050 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 45 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
قۗ ڗ وَالْقُرْاٰنِ الْمَجِيْدِ 1ۚ
ق (حقيقي معنيٰ الله ۽ رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم ئي بهتر ڄاڻن ٿا)، قسم آهي قرآن مجيد جو.
— مولانا طاھر القادريبَلْ عَـجِبُوْٓا اَنْ جَاۗءَهُمْ مُّنْذِرٌ مِّنْهُمْ فَقَالَ الْكٰفِرُوْنَ ھٰذَا شَيْءٌ عَـجِيْبٌ 2ۚ
بلڪه انهن ماڻهن تعجب ڪيو ته وٽن انهن ئي مان هڪ ڊيڄاريندڙ آيو آهي پوءِ ڪافر چون ٿا هي عجيب ڳالهه آهي.
— مولانا طاھر القادريءَاِذَا مِتْنَا وَكُنَّا تُرَابًا ۚ ذٰلِكَ رَجْعٌۢ بَعِيْدٌ 3
ڇا جڏهن اسين مري وينداسين ۽ اسين مٽي ٿي وينداسين (ته وري جيئرا ٿينداسين)؟ اهو موٽڻ (سمجهه ۽ عقل کان) پري آهي.
— مولانا طاھر القادريقَدْ عَلِمْنَا مَا تَنْقُصُ الْاَرْضُ مِنْهُمْ ۚ وَعِنْدَنَا كِتٰبٌ حَفِيْظٌ 4
بيشڪ اسان ڄاڻون ٿا ته زمين انهن (جي جسمن) مان (کائي کائي) ڪيترو گهٽائي ٿي، ۽ اسان وٽ (اهڙو) ڪتاب آهي جنهن ۾ سڀ ڪجهه محفوظ آهي.
— مولانا طاھر القادريبَلْ كَذَّبُوْا بِالْـحَقِّ لَمَّا جَاۗءَهُمْ فَهُمْ فِيْٓ اَمْرٍ مَّرِيْــجٍ 5
بلڪه (عجيب، سمجهه ۽ عقل کان پري ته اها ڳالهه آهي جو) انهن حق (يعني رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم ۽ قرآن) کي ڪوڙو سمجهيو جڏهن اُهو وٽن اچي چڪو پوءِ اُهي پاڻ (ئي) مونجهاري ۽ پريشاني جي ڳالهه ۾ (پيل) آهن.
— مولانا طاھر القادرياَفَلَمْ يَنْظُرُوْٓا اِلَى السَّمَاۗءِ فَوْقَهُمْ كَيْفَ بَنَيْنٰهَا وَزَيَّنّٰهَا وَمَا لَهَا مِنْ فُرُوْجٍ 6
پوءِ ڇا انهن آسمان ڏانهن نگاهه نه ڪئي جيڪو انهن جي مٿان آهي ته اسان ان کي ڪيئن بڻايو آهي ۽ (ڪيئن) سينگاريو آهي ۽ ان ۾ ڪو ڏار (تائين) نه آهي.
— مولانا طاھر القادريوَالْاَرْضَ مَدَدْنٰهَا وَاَلْقَيْنَا فِيْهَا رَوَاسِيَ وَاَنْۢبَتْنَا فِيْهَا مِنْ كُلِّ زَوْجٍۢ بَهِيْجٍ 7ۙ
۽ (اهڙي طرح) اسان زمين کي پکيڙيو ۽ ان ۾ اسان تمام ڳرا جبل رکيا ۽ اسان ان ۾ هر قسم جا وڻندڙ ٻوٽا اُڳايا.
— مولانا طاھر القادريتَبْصِرَةً وَّذِكْرٰى لِكُلِّ عَبْدٍ مُّنِيْبٍ 8
(هي سمورو) بصيرت ۽ نصيحت (جو سامان) آهي هر ان ٻانهي جي لاءِ جيڪو (الله جي طرف) موٽندڙ آهي.
— مولانا طاھر القادريوَنَزَّلْنَا مِنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءً مُّبٰرَكًا فَاَنْۢبَتْنَا بِهٖ جَنّٰتٍ وَّحَبَّ الْـحَصِيْدِ 9ۙ
۽ اسان آسمان مان برڪت وارو پاڻي وسايو پوءِ اسان ان مان باغ اڳايا ۽ ٻنين جو اناج (به).
— مولانا طاھر القادريوَالنَّخْلَ بٰسِقٰتٍ لَّهَا طَلْعٌ نَّضِيْدٌ ۙ10
۽ ڊگهيون ڊگهيون کجيون جن جا ڇُڳا تهن مٿان تهه هوندا آهن.
