1

الۡفَاتِحَۃِ

1 رڪوع 7 آيتون
2

الۡبَقَرَۃِ

40 رڪوع 286 آيتون
3

اٰلِ عِمۡرٰنَ

20 رڪوع 200 آيتون
4

النِّسَآءِ

24 رڪوع 176 آيتون
5

المَآئِدَۃِ

16 رڪوع 120 آيتون
6

الۡاَنۡعَامِ

20 رڪوع 165 آيتون
7

الۡاَعۡرَافِ

24 رڪوع 206 آيتون
8

الۡاَنۡفَالِ

10 رڪوع 75 آيتون
9

التَّوۡبَۃِ

16 رڪوع 129 آيتون
10

یُوۡنُسَ

11 رڪوع 109 آيتون
11

ہُوۡدٍ

10 رڪوع 123 آيتون
12

یُوسُفَ

12 رڪوع 111 آيتون
13

الرَّعۡدِ

6 رڪوع 43 آيتون
14

اِبۡرٰہِیۡمَ

7 رڪوع 52 آيتون
15

الۡحِجۡرِ

6 رڪوع 99 آيتون
16

النَّحۡلِ

16 رڪوع 128 آيتون
17

بَنِیۡۤ اسۡرَآءِیۡلَ

12 رڪوع 111 آيتون
18

الۡکَہۡفِ

12 رڪوع 110 آيتون
19

مَرۡیَمَ

6 رڪوع 98 آيتون
20

طٰہٰ

8 رڪوع 135 آيتون
21

الۡانۡۢبِیَآءِ

7 رڪوع 112 آيتون
22

الۡحَجِّ

10 رڪوع 78 آيتون
23

الۡمُؤۡمِنُوۡنَ

6 رڪوع 118 آيتون
24

النُّوۡرِ

9 رڪوع 64 آيتون
25

الۡفُرۡقَانِ

6 رڪوع 77 آيتون
26

الشُّعَرَآءِ

11 رڪوع 227 آيتون
27

النَّمۡلِ

7 رڪوع 93 آيتون
28

الۡقَصَصِ

9 رڪوع 88 آيتون
29

الۡعَنۡکَبُوۡتِ

7 رڪوع 69 آيتون
30

الرُّوۡمِ

6 رڪوع 60 آيتون
31

لُقۡمٰنَ

4 رڪوع 34 آيتون
32

السَّجۡدَۃِ

3 رڪوع 30 آيتون
33

الۡاَحۡزَابِ

9 رڪوع 73 آيتون
34

سَـبَاٍ

6 رڪوع 54 آيتون
35

فَـاطِرٍ

5 رڪوع 45 آيتون
36

یٰسٓ

5 رڪوع 83 آيتون
37

الصّٰٓفّٰت

5 رڪوع 182 آيتون
38

صٓ

5 رڪوع 88 آيتون
39

الزُّمَرِ

8 رڪوع 75 آيتون
40

الۡمُؤۡمِنِ

9 رڪوع 85 آيتون
41

حٰمٓ السَّجۡدَۃِ

6 رڪوع 54 آيتون
42

الشُّوۡرٰی

5 رڪوع 53 آيتون
43

الزُّخۡرُفِ

7 رڪوع 89 آيتون
44

الدُّخَانِ

3 رڪوع 59 آيتون
45

الۡجَاثِیَۃِ

4 رڪوع 37 آيتون
46

الۡاَحۡقَافِ

4 رڪوع 35 آيتون
47

مُحَمَّدٍ

4 رڪوع 38 آيتون
48

الۡفَتۡحِ

4 رڪوع 29 آيتون
49

الۡحُجُرٰتِ

2 رڪوع 18 آيتون
50

قٓ

3 رڪوع 45 آيتون
51

الذّٰرِیٰتِ

3 رڪوع 60 آيتون
52

الطُّوۡرِ

2 رڪوع 49 آيتون
53

النَّجۡمِ

3 رڪوع 62 آيتون
54

الۡقَمَرِ

3 رڪوع 55 آيتون
55

الرَّحۡمٰنِ

3 رڪوع 78 آيتون
56

الۡوَاقِعَۃِ

3 رڪوع 96 آيتون
57

الۡحَدِیۡدِ

4 رڪوع 29 آيتون
58

الۡمُجَادَلَۃِ

3 رڪوع 22 آيتون
59

الۡحَشۡرِ

3 رڪوع 24 آيتون
60

الۡمُمۡتَحِنَۃِ

2 رڪوع 13 آيتون
61

الصَّفِّ

2 رڪوع 14 آيتون
62

الۡجُمُعَۃِ

2 رڪوع 11 آيتون
63

الۡمُنٰفِقُوۡنَ

2 رڪوع 11 آيتون
64

التَّغَابُنِ

2 رڪوع 18 آيتون
65

الطَّلَاقِ

2 رڪوع 12 آيتون
66

التَّحۡرِیۡمِ

2 رڪوع 12 آيتون
67

الۡمُلۡکِ

2 رڪوع 30 آيتون
68

الۡقَلَمِ

2 رڪوع 52 آيتون
69

الۡحَآقَّــۃِ

2 رڪوع 52 آيتون
70

الۡمَعَارِجِ

2 رڪوع 44 آيتون
71

نُوۡحٍ

2 رڪوع 28 آيتون
72

الۡجِنِّ

2 رڪوع 28 آيتون
73

الۡمُزَّمِّلِ

2 رڪوع 20 آيتون
74

الۡمُدَّثِّرِ

2 رڪوع 56 آيتون
75

الۡقِیٰمَۃِ

2 رڪوع 40 آيتون
76

الدَّھۡرِ

2 رڪوع 31 آيتون
77

الۡمُرۡسَلٰتِ

2 رڪوع 50 آيتون
78

النَّبَاِ

2 رڪوع 40 آيتون
79

النّٰزِعٰتِ

2 رڪوع 46 آيتون
80

عَبَـسَ

1 رڪوع 42 آيتون
81

التَّکۡوِیۡرِ

1 رڪوع 29 آيتون
82

الۡاِنۡفِطَارِ

1 رڪوع 19 آيتون
83

المُطَفِّفِیۡنَ

1 رڪوع 36 آيتون
84

الاِنۡشقَاقِ

1 رڪوع 25 آيتون
85

الۡبُرُوۡجِ

