006 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 165 آيتون ۽ 20 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
اَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ وَجَعَلَ الظُّلُمٰتِ وَالنُّوْرَ ڛ ثُـمَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِرَبِّهِمْ يَعْدِلُوْنَ 1
سڀئي تعريفون الله جي ئي لاءِ آهن جنهن آسمانن ۽ زمين کي خلقيو ۽ اونداهون ۽ روشني کي پيدا ڪيائين، پوءِ به ڪافر (ڪوڙن معبودن کي) پنهنجي رب جي برابر ٺاهين ٿا.
— مولانا طاھر القادريهُوَ الَّذِيْ خَلَقَكُمْ مِّنْ طِيْنٍ ثُـمَّ قَضٰٓى اَجَلًا ۭ وَاَجَلٌ مُّسَمًّى عِنْدَهٗ ثُـمَّ اَنْتُمْ تَـمْتَرُوْنَ 2
(الله) اهوئي آهي جنهن توهان کي مٽيءَ جي گاري مان پيدا فرمايو (يعني زمين جي گولي تي انساني زندگي جي ڪيميائي شروعات ان مان ڪيائين). پوءِ ان (توهان جي موت جو) وقت مقرر فرمايو، ۽ (قيامت جي منعقد ڪرڻ جو) معين وقت اُنهي وٽ (مقرر) آهي پوءِ (به) توهان شڪ ٿا ڪريو.
— مولانا طاھر القادريوَهُوَ اللّٰهُ فِي السَّمٰوٰتِ وَفِي الْاَرْضِ ۭ يَعْلَمُ سِرَّكُمْ وَجَهْرَكُمْ وَيَعْلَمُ مَا تَكْسِبُوْنَ 3
۽ آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ اهو الله ئي (برحق معبود) آهي، جيڪو توهان جي ڳجهين ۽ توهان جي ظاهر (سڀني ڳالهين) کي ڄاڻي ٿو ۽ جيڪو ڪجهه توهان ڪمائي رهيا آهيو هو (ان کي به) ڄاڻي ٿو.
— مولانا طاھر القادريوَمَا تَاْتِيْهِمْ مِّنْ اٰيَةٍ مِّنْ اٰيٰتِ رَبِّهِمْ اِلَّا كَانُوْا عَنْهَا مُعْرِضِيْنَ 4
۽ انهن جي رب جي نشانين مان وٽن ڪا نشاني نٿي اچي مگر (هي ته) اُهي ان کان منهن موڙين ٿا.
— مولانا طاھر القادريفَقَدْ كَذَّبُوْا بِالْـحَقِّ لَمَّا جَاۗءَهُمْ ۭ فَسَوْفَ يَاْتِيْهِمْ اَنْۢبٰۗـؤُا مَا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ 5
پوءِ بيشڪ انهن (اهڙي طرح) حق (يعني قرآن) کي (به) ڪوڙو سمجهيو جڏهن اهو وٽن (الله جي نشاني طور) آيو، پوءِ سگهوئي انهن وٽ ان جون خبرون اچڻ واريون آهن جنهن تي اهي ٺٺوليون ڪندا هئا.
— مولانا طاھر القادرياَلَمْ يَرَوْا كَمْ اَهْلَكْنَا مِنْ قَبْلِهِمْ مِّنْ قَرْنٍ مَّكَّنّٰهُمْ فِي الْاَرْضِ مَا لَمْ نُـمَكِّنْ لَّكُمْ وَاَرْسَلْنَا السَّمَاۗءَ عَلَيْهِمْ مِّدْرَارًا ۠ وَّجَعَلْنَا الْاَنْھٰرَ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهِمْ فَاَهْلَكْنٰهُمْ بِذُنُوْبِهِمْ وَاَنْشَاْنَا مِنْۢ بَعْدِهِمْ قَرْنًا اٰخَرِيْنَ 6
ڇا انهن نه ڏٺو ته اسان انهن کان اڳ ۾ ڪيترين قومن کي هلاڪ ڪيو جن کي اسان زمين ۾ (اهڙو مضبوط) اقتدار ڏنو هو جو اهڙو اقتدار (۽ مضبوطي) توهان کي به ڪونه ڏني ۽ اسان انهن تي لاڳيتو وسندڙ مينهن موڪليا ۽ اسان انهن (جي گهرن ۽ ماڙين) جي هيٺان نهرون وهايون پوءِ (ايتري عيش ڀري زندگي ڏيڻ جي باوجود) اسان اُنهن جي گناهن جي ڪري کين هلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ کانئن پوءِ اسان ٻين امتن کي پيدا ڪيو.
— مولانا طاھر القادريوَلَوْ نَزَّلْنَا عَلَيْكَ كِتٰبًا فِيْ قِرْطَاسٍ فَلَمَسُوْهُ بِاَيْدِيْهِمْ لَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْٓا اِنْ هٰذَآ اِلَّا سِـحْـرٌ مُّبِيْنٌ 7
۽ جيڪڏهن اسان توهان تي ڪاغذ تي لکيل ڪتاب نازل فرمايون ها پوءِ هي ماڻهو ان کي پنهنجن هٿن سان ڇُهن به ها تڏهن (به) ڪافر (اهوئي) چون ها ته هي کلي جادو کانسواءِ (ڪجهه) نه آهي.