— مولانا طاھر القادريرِّزْقًا لِّلْعِبَادِ ۙ وَاَحْيَيْنَا بِهٖ بَلْدَةً مَّيْتًا ۭ كَذٰلِكَ الْـخُرُوْجُ 11
(اهو سڀ ڪجهه پنهنجي) ٻانهن جي روزي جي لاءِ (ڪيو) ۽ اسان انهيءَ (پاڻي) مان مئل زمين کي جيئرو ڪيو. اهڙي طرح (توهان جو) قبرن مان نڪرڻ هوندو.
— مولانا طاھر القادريكَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوْحٍ وَّاَصْـحٰبُ الرَّسِّ وَثَـمُوْدُ ۙ12
انهن (مڪي جي ڪافرن) کان اڳي نوح جي قوم، ۽ (يمامه جي سرزمين جي انڌي) کوهه وارن، ۽ (مديني کان شام جي طرف تبوڪ جي ويجهو ڳوٺ حجر ۾ آباد صالح عليه السلام جي قوم) ثمود ڪوڙو سڏيو.
— مولانا طاھر القادريوَعَادٌ وَّفِرْعَوْنُ وَاِخْوَانُ لُوْطٍ ۙ13
۽ (عُمان ۽ ارض مَهره جي وچ ۾ يمن جي وادي احقاف ۾ آباد هود عليه السلام جي قوم) عاد ۽ (مصر جي حڪمران) فرعون ۽ (فلسطين جي سرزمين ۾ سدوم ۽ عموره جي رهڻ واري) لوط جي قوم.
— مولانا طاھر القادريوَّ اَصْـحٰبُ الْاَيْكَةِ وَقَوْمُ تُبَّعٍ ۭ كُلٌّ كَذَّبَ الرُّسُلَ فَـحَقَّ وَعِيْدِ 14
۽ (مدين جي گهاٽن وڻن واري ٻيلي) اَيڪه جي رهڻ وارن (هي شعيب جي قوم هئي) ۽ (يمن جي بادشاهه اسعد ابوڪريب) تُبّع (الحِمۡيَري) جي قوم، (مقصد ته انهن) سڀني رسولن کي ڪوڙو سمجهيو، پوءِ (انهن تي) منهنجي عذاب جو وعدو ثابت ٿي رهيو.
— مولانا طاھر القادرياَفَعَيِيْنَا بِالْــخَلْقِ الْاَوَّلِ ۭ بَلْ هُمْ فِيْ لَبْسٍ مِّنْ خَلْقٍ جَدِيْدٍ ۧ15
پوءِ ڇا اسان پهرئين ڀيري پيدا ڪرڻ جي ڪري ٿڪجي ويا آهيون؟ (ائين ناهي) بلڪه اُهي ماڻهو نئين سر پيدا ٿيڻ جي باري ۾ شڪ ۾ (پيل) آهن.
— مولانا طاھر القادريوَلَقَدْ خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ وَنَعْلَمُ مَا تُوَسْوِسُ بِهٖ نَفْسُهٗ ښ وَنَــحْنُ اَقْرَبُ اِلَيْهِ مِنْ حَبْلِ الْوَرِيْدِ 16
۽ بيشڪ اسان انسان کي پيدا ڪيو آهي ۽ اسان انهن وسوسن کي (به) ڄاڻون ٿا جيڪي هن جو نفس (سندس دل ۽ دماغ ۾) وجهي ٿو. ۽ اسان سندس شه رڳ کان به وڌيڪ کيس ويجهو آهيون.
— مولانا طاھر القادرياِذْ يَتَلَقَّى الْمُتَلَقِّيٰنِ عَنِ الْيَمِيْنِ وَعَنِ الشِّمَالِ قَعِيْدٌ 17
جڏهن ٻه وٺڻ وارا (ملائڪ ان جي هر قول ۽ فعل کي تحرير ۾) وٺن ٿا (جيڪي) ساڄي طرف ۽ کاٻي طرف ويٺل آهن.
— مولانا طاھر القادريمَا يَلْفِظُ مِنْ قَوْلٍ اِلَّا لَـدَيْهِ رَقِيْبٌ عَتِيْدٌ 18
اُهو منهن مان ڪا ڳالهه نٿو چوي مگر وٽس هڪ نگهبان (لکڻ جي لاءِ) تيار رهي ٿو.
— مولانا طاھر القادريوَجَاۗءَتْ سَكْرَةُ الْمَوْتِ بِالْـحَقِّ ۭ ذٰلِكَ مَا كُنْتَ مِنْهُ تَـحِيْدُ 19
۽ موت جي بيهوشي حق سان گڏ اچي پهتي. (اي انسان!) اِها ئي اُها شيءِ آهي جنهن کان تون ڀڄندو هئين.
— مولانا طاھر القادريوَنُفِخَ فِي الصُّوْرِ ۭ ذٰلِكَ يَوْمُ الْوَعِيْدِ 20
۽ صور ڦوڪيو ويندو، اهوئي (عذاب ئي) وعيد جو ڏينهن آهي.
— مولانا طاھر القادري