059 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 24 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
سَبَّحَ لِلّٰهِ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ ۚ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 1
جيڪو ڪجهه آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو ڪجهه زمين ۾ آهي (سڀئي) الله جي تسبيح ڪن ٿا ۽ اُهوئي غالب آهي حڪمت وارو آهي.
— مولانا طاھر القادريهُوَ الَّذِيْٓ اَخْرَجَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْكِتٰبِ مِنْ دِيَارِهِمْ لِاَوَّلِ الْحَشْرِ ڼ مَا ظَنَنْتُمْ اَنْ يَّخْرُجُوْا وَظَنُّوْٓا اَنَّهُمْ مَّانِعَتُهُمْ حُصُوْنُهُمْ مِّنَ اللّٰهِ فَاَتٰىهُمُ اللّٰهُ مِنْ حَيْثُ لَمْ يَحْتَسِبُوْا ۤ وَقَذَفَ فِيْ قُلُوْبِهِمُ الرُّعْبَ يُخْرِبُوْنَ بُيُوْتَهُمْ بِاَيْدِيْهِمْ وَاَيْدِي الْمُؤْمِنِيْنَ ۤ فَاعْتَبِرُوْا يٰٓاُولِي الْاَبْصَارِ 2
اُهوئي آهي جنهن انهن ڪافر ڪتاب وارن کي (يعني بنو نضير کي) پهرين جلاوطني ۾ گهرن مان (جمع ڪري مديني کان شام جي طرف) ڪڍيو. توهان کي اِهو گمان (به) نه هو ته اُهي نڪري ويندا ۽ انهن کي اهو گمان هو ته انهن جا مضبوط قلعا کين الله (جي پڪڙ) کان بچائي وٺندا پوءِ الله (جي عذاب) انهن کي اتان کان اچي ورتو جتان کان اُهي گمان (به) نٿي ڪري سگهيا ۽ ان (الله) انهن جي دلين ۾ رعب ۽ دٻدٻو وجهي ڇڏيو اُهي پنهنجا گهر پنهنجي هٿن ۽ ايمان وارن جي هٿن سان ويران ڪري رهيا هئا. پوءِ اي اکين وارو! (اِن مان) عبرت حاصل ڪريو.
— مولانا طاھر القادريوَلَوْلَآ اَنْ كَتَبَ اللّٰهُ عَلَيْهِمُ الْجَلَاۗءَ لَعَذَّبَهُمْ فِي الدُّنْيَا ۭ وَلَهُمْ فِي الْاٰخِرَةِ عَذَابُ النَّارِ 3
۽ جيڪڏهن الله انهن جي باري ۾ جلاوطني نه لکي هجي ها ته اُهو کين دنيا ۾ (اڃان سخت) عذاب ڏئي ها، ۽ انهن جي لاءِ آخرت ۾ (به) دوزخ جو عذاب آهي.
— مولانا طاھر القادريذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ شَاۗقُّوا اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ ۚ وَمَنْ يُّشَاۗقِّ اللّٰهَ فَاِنَّ اللّٰهَ شَدِيْدُ الْعِقَابِ 4
اِهو ان ڪري ٿيو جو انهن الله ۽ ان جي رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) سان سخت دشمني ڪئي (انهن جو اڳواڻ ڪعب بن اشرف بدنام زمانه گستاخ رسول هو)، ۽ جيڪو شخص الله (۽ ان جي رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم جي) مخالفت ڪندو ته بيشڪ الله سخت عذاب ڏيڻ وارو آهي.
— مولانا طاھر القادريمَا قَطَعْتُمْ مِّنْ لِّيْنَةٍ اَوْ تَرَكْتُمُوْهَا قَاۗىِٕمَةً عَلٰٓي اُصُوْلِهَا فَبِاِذْنِ اللّٰهِ وَلِيُخْزِيَ الْفٰسِقِيْنَ 5
(اي مومنؤ! يهود بنونضير جي گهيراءُ جي دوران) جيڪي کجيءَ جا وڻ توهان وڍي ڇڏيا يا جن کي توهان انهن جي پاڙن تي بيٺل ڇڏي ڏنو ته (اِهو سڀ) الله جي ئي حڪم سان هو ۽ ان لاءِ ته اُهو نافرمانن کي ذليل ۽ خوار ڪري.
— مولانا طاھر القادريوَمَآ اَفَاۗءَ اللّٰهُ عَلٰي رَسُوْلِهٖ مِنْهُمْ فَـمَآ اَوْجَفْتُمْ عَلَيْهِ مِنْ خَيْلٍ وَّلَا رِكَابٍ وَّلٰكِنَّ اللّٰهَ يُسَلِّــطُ رُسُلَهٗ عَلٰي مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَاللّٰهُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 6
۽ جيڪي (فَي جا مال) الله انهن کان (ڪڍي) پنهنجي رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) تي موٽايا ته توهان نه ته انهن (جي حاصل ڪرڻ) تي گهوڙا ڊوڙايا هئا ۽ نه اُٺ، ها! الله پنهنجي رسولن کي جنهن تي چاهي ٿو غلبو ۽ تسلّط عطا فرمائي ڇڏي ٿو، ۽ الله هر شيءِ تي وڏي قدرت رکڻ وارو آهي.
