053 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 62 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
وَالنَّجْمِ اِذَا هَوٰى 1ۙ
قسم آهي روشن ستاري (محمد صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) جو جڏهن اهو (اک ڇنب ۾ معراج واري رات مٿي وڃي) هيٺ لٿو.
— مولانا طاھر القادريمَا ضَلَّ صَاحِبُكُمْ وَمَا غَوٰى 2ۚ
توهان کي (پنهنجي) صحبت سان نوازيندڙ (يعني توهان کي صحبت جي فيض سان صحابي بڻائيندڙ رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) نه (ڪڏهن) رستو ڀليا ۽ نه (ڪڏهن واٽ کان ڀٽڪيا.
— مولانا طاھر القادريوَمَا يَنْطِقُ عَنِ الْهَوٰى 3ۭ
۽ اهي (پنهنجي) خواهش سان نٿا ڳالهائن.
— مولانا طاھر القادرياِنْ هُوَ اِلَّا وَحْيٌ يُّوْحٰى 4ۙ
انهن جو ارشاد سراسر وحي هوندو آهي جيڪو انهن کي موڪليو ٿو وڃي.
— مولانا طاھر القادريعَلَّمَهٗ شَدِيْدُ الْقُوٰى 5ۙ
ان کي وڏين قوتن واري (رب سڌي ريت ڪامل) علم سان نوازيو.
— مولانا طاھر القادريذُوْ مِرَّةٍ ۭ فَاسْتَوٰى 6ۙ
جيڪو حسنِ مطلق آهي، پوءِ ان (حسن جي جلوي پنهنجي) ظاهر ٿيڻ جو ارادو فرمايو.
— مولانا طاھر القادريوَهُوَ بِالْاُفُقِ الْاَعْلٰى 7ۭ
۽ اهو (محمد صلي الله عليه وآلہٖ وسلم معراج واري رات عالم مڪان جي) سڀ کان مٿانهين ڪناري تي هو (يعني عالم خلق جي انتها تي هو).
— مولانا طاھر القادريثُـمَّ دَنَا فَتَدَلّٰى 8ۙ
پوءِ اهو (رب العزت پنهنجي حبيب محمد صلي الله عليه وآلہٖ وسلم کي) ويجهو ٿيو پوءِ اڃانن وڌيڪ ويجهو ٿيو.
— مولانا طاھر القادريفَكَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ اَوْ اَدْنٰى 9ۚ
پوءِ (جلوهء حق ۽ حبيب مڪرم صلي الله عليه وآلہٖ وسلم ۾ صرف) ٻن ڪمانن جي مقدار وٿي رهجي وئي يا (قرب جي انتها ۾) ان کان به گهٽ (ٿي وئي).
— مولانا طاھر القادريفَاَوْحٰٓى اِلٰى عَبْدِهٖ مَآ اَوْحٰى ۭ10
پوءِ (ان خاص قرب ۽ وصال جي مقام تي) ان (الله) پنهنجي (محبوب) ٻانهي جي طرف وحي فرمايائين جيڪو (به) وحي فرمايائين.
— مولانا طاھر القادريمَا كَذَبَ الْفُؤَادُ مَا رَاٰى 11
(ان جي) دل ان جي خلاف نه ڄاتو جيڪو (سندس) اکين ڏٺو.
— مولانا طاھر القادرياَفَتُمٰرُوْنَهٗ عَلٰي مَا يَرٰى 12
ڇا توهان ساڻس ان تي جهڳڙو ڪريو ٿا جيڪو ان ڏٺو.
— مولانا طاھر القادريوَلَقَدْ رَاٰهُ نَزْلَةً اُخْرٰى ۙ13
۽ بيشڪ ان ته اهو (حق جو جلوو) ٻئي ڀيري (وري) ڏٺو (۽ توهان هڪ ڀيرو ڏسڻ تي ئي جهڳڙو پيا ڪريو).
— مولانا طاھر القادريعِنْدَ سِدْرَةِ الْمُنْتَهٰى 14
سدرة المنتهيٰ جي ويجهو.
— مولانا طاھر القادريعِنْدَهَا جَنَّةُ الْمَاْوٰى ۭ15
انهي وٽ جنت الماويٰ آهي.
— مولانا طاھر القادرياِذْ يَغْشَى السِّدْرَةَ مَا يَغْشٰى ۙ16
جڏهن حق جي نور جون تجليون سدرة (المنتهيٰ) کي (به) ڍڪي رهيو هيون. جيڪي (ان تي) پاڇو ڪندڙ هيون.
— مولانا طاھر القادريمَا زَاغَ الْبَصَرُ وَمَا طَغٰى 17
ان جي اک نه ڪنهن ٻي طرف مائل ٿي نه حد کان وڌي (جنهن کي تڪڻو هو انهيءَ تي ڄميل رهي).
— مولانا طاھر القادريلَقَدْ رَاٰى مِنْ اٰيٰتِ رَبِّهِ الْكُبْرٰى 18
بيشڪ ان (معراج جي رات) پنهنجي رب جون وڏيو نشانيون ڏٺيون.
— مولانا طاھر القادرياَفَرَءَيْتُمُ اللّٰتَ وَالْعُزّٰى ۙ19
ڇا توهان لات ۽ عزيٰ (ديوين) تي غور ڪيو آهي؟
— مولانا طاھر القادريوَمَنٰوةَ الثَّالِثَةَ الْاُخْرٰى 20
۽ ان ٽئين هڪ ٻئي (ديوي) منات کي به (غور سان ڏٺو آهي؟ توهان انهن کي الله جو ڌيئرون بڻائي رکيو آهي؟).
— مولانا طاھر القادري