1 رڪوع 22 آيتون
86

الطَّارِقِ

1 رڪوع 17 آيتون
87

الۡاَعۡلٰی

1 رڪوع 19 آيتون
88

الۡغَاشِیَۃِ

1 رڪوع 26 آيتون
89

الۡفَجۡرِ

1 رڪوع 30 آيتون
90

الۡبَلَدِ

1 رڪوع 20 آيتون
91

الشَّمۡسِ

1 رڪوع 15 آيتون
92

الَّیۡلِ

1 رڪوع 21 آيتون
93

الضُّحٰی

1 رڪوع 11 آيتون
94

اَلَمۡ نَشۡرَحَ

1 رڪوع 8 آيتون
95

التِّــیۡنِ

1 رڪوع 8 آيتون
96

الۡعَـلَقِ

1 رڪوع 19 آيتون
97

الۡقَدۡرِ

1 رڪوع 5 آيتون
98

الۡبَـیِّنَـۃِ

1 رڪوع 8 آيتون
99

الزِّلۡزَالِ

1 رڪوع 8 آيتون
100

الۡعٰدِیٰتِ

1 رڪوع 11 آيتون
101

الۡقَارِعَۃِ

1 رڪوع 11 آيتون
102

التَّکَاثُرِ

1 رڪوع 8 آيتون
103

الۡعَصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
104

الۡہُمَزَۃِ

1 رڪوع 9 آيتون
105

الۡفِیۡـلِ

1 رڪوع 5 آيتون
106

قُرَیۡشٍ

1 رڪوع 4 آيتون
107

الۡمَاعُوۡنِ

1 رڪوع 7 آيتون
108

الۡکَوۡثَرِ

1 رڪوع 3 آيتون
109

الۡکٰفِرُوۡنَ

1 رڪوع 6 آيتون
110

النَّصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
111

اللَّھَبِ

1 رڪوع 5 آيتون
112

الۡاِخۡلَاصِ

1 رڪوع 4 آيتون
113

الۡفَلَقِ

1 رڪوع 5 آيتون
114

النَّاسِ

1 رڪوع 6 آيتون

005 surah

ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 120 آيتون ۽ 16 رڪوع آھن

عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري

واپس وڃو

بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

5:1

يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اَوْفُوْا بِالْعُقُوْدِ ڛ اُحِلَّتْ لَكُمْ بَهِيْمَةُ الْاَنْعَامِ اِلَّا مَا يُتْلٰى عَلَيْكُمْ غَيْرَ مُـحِلِّي الصَّيْدِ وَاَنْتُمْ حُرُمٌ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يَـحْكُمُ مَا يُرِيْدُ 1‏۝

اي ايمان وارؤ! (پنهنجا) وعدا پورا ڪريو. توهان جي لاءِ چوپايا جانور حلال ڪيا ويا (آهن) سواءِ انهن (جانورن) جي جن جو بيان توهان تي آئنده ڪيو ويندو (پر) جڏهن توهان احرام جي حالت ۾ هجو، شڪار کي حلال نه سمجهو. بيشڪ الله جيڪي گهري ٿو حڪم فرمائي ٿو.

— مولانا طاھر القادري

5:2

يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا تُـحِلُّوْا شَعَاۗىِٕرَ اللّٰهِ وَلَا الشَّهْرَ الْـحَرَامَ وَلَا الْهَدْيَ وَلَا الْقَلَاۗىِٕدَ وَلَآ اٰۗمِّيْنَ الْبَيْتَ الْـحَرَامَ يَبْتَغُوْنَ فَضْلًا مِّنْ رَّبِّهِمْ وَرِضْوَانًا ۭ وَاِذَا حَلَلْتُمْ فَاصْطَادُوْا ۭ وَلَا يَـجْرِمَنَّكُمْ شَـنَاٰنُ قَوْمٍ اَنْ صَدُّوْكُمْ عَنِ الْمَسْجِدِ الْـحَرَامِ اَنْ تَعْتَدُوْا ۘ وَتَعَاوَنُوْا عَلَي الْبِرِّ وَالتَّقْوٰى ۠ وَلَا تَعَاوَنُوْا عَلَي الْاِثْـمِ وَالْعُدْوَانِ ۠ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ شَدِيْدُ الْعِقَابِ 2‏۝

اي ايمان وارؤ! الله جي نشانين جي بي حرمتي نه ڪريو ۽ نه حرمت (۽ ادب) واري مهيني جي (يعني ذوالقعده، ذوالحج، محرم ۽ رجب مان ڪنهن مهيني جي) ۽ نه حرم ڪعبه ڏانهن موڪليل قرباني جي جانورن جي ۽ نه مڪي ڏي آندل انهن جانورن جي جن جي ڪنڌ ۾ علامتي پٽا هجن ۽ نه حرمت واري گهر (يعني ڪعبي) جو ارادو ڪري اچڻ وارن (جي جان، مال ۽ عزت، آبرو) جي (بي حرمتي ڪريو ڇوته هي اهي ماڻهو آهن) جيڪي پنهنجي رب جو فضل ۽ راضپو ڳولين ٿا، ۽ جڏهن توهان احرام جي حالت