054 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 55 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
اِقْتَرَبَتِ السَّاعَةُ وَانْشَقَّ الْقَمَرُ 1
قيامت ويجهي اچي پهتي ۽ چنڊ ٻه ٽڪرا ٿيو.
— مولانا طاھر القادريوَاِنْ يَّرَوْا اٰيَةً يُّعْرِضُوْا وَيَقُوْلُوْا سِحْرٌ مُّسْتَمِرٌّ 2
۽ جيڪڏهن اُهي (ڪافر) ڪا نشاني (يعني معجزو) ڏسن ٿا ته منهن ڦيرين ٿا ۽ چون ٿا ته (اهو ته) هميشه کان هليو ايندڙ طاقتور جادو آهي.
— مولانا طاھر القادريوَكَذَّبُوْا وَاتَّبَعُوْٓا اَهْوَاۗءَهُمْ وَكُلُّ اَمْرٍ مُّسْتَقِرٌّ 3
۽ انهن (هاڻي به) ڪوڙو سڏيو ۽ پنهنجي خواهشن جي پٺيان هليا ۽ هر ڪم (جنهن جو وعدو ڪيو ويو آهي) مقرر وقت تي ٿيڻ وارو آهي.
— مولانا طاھر القادريوَلَقَدْ جَاۗءَهُمْ مِّنَ الْاَنْۢبَاۗءِ مَا فِيْهِ مُزْدَجَرٌ 4ۙ
۽ بيشڪ انهن وٽ (اڳين قومن جون) اهڙيون خبرون اچي چڪيون آهن جن ۾ (ڪفر ۽ نافرماني تي وڏي) عبرت ۽ دڙڪو آهي.
— مولانا طاھر القادريحِكْمَةٌۢ بَالِغَةٌ فَـمَا تُغْنِ النُّذُرُ 5ۙ
هي (قرآن) مڪمل دانائي ۽ حڪمت آهي ڇا پوءِ به ڊيڄاريندڙ ڪجهه فائدو نٿا ڏين؟
— مولانا طاھر القادريفَتَوَلَّ عَنْهُمْ ۘ يَوْمَ يَدْعُ الدَّاعِ اِلٰى شَيْءٍ نُّكُرٍ 6ۙ
پوءِ توهان انهن کان منهن موڙيو، جنهن ڏينهن سڏيندڙ (ملائڪ) هڪ انتهائي اڻ وڻندڙ شيءِ (حشر جي ميدان) ڏانهن سڏيندو.
— مولانا طاھر القادريخُشَّعًا اَبْصَارُهُمْ يَخْرُجُوْنَ مِنَ الْاَجْدَاثِ كَاَنَّهُمْ جَرَادٌ مُّنْتَشِرٌ 7ۙ
پنهنجون اکيون جهڪائي قبرن مان نڪرندا ڄڻ اُهي پکڙيل مڪڙ آهن.
— مولانا طاھر القادريمُّهْطِعِيْنَ اِلَى الدَّاعِ ۭ يَقُوْلُ الْكٰفِرُوْنَ ھٰذَا يَوْمٌ عَسِرٌ 8
سڏيندڙ ڏانهن ڊڪندي وڃي رهيا هوندا، ڪافر چوندا هي وڏو سخت ڏينهن آهي.
— مولانا طاھر القادريكَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوْحٍ فَكَذَّبُوْا عَبْدَنَا وَقَالُوْا مَجْنُوْنٌ وَّازْدُجِرَ 9
انهن کان پهرين نوح جي قوم (به) تڪذيب ڪئي هئي پوءِ انهن اسان جي ٻانهي (مرسل نوح عليه السلام) کي ڪوڙو سڏيو ۽ چيائون: (هي) ديوانو آهي ۽ ان کي ڌمڪيون ڏنيون ويون.
— مولانا طاھر القادريفَدَعَا رَبَّهٗ ٓ اَنِّىْ مَغْلُوْبٌ فَانْتَصِرْ 10
پوءِ ان پنهنجي رب کان دعا ڪئي ته آئون (پنهنجي قوم جي ظلمن کان) عاجز آهيان پوءِ تون بدلو وٺ.