— مولانا طاھر القادريمَآ اَفَاۗءَ اللّٰهُ عَلٰي رَسُوْلِهٖ مِنْ اَهْلِ الْقُرٰى فَلِلّٰهِ وَ لِلرَّسُوْلِ وَ لِذِي الْقُرْبٰى وَالْيَـتٰمٰى وَالْمَسٰكِيْنِ وَابْنِ السَّبِيْلِ ۙ كَيْ لَا يَكُوْنَ دُوْلَةًۢ بَيْنَ الْاَغْنِيَاۗءِ مِنْكُمْ ۭ وَمَآ اٰتٰىكُمُ الرَّسُوْلُ فَخُذُوْهُ ۤ وَمَا نَهٰىكُمْ عَنْهُ فَانْتَهُوْا ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ شَدِيْدُ الْعِقَابِ 7ۘ
جيڪي (فَي جا مال) الله (قُرَيظه، نَضِير، فِدَک، خَيبر، عُرَينه سميت ٻين بغير جنگ جي فتح ٿيل) ڳوٺن وارن کان (ڪڍي) پنهنجي رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) تي موٽايا آهن اُهي الله ۽ ان جي رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) جي لاءِ آهن ۽ (رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم جي) مائٽن (يعني بنو هاشم ۽ بنوالمطّلب) جي لاءِ ۽ (معاشري جي عام) يتيمن ۽ محتاجن ۽ مسافرن جي لاءِ آهن (اِهو ورهاست جو نظام ان لاءِ آهي) ته جيئن (سمورو) مال (صرف) توهان جي مالدارن جي وچ ۾ ئي گردش ڪندو نه رهي (بلڪه معاشري جي سڀني طبقن ۾ گردش ڪري) ۽ جيڪو ڪجهه رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) توهان کي عطا فرمائين ته ان کي وٺو ۽ جنهن کان توهان کي منع فرمائين ته (ان کان) رُڪجي وڃو، ۽ الله کان ڊڄندا رهو (يعني رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم جي ورهاست ۽ عطا تي ڪڏهن به اعتراض نه ڪريو)، بيشڪ الله سخت عذاب ڏيڻ وارو آهي.
— مولانا طاھر القادريلِلْفُقَرَاۗءِ الْمُهٰجِرِيْنَ الَّذِيْنَ اُخْرِجُوْا مِنْ دِيَارِهِمْ وَاَمْوَالِهِمْ يَبْتَغُوْنَ فَضْلًا مِّنَ اللّٰهِ وَرِضْوَانًا وَّيَنْصُرُوْنَ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ ۭ اُولٰۗىِٕكَ هُمُ الصّٰدِقُوْنَ 8ۚ
(مٿي ذڪر ڪيل فَي جو مال) غريب مهاجرن جي لاءِ (به) آهي جيڪي پنهنجي گهرن ۽ پنهنجي مالن (۽ جائيدادن) کان ٻاهر ڪڍيا ويا آهن، اُهي الله جو فضل ۽ ان جي رضا ۽ خوشنودي چاهين ٿا ۽ (پنهنجي مال ۽ وطن جي قرباني سان) الله ۽ ان جي رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) جي مدد ڪن ٿا، اِهي ئي ماڻهو سچا مومن آهن.
— مولانا طاھر القادريوَالَّذِيْنَ تَبَوَّؤُ الدَّارَ وَالْاِيْـمَانَ مِنْ قَبْلِهِمْ يُـحِبُّوْنَ مَنْ هَاجَرَ اِلَيْهِمْ وَلَا يَجِدُوْنَ فِيْ صُدُوْرِهِمْ حَاجَةً مِّمَّآ اُوْتُوْا وَيُؤْثِرُوْنَ عَلٰٓي اَنْفُسِهِمْ وَلَوْ كَانَ بِهِمْ خَصَاصَةٌ ڵ وَمَنْ يُّوْقَ شُحَّ نَفْسِهٖ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 9ۚ
(اهو مال انهن انصارن جي لاءِ به آهي) جن انهن (مهاجرن) کان پهرين ئي (مديني جي) شهر ۽ ايمان کي گهر بڻائي ورتو هو. هي ماڻهو انهن سان محبت ڪن ٿا جيڪي انهن ڏانهن هجرت ڪري آيا آهن. ۽ هي پنهنجي سينن ۾ ان (مال) جي باري ۾ ڪا طلب (يا تنگي) نٿا لهن جيڪو انهن (مهاجرن) کي ڏنو وڃي ٿو ۽ پنهنجي جانين تي انهن کي ترجيح ڏين ٿا توڻي جو انهن پاڻ کي سخت حاجت ئي هجي، ۽ جيڪو شخص پنهنجي نفس جي ڪنجوسي کان بچايو ويو پوءِ اُهي ماڻهو ئي بامراد ۽ ڪامياب آهن.
— مولانا طاھر القادريوَالَّذِيْنَ جَاۗءُوْ مِنْۢ بَعْدِهِمْ يَقُوْلُوْنَ رَبَّنَا اغْفِرْ لَنَا وَلِاِخْوَانِنَا الَّذِيْنَ سَبَقُوْنَا بِالْاِيْـمَانِ وَلَا تَجْعَلْ فِيْ قُلُوْبِنَا غِلًّا لِّلَّذِيْنَ اٰمَنُوْا رَبَّنَآ اِنَّكَ رَءُوْفٌ رَّحِيْمٌ ۧ10
۽ اُهي ماڻهو (به) جيڪي انهن (مهاجرن ۽ انصارن) کانپوءِ آيا (۽) عرض ڪن ٿا: اي اسان جا رب! اسان کي بخش ڪر ۽ اسان جي انهن ڀائرن کي به، جيڪي ايمان آڻڻ ۾ اسان کان اڳتي وڌي ويا ۽ اسان جي دلين ۾ ايمان وارن جي لاءِ ڪو ڪينو ۽ بغض باقي نه رک. اي اسان جا رب! بيشڪ تون تمام شفقت فرمائيندڙ نهايت رحم فرمائيندڙ آهين.
— مولانا طاھر القادرياَلَمْ تَرَ اِلَى الَّذِيْنَ نَافَقُوْا يَقُوْلُوْنَ لِاِخْوَانِهِمُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْكِتٰبِ لَىِٕنْ اُخْرِجْتُمْ لَنَخْرُجَنَّ مَعَكُمْ وَلَا نُطِيْعُ فِيْكُمْ اَحَدًا اَبَدًا ۙ وَّاِنْ قُوْتِلْتُمْ لَنَنْصُرَنَّكُمْ ۭ وَاللّٰهُ يَشْهَدُ اِنَّهُمْ لَكٰذِبُوْنَ 11
ڇا توهان منافقن کي نه ڏٺو جيڪي پنهنجي انهن ڀائرن کي چون ٿا جيڪي اهل ڪتاب مان ڪافر ٿي ويا آهن ته جيڪڏهن توهان (هتان کان) ڪڍيا ويا ته اسان به ضرور توهان سان گڏ نڪرنداسين ۽ اسان توهان جي معاملي ۾ ڪڏهن به ڪنهن جي به اطاعت نه ڪنداسين ۽ جيڪڏهن توهان سان جنگ ڪئي ويئي ته اسان ضرور به ضرور توهان جي مدد ڪنداسين، ۽ الله گواهي ڏئي ٿو ته يقيناً اُهي ڪوڙا آهن.
— مولانا طاھر القادريلَىِٕنْ اُخْرِجُوْا لَا يَخْرُجُوْنَ مَعَهُمْ ۚ وَلَىِٕنْ قُوْتِلُوْا لَا يَنْصُرُوْنَهُمْ ۚ وَلَىِٕنْ نَّصَرُوْهُمْ لَيُوَلُّنَّ الْاَدْبَارَ ۣ ثُـمَّ لَا يُنْصَرُوْنَ 12
جيڪڏهن اُهي (شرپسند يهودي مديني مان) ڪڍيا ويا ته اِهي (منافق) انهن سان گڏ (ڪڏهن به) نه نڪرندا، ۽ جيڪڏهن انهن سان جنگ ڪئي ويئي ته هي انهن جي مدد نه ڪندا، ۽ جيڪڏهن هنن انهن جي مدد ڪئي (به) ته ضرور پٺ ڏئي ڀڄي ويندا، پوءِ انهن جي (ڪٿان به) ڪا مدد نه ٿي سگهندي.
— مولانا طاھر القادريلَاَانْتُمْ اَشَدُّ رَهْبَةً فِيْ صُدُوْرِهِمْ مِّنَ اللّٰهِ ۭ ذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ قَوْمٌ لَّا يَفْقَهُوْنَ 13
(اي مسلمانؤ!) بيشڪ انهن جي دلين ۾ الله کان (به) وڌيڪ توهان جو رعب ۽ ڊپ آهي، اهو ان ڪري جو اُهي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي سمجهه ئي نٿا رکن.
— مولانا طاھر القادريلَا يُقَاتِلُوْنَكُمْ جَمِيْعًا اِلَّا فِيْ قُرًى مُّحَصَّنَةٍ اَوْ مِنْ وَّرَاۗءِ جُدُرٍ ۭ بَاْسُهُمْ بَيْنَهُمْ شَدِيْدٌ ۭ تَحْسَبُهُمْ جَمِيْعًا وَّقُلُوْبُهُمْ شَتّٰى ۭ ذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ قَوْمٌ لَّا يَعْقِلُوْنَ ۚ14
اُهي (مديني جا عهد ٽوڙيندڙ يهودي ۽ منافق) سڀئي گڏجي (به) توهان سان جنگ نه ڪري سگهندا سواءِ قلعي بند شهرن ۾ يا ڀتين جي آڙ ۾، سندن لڙائي انهن جي پاڻ ۾ (ئي) سخت آهي، توهان انهن کي گڏ ٿا سمجهو حالانڪه انهن جون دليون پاڻ ۾ جدا جدا آهن، اِهو ان ڪري جو اُهي عقل کان ڪم نٿا وٺن.
— مولانا طاھر القادريكَمَثَلِ الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ قَرِيْبًا ذَاقُوْا وَبَالَ اَمْرِهِمْ ۚ وَلَهُمْ عَذَابٌ اَلِيْمٌ ۚ15
(انهن جو حال) انهن ماڻهن وانگر آهي جيڪي کانئن اڳ ويجهي زماني ۾ ئي پنهنجي عملن جي شامت جو مزو چکي چڪا آهن (يعني بدر ۾ مڪي جي مشرڪن، ۽ يهودين مان بنو نضير، بنو قينقاع ۽ بنو قريظه وغيره)، ۽ انهن جي لاءِ (آخرت ۾ به) دردناڪ عذاب آهي.
— مولانا طاھر القادريكَمَثَلِ الشَّيْطٰنِ اِذْ قَالَ لِلْاِنْسَانِ اكْفُرْ ۚ فَلَمَّا كَفَرَ قَالَ اِنِّىْ بَرِيْۗءٌ مِّنْكَ اِنِّىْٓ اَخَافُ اللّٰهَ رَبَّ الْعٰلَمِيْنَ 16
(منافقن جو مثال) شيطان جهڙو آهي جڏهن هو انسان کي چوندو آهي ته تون ڪافر ٿي وڃ، پوءِ جڏهن هو ڪافر ٿي ويندو آهي ته (شيطان) چوندو آهي آئون توکان بيزار آهيان، بيشڪ آئون الله کان ڊڄان ٿو جيڪو تمام جهانن جو رب آهي.
— مولانا طاھر القادريفَكَانَ عَاقِبَتَهُمَآ اَنَّهُمَا فِي النَّارِ خَالِدَيْنِ فِيْهَا ۭ وَذٰلِكَ جَزٰۗؤُا الظّٰلِمِيْنَ ۧ17
پوءِ انهن ٻنهي جو انجام اهو ٿيندو جو اُهي ٻئي دوزخ ۾ هوندا هميشه انهيءَ ۾ رهندا، ۽ ظالمن جي اِها ئي سزا آهي.
— مولانا طاھر القادرييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰهَ وَلْتَنْظُرْ نَفْسٌ مَّا قَدَّمَتْ لِغَدٍ ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ خَبِيْرٌۢ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ 18
اي ايمان وارؤ! توهان الله کان ڊڄندا رهو ۽ هر ماڻهو کي ڏسڻ گهرجي ته ان سڀاڻي (قيامت) جي لاءِ اڳتي ڇا موڪليو اٿس، ۽ توهان الله کان ڊڄندا رهو، بيشڪ الله انهن ڪمن کان باخبر آهي جيڪي توهان ڪريو ٿا.
— مولانا طاھر القادريوَلَا تَكُوْنُوْا كَالَّذِيْنَ نَسُوا اللّٰهَ فَاَنْسٰـىهُمْ اَنْفُسَهُمْ ۭ اُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْفٰسِقُوْنَ 19
۽ انهن ماڻهن وانگر نه ٿيو جيڪي الله کي وساري ويٺا پوءِ الله انهن کان سندن جانيون ئي وسارائي ڇڏيون (جو اُهي پنهنجي جانين جي لاءِ ئي ڪا ڀلائي اڳتي موڪلين ها)، اُهي ئي ماڻهو نافرمان آهن.
— مولانا طاھر القادريلَا يَسْتَوِيْٓ اَصْـحٰبُ النَّارِ وَاَصْـحٰبُ الْـجَنَّةِ ۭ اَصْـحٰبُ الْـجَنَّةِ هُمُ الْفَاۗىِٕزُوْنَ 20
دوزخ وارا ۽ جنت وارا برابر نٿا ٿي سگهن، جنت وارا ئي ڪامياب ۽ ڪامران آهن.
— مولانا طاھر القادري