051 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 60 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
وَالذّٰرِيٰتِ ذَرْوًا 1ۙ
اڏائي وکيريندڙ هوائن جو قسم.
— مولانا طاھر القادريفَالْـحٰمِلٰتِ وِقْرًا 2ۙ
۽ (پاڻي جو) ڳرو بار کڻندڙ بادلن جو قسم.
— مولانا طاھر القادريفَالْـجٰرِيٰتِ يُسْرًا 3ۙ
۽ ناز سان هلندڙ ٻيڙين جو قسم.
— مولانا طاھر القادريفَالْمُقَسِّمٰتِ اَمْرًا 4ۙ
۽ ڪم ورهائيندڙ ملائڪن جو قسم.
— مولانا طاھر القادرياِنَّـمَا تُوْعَدُوْنَ لَصَادِقٌ 5ۙ
بيشڪ (آخرت جو) جيڪو وعدو توهان سان ڪيو پيو وڃي بلڪل سچو آهي.
— مولانا طاھر القادريوَّاِنَّ الدِّيْنَ لَوَاقِــعٌ 6ۭ
۽ بيشڪ (عملن جي) جزا ۽ سزا ضرور واقع ٿيندي.
— مولانا طاھر القادريوَالسَّمَاۗءِ ذَاتِ الْحُبُكِ 7ۙ
۽ (تارن ۽ سيارن جي) ڪهڪشائن ۽ رستن واري آسمان جو قسم.
— مولانا طاھر القادرياِنَّكُمْ لَفِيْ قَوْلٍ مُّـخْتَلِفٍ 8ۙ
بيشڪ توهان مخلتف اڻ ٺهندڙ ڳالهين ۾ (پيل) آهيو.
— مولانا طاھر القادرييُّؤْفَكُ عَنْهُ مَنْ اُفِكَ 9ۭ
هن (رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم ۽ قرآن کان) اُهوئي ڦري ٿو جنهن کي (ازلي علم سان) ڦيريو ويو آهي.
— مولانا طاھر القادريقُتِلَ الْـخَــرّٰصُوْنَ ۙ10
گمان و اٽڪل سان ڪوڙ ڳالهائيندڙ تباهه ٿي ويا.
— مولانا طاھر القادريالَّذِيْنَ هُمْ فِيْ غَـمْرَةٍ سَاهُوْنَ ۙ11
جيڪي جهالت ۽ غفلت ۾ (آخرت کي) وساريندڙ آهن.
— مولانا طاھر القادرييَسْـَٔـلُوْنَ اَيَّانَ يَوْمُ الدِّيْنِ ۭ12
پڇن ٿا بدلي جو ڏينهن ڪڏهن ٿيندو؟
— مولانا طاھر القادرييَوْمَ هُمْ عَلَي النَّارِ يُفْتَنُوْنَ 13
(فرمايو:) ان ڏينهن (هوندو جڏهن) اُهي دوزخ جي باهه ۾ تپايا ويندا.
— مولانا طاھر القادريذُوْقُوْا فِتْنَتَكُمْ ۭ ھٰذَا الَّذِيْ كُنْتُمْ بِهٖ تَسْتَعْجِلُوْنَ 14
(انهن کي چيو ويندو) پنهنجي سزا جو مزو چکو، اِهوئي اُهو عذاب آهي جنهن کي توهان جلدي گهرو ٿا.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ الْمُتَّقِيْنَ فِيْ جَنّٰتٍ وَّعُيُوْنٍ ۙ15
بيشڪ پرهيزگار باغن ۽ چشمن ۾ (مزا ماڻيندا) هوندا.
— مولانا طاھر القادرياٰخِذِيْنَ مَآ اٰتٰىهُمْ رَبُّهُمْ ۭ اِنَّهُمْ كَانُوْا قَبْلَ ذٰلِكَ مُحْسِنِيْنَ ۭ16
انهن نعمتن کي (ڪيف ۽ سرور) سان وٺندا هوندا جيڪي سندن رب کين (مهرباني ۽ ڪرم سان) ڏيندو هوندو. بيشڪ هي اُهي ماڻهو آهن جيڪي هن کان اڳي (جي زندگي ۾) صاحبِ احسان هئا.
— مولانا طاھر القادريكَانُوْا قَلِيْلًا مِّنَ الَّيْلِ مَا يَهْجَعُوْنَ 17
اُهي راتين جو ٿورڙي دير سمهندا هئا.
— مولانا طاھر القادريوَبِالْاَسْـحَارِ هُمْ يَسْتَغْفِرُوْنَ 18
۽ رات جي پوئين پهرن ۾ (اُٿي) معافي گهرندا هئا.
— مولانا طاھر القادريوَفِيْٓ اَمْوَالِهِمْ حَقٌّ لِّلسَّاۗىِٕلِ وَالْمَحْرُوْمِ 19
۽ انهن جي مالن ۾ گهرندڙ ۽ محروم (سڀني حاجتمندن) جو حق مقرر هو.
— مولانا طاھر القادريوَفِي الْاَرْضِ اٰيٰتٌ لِّلْمُوْقِنِيْنَ ۙ20
۽ زمين ۾ صاحبان ايقان وارن (يعني ڪامل يقين وارن) جي لاءِ ڪيتريون ئي نشانيون آهن.
— مولانا طاھر القادري