— مولانا طاھر القادريفَفَتَحْنَآ اَبْوَابَ السَّمَاۗءِ بِـمَاۗءٍ مُّنْهَمِرٍ ڮ 11
پوءِ اسان زوردار مينهن سان آسمان جا در کولي ڇڏيا.
— مولانا طاھر القادريوَّفَجَّــرْنَا الْاَرْضَ عُيُوْنًا فَالْتَقَى الْمَاۗءُ عَلٰٓي اَمْرٍ قَدْ قُدِرَ ۚ12
۽ اسان زمين مان چشما جاري ڪيا، پوءِ (زمين ۽ آسمان جو) پاڻي هڪ ئي ڪم جي لاءِ گڏ ٿيو جيڪو (انهن جي تباهي جي لاءِ) اڳ ۾ ئي مقرر ٿي چڪو هو.
— مولانا طاھر القادريوَحَمَلْنٰهُ عَلٰي ذَاتِ اَلْوَاحٍ وَّدُسُرٍۙ13
۽ اسان ان کي (يعني نوح عليه السلام کي) تختن ۽ ميخن واري (ٻيڙي) تي سوار ڪيو.
— مولانا طاھر القادريتَـجْرِيْ بِاَعْيُنِنَا ۚ جَزَاۗءً لِّمَنْ كَانَ كُفِرَ 14
جيڪا اسان جي نگاهن جي سامهون (اسان جي حفاظت ۾) هلي ٿي، (اِهو سڀ ڪجهه) ان (هڪ) شخص (نوح عليه السلام) جو بدلي خاطر هو جنهن جو انڪار ڪيو ويو هو.
— مولانا طاھر القادريوَلَقَدْ تَّرَكْنٰهَآ اٰيَةً فَهَلْ مِنْ مُّدَّكِرٍ 15
۽ بيشڪ اسان انهيءَ (طوفانِ نوح جا آثار) نشاني طور باقي رکيا ته ڇا ڪو سوچڻ (۽ نصيحت قبول ڪرڻ) وارو آهي؟
— مولانا طاھر القادريفَكَيْفَ كَانَ عَذَابِيْ وَنُذُرِ 16
پوءِ منهنجو عذاب ۽ منهنجو ڊيڄارڻ ڪيئن هو؟
— مولانا طاھر القادريوَلَقَدْ يَسَّرْنَا الْقُرْاٰنَ لِلذِّكْرِ فَهَلْ مِنْ مُّدَّكِرٍ 17
۽ بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت جي لاءِ آسان ڪري ڇڏيو آهي ته ڇا ڪو نصيحت قبول ڪرڻ وارو آهي؟
— مولانا طاھر القادريكَذَّبَتْ عَادٌ فَكَيْفَ كَانَ عَذَابِيْ وَنُذُرِ 18
عاد (جي قوم) به (پيغمبرن کي) ڪوڙو چيو هو پوءِ (انهن تي) منهنجو عذاب ۽ منهنجو ڊيڄارڻ ڪهڙو (عبرتناڪ) رهيو.
— مولانا طاھر القادرياِنَّآ اَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيْحًا صَرْصَرًا فِيْ يَوْمِ نَحْسٍ مُّسْتَمِرٍّ ۙ19
بيشڪ اسان انهن تي انتهائي سخت آواز وارو تيز طوفان (سندن حق ۾) هميشه جي بدبختي واري ڏينهن ۾ موڪليو.
— مولانا طاھر القادريتَنْزِعُ النَّاسَ ۙ كَاَنَّهُمْ اَعْجَازُ نَخْلٍ مُّنْقَعِرٍ 20
جنهن ماڻهن کي (اهڙي طرح) پٽي اڇلايو ٿي ڄڻ اُهي پٽيل کجيءَ جي وڻ جا ٿڙ آهن.
— مولانا طاھر القادري