُوا الَّذِيْنَ ذَهَبَتْ اَزْوَاجُهُمْ مِّثْلَ مَآ اَنْفَقُوْا ۭ وَاتَّقُوا اللّٰهَ الَّذِيْٓ اَنْتُمْ بِهٖ مُؤْمِنُوْنَ 11
۽ جيڪڏهن توهان جي زالن مان ڪا توهان کان نڪري ڪافرن ڏي هلي وڃي پوءِ (جڏهن) توهان جنگ ۾ غالب اچو ۽ غنيمت جو مال حاصل ڪريو ته (ان مان) انهن ماڻهن کي جن جون عورتون هليون ويون هيون ايترو (مال) ڏيو جيترو اُهي (انهن جي مهر ۾) خرچ ڪري چڪا هئا، ۽ ان الله کان ڊڄندا رهو جنهن تي توهان ايمان رکو ٿا.
— مولانا طاھر القادرييٰٓاَيُّهَا النَّبِيُّ اِذَا جَاۗءَكَ الْمُؤْمِنٰتُ يُبَايِعْنَكَ عَلٰٓي اَنْ لَّا يُشْرِكْنَ بِاللّٰهِ شَـيْـــــًٔــا وَّلَا يَسْرِقْنَ وَلَا يَزْنِيْنَ وَلَا يَقْتُلْنَ اَوْلَادَهُنَّ وَلَا يَاْتِيْنَ بِبُهْتَانٍ يَّفْتَرِيْنَهٗ بَيْنَ اَيْدِيْهِنَّ وَاَرْجُلِهِنَّ وَلَا يَعْصِيْنَكَ فِيْ مَعْرُوْفٍ فَبَايِعْهُنَّ وَاسْتَغْفِرْ لَهُنَّ اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 12
اي نبي! جڏهن توهان جي خدمت ۾ مومن عورتون ان ڳالهه تي بيعت ڪرڻ لاءِ حاضر ٿين ته اُهي الله سان ڪنهن کي شريڪ نه ڪنديون ۽ چوري نه ڪنديون ۽ بدڪاري نه ڪنديون ۽ پنهنجي اولاد کي قتل نه ڪنديون ۽ پنهنجي هٿن ۽ پيرن جي وچ ۾ ڪو ڪوڙو بهتان گهڙي نه آڻينديون (يعني پنهنجي مڙس کي دوکو ڏيندي ڪنهن ٻئي جي ٻچي کي پنهنجي پيٽان ڄڻيل نه ٻڌائينديون) ۽ (ڪنهن به) شريعت جي ڪم ۾ توهان جي نافرماني نه ڪنديون، ته انهن کان بيعت وٺو ۽ انهن جي لاءِ الله کان بخشش گهرو، بيشڪ الله وڏو بخشيندڙ نهايت مهربان آهي.
— مولانا طاھر القادرييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا تَتَوَلَّوْا قَوْمًا غَضِبَ اللّٰهُ عَلَيْهِمْ قَدْ يَىِٕسُوْا مِنَ الْاٰخِرَةِ كَـمَا يَىِٕسَ الْكُفَّارُ مِنْ اَصْحٰبِ الْقُبُوْرِ ۧ13
اي ايمان وارؤ! اهڙن ماڻهن سان دوستي نه رکو جن تي الله ڏمريو آهي بيشڪ اُهي آخرت کان (ائين) نا اميد ٿي چڪا آهن جيئن ڪافر قبرن وارن کان نا اميد آهن.
— مولانا طاھر القادري