— مولانا طاھر القادريوَقَالُوْا لَوْلَآ اُنْزِلَ عَلَيْهِ مَلَكٌ ۭ وَلَوْ اَنْزَلْنَا مَلَكًا لَّقُضِيَ الْاَمْرُ ثُـمَّ لَا يُنْظَرُوْنَ 8
۽ اُهي (ڪافر) چون ٿا ته هن ( عزت واري رسول) تي ڪو ملائڪ ڇونه لاٿو ويو (جنهن کي اسان پڌرو ڏسي سگهون ها ۽ اُهو هن جي تصديق ڪري ها) ۽ جيڪڏهن اسان ملائڪ لاهيون ها ته (انهن جو) ڪم ئي پورو ٿي وڃي ها پوءِ انهن کي (ٿوري به) مهلت نه ملي ها.
— مولانا طاھر القادريوَلَوْ جَعَلْنٰهُ مَلَكًا لَّـجَعَلْنٰهُ رَجُلًا وَّلَـلَبَسْنَا عَلَيْهِمْ مَّا يَلْبِسُوْنَ 9
۽ جيڪڏهن اسان رسول کي ملائڪ ٺاهيون ها ته ان کي به ماڻهوءَ جي (ئي صورت ۾) ٺاهيون ها ۽ اسان مٿن (تڏهن به) اهو ئي شڪ وجهي ڇڏيون ها جيڪو شڪ (۽ التباس) هو (هينئر) ڪري رهيا آهن (يعني ان جي به ظاهري صورت ڏسي چون ها ته هي اسان وانگر بشر آهي).
— مولانا طاھر القادريوَلَقَدِ اسْتُهْزِئَ بِرُسُلٍ مِّنْ قَبْلِكَ فَحَاقَ بِالَّذِيْنَ سَخِرُوْا مِنْهُمْ مَّا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ ۧ10
۽ بيشڪ توهان کان اڳ (به) رسولن تي ٺٺوليون ڪيون ويون پوءِ انهن مان مسخريون ڪرڻ وارن کي (حق جي) انهي (عذاب) اچي گهيريو جنهن تي اُهي ٺٺوليون ڪندا هئا.
— مولانا طاھر القادريقُلْ سِيْرُوْا فِي الْاَرْضِ ثُـمَّ انْظُرُوْا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُكَذِّبِيْنَ 11
فرمايو ته توهان زمين ۾ گهمو ڦرو، پوءِ (عبرت جي نگاه سان) ڏسو ته (حق کي) ڪوڙو چوڻ وارن جو انجام ڪهڙو ٿيو.
— مولانا طاھر القادريقُلْ لِّمَنْ مَّا فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ قُلْ لِّلّٰهِ ۭ كَتَبَ عَلٰي نَفْسِهِ الرَّحْمَةَ ۭ لَيَجْمَعَنَّكُمْ اِلٰى يَوْمِ الْقِيٰمَةِ لَا رَيْبَ فِيْهِ ۭ اَلَّذِيْنَ خَسِرُوْٓا اَنْفُسَهُمْ فَهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ 12
توهان (انهن کان سوال) فرمايو ته آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪو ڪجهه آهي ڪنهن جو آهي؟ (پوءِ اهو به) فرمايو ته الله جو ئي آهي، ان پنهنجي ذات (جي ذمي ڪرم) تي رحمت لازم فرمائي آهي، اهو توهان کي قيامت جو ڏينهن جنهن ۾ ڪو شڪ ناهي ضرور گڏ فرمائيندو. جن پنهنجي جانين کي (دائمي) نقصان ۾ وجهي ڇڏيو آهي، سي ايمان نه آڻيندا.
— مولانا طاھر القادريوَلَهٗ مَا سَكَنَ فِي الَّيْلِ وَالنَّهَارِ ۭ وَهُوَ السَّمِيْعُ الْعَلِيْمُ 13
۽ اها (سموري مخلوق) جيڪا رات ۾ ۽ ڏينهن ۾ آرام ڪري ٿي، ان جي ئي آهي، ۽ هو خوب ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.
— مولانا طاھر القادريقُلْ اَغَيْرَ اللّٰهِ اَتَّـخِذُ وَلِيًّا فَاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَهُوَ يُطْعِمُ وَلَا يُطْعَمُ ۭ قُلْ اِنِّىْٓ اُمِرْتُ اَنْ اَكُوْنَ اَوَّلَ مَنْ اَسْلَمَ وَلَا تَكُوْنَنَّ مِنَ الْمُشْرِكِيْنَ 14
فرمايو: ڇا آئون ڪنهن ٻئي کي (عبادت جي لاءِ پنهنجو) دوست ٺاهيان (ان) الله کانسواءِ جيڪو آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي ۽ اهو (سڀني کي) کارائي ٿو ۽ (خود ان کي) کارايو نٿو وڃي. فرمايو: مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته آئون (ان جي دربار ۾) سڀ کان پهريون (ڪنڌ جهڪائيندڙ) مسلمان ٿي وڃان ۽ (اهو به فرمايو ويو آهي ته) توهان مشرڪن مان هرگز نه ٿجو.
— مولانا طاھر القادريقُلْ اِنِّىْٓ اَخَافُ اِنْ عَصَيْتُ رَبِّيْ عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيْـمٍ 15
فرمايو ته بيشڪ آئون (ته) وڏي عذاب جي ڏينهن کان ڊڄان ٿو، جيڪڏهن آئون پنهنجي پالڻهار جي نافرماني ڪريان (تنهنڪري اهو ڪيئن آهي؟)
— مولانا طاھر القادريمَنْ يُّصْرَفْ عَنْهُ يَوْمَىِٕذٍ فَقَدْ رَحِمَهٗ ۭ وَذٰلِكَ الْفَوْزُ الْمُبِيْنُ 16
ان ڏينهن جنهن ماڻهو کان اهو (عذاب) هٽايو ويو ته بيشڪ (الله) ان تي رحم فرمايو، ۽ اها ئي (آخرت جي بخشش) پڌري ڪاميابي آهي.
— مولانا طاھر القادريوَاِنْ يَّـمْسَسْكَ اللّٰهُ بِضُرٍّ فَلَا كَاشِفَ لَهٗ ٓ اِلَّا هُوَ ۭ وَاِنْ يَّـمْسَسْكَ بِـخَيْرٍ فَهُوَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 17
۽ جيڪڏهن الله توکي ڪا تڪليف پهچائي ته کانئس سواءِ ڪوبه ان کي ڪو به ٽارڻ وارو ناهي، ۽ جيڪڏهن اهو توکي ڪا ڀلائي پهچائي ته اهو هر شيءِ تي چڱي طرح قادر آهي.
— مولانا طاھر القادريوَهُوَ الْقَاهِرُ فَوْقَ عِبَادِهٖ ۭ وَهُوَ الْـحَكِـيْمُ الْـخَبِيْرُ 18
۽ اهوئي پنهنجي ٻانهن تي غالب آهي، ۽ اهو وڏي حڪمت وارو خبردار آهي.
— مولانا طاھر القادريقُلْ اَيُّ شَيْءٍ اَكْبَرُ شَهَادَةً ۭ قُلِ اللّٰهُ ڐ شَهِيْدٌۢ بَيْنِيْ وَبَيْنَكُمْ ۣ وَاُوْحِيَ اِلَيَّ هٰذَا الْقُرْاٰنُ لِاُنْذِرَكُمْ بِهٖ وَمَنْۢ بَلَغَ ۭ اَىِٕنَّكُمْ لَتَشْهَدُوْنَ اَنَّ مَعَ اللّٰهِ اٰلِهَةً اُخْرٰي ۭ قُلْ لَّآ اَشْهَدُ ۚ قُلْ اِنَّـمَا هُوَ اِلٰهٌ وَّاحِدٌ وَّاِنَّنِيْ بَرِيْۗءٌ مِّـمَّا تُشْرِكُوْنَ ۘ19
توهان (انهن کان دريافت) فرمايو ته شاهدي ڏيڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪير آهي؟ توهان (ئي) فرمايو ته الله منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ شاهد آهي، ۽ مون ڏانهن هي قرآن ان ڪري وحي ڪيو ويو آهي ته ان جي ذريعي توهان کي ۽ هر ان ماڻهو کي جنهن تائين (هي قرآن) پهچي ڊيڄاريان. ڇا توهان واقعي ان ڳالهه جي شاهدي ڏيو ٿا ته الله سان گڏ ٻيا معبود (به) آهن؟ توهان فرمايو: آئون (ته ان غلط ڳالهه جي) شاهدي نٿو ڏيان، فرمايو: بس معبود ته اهو هڪ ئي آهي ۽ آئون انهن (سڀني) شين کان بيزار آهيان جن کي توهان (الله جو) شريڪ ٺاهيو ٿا.
— مولانا طاھر القادرياَلَّذِيْنَ اٰتَيْنٰهُمُ الْكِتٰبَ يَعْرِفُوْنَهٗ كَـمَا يَعْرِفُوْنَ اَبْنَاۗءَهُمْ ۘ اَلَّذِيْنَ خَسِرُوْٓا اَنْفُسَهُمْ فَهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ ۧ20
اهي ماڻهو جن کي اسان ڪتاب ڏنو هو ان (نبي آخر زمان صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) کي ائين ٿا سڃاڻن جيئن پنهنجي پٽن کي سڃاڻن ٿا، جن پنهنجي جانين کي (سدائين جي) نقصان ۾ وجهي ڇڏيو آهي سي ايمان نه آڻيندا.
— مولانا طاھر القادري