055 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 78 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
اَلرَّحْمٰنُ 1ۙ
(اُهو) رحمٰن ئي آهي.
— مولانا طاھر القادريعَلَّمَ الْقُرْاٰنَ 2ۭ
جنهن (پاڻ رسول عربي صلي الله عليه وآلہٖ وسلم کي) قرآن سيکاريو.
— مولانا طاھر القادريخَلَقَ الْاِنْسَانَ 3ۙ
اُن ئي (هن ڪامل) انسان کي پيدا فرمايو.
— مولانا طاھر القادريعَلَّمَهُ الْبَيَانَ 4
ان ئي هن کي (يعني نبي برحق صلي الله عليه وآلہٖ وسلم کي ما کان وما يکون جو) بيان سيکاريائين.
— مولانا طاھر القادرياَلشَّمْسُ وَالْقَمَرُ بِحُسْـبَانٍ 5۠
سج ۽ چنڊ (ان جي ئي) مقرر ڪيل حساب سان هلن ٿا.
— مولانا طاھر القادريوَّالنَّجْمُ وَالشَّجَرُ يَسْجُدٰنِ 6
۽ زمين تي پکڙڻ واريون ٻوٽيون ۽ سڀئي وڻ (انهيءَ کي) سجدو ڪن ٿا.
— مولانا طاھر القادريوَالسَّمَاۗءَ رَفَعَهَا وَوَضَعَ الْمِيْزَانَ 7ۙ
۽ ان ئي آسمان کي بلند ڪيو آهي ۽ (ان ئي عدل جي لاءِ) تارازي قائم ڪئي اٿس.
— مولانا طاھر القادرياَلَّا تَطْغَوْا فِي الْمِيْزَانِ 8
ته جيئن توهان تورڻ ۾ نابرابري نه ڪريو.
— مولانا طاھر القادريوَاَقِيْمُوا الْوَزْنَ بِالْقِسْطِ وَلَا تُخْسِرُوا الْمِيْزَانَ 9
۽ انصاف سان وزن کي ٺيڪ رکو ۽ تور کي نه گهٽايو.
— مولانا طاھر القادريوَالْاَرْضَ وَضَعَهَا لِلْاَنَامِ ۙ10
زمين کي ان ئي مخلوق جي لاءِ وڇايو.
— مولانا طاھر القادريفِيْهَا فَاكِهَةٌ ۽ وَّالنَّخْلُ ذَاتُ الْاَكْمَامِ ۖ11
ان ۾ ميوا آهن ۽ ڇڳن واريون کجيون آهن.
— مولانا طاھر القادريوَالْحَبُّ ذُو الْعَصْفِ وَالرَّيْحَانُ ۚ12
۽ بُهه وارو اناج آهي ۽ خوشبودار (ميوا) گل آهن.
— مولانا طاھر القادريفَبِاَيِّ اٰلَاۗءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ 13
پوءِ (اي جنن ۽ انسانن جي جماعت) توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟
— مولانا طاھر القادريخَلَقَ الْاِنْسَانَ مِنْ صَلْصَالٍ كَالْفَخَّارِ ۙ14
ان ئي انسان کي ٺڪري جيان وڄندڙ سڪل گاري مان بڻايو.
— مولانا طاھر القادريوَخَلَقَ الْجَاۗنَّ مِنْ مَّارِجٍ مِّنْ نَّارٍ ۚ15
۽ جنن کي باهه جي ڄڀي مان پيدا ڪيائين.
— مولانا طاھر القادريفَبِاَيِّ اٰلَاۗءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ 16
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟
— مولانا طاھر القادريرَبُّ الْمَشْرِقَيْنِ وَرَبُّ الْمَغْرِبَيْنِ ۚ17
(اُهوئي) ٻنهي اوڀرن جو مالڪ آهي ۽ (اُهوئي) ٻنهي اولهن جو مالڪ آهي.
— مولانا طاھر القادريفَبِاَيِّ اٰلَاۗءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ 18
پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟
— مولانا طاھر القادريمَرَجَ الْبَحْرَيْنِ يَلْتَقِيٰنِ ۙ19
ان ئي ٻه سمنڊ جاري ڪيائين جيڪي پاڻ ۾ ملن ٿا.
— مولانا طاھر القادريبَيْنَهُمَا بَرْزَخٌ لَّا يَبْغِيٰنِ ۚ20
انهن ٻنهيءَ جي وچ ۾ هڪ آڙ آهي اُهي (پنهنجي پنهنجي) حد کان ٽپي نٿا سگهن.
— مولانا طاھر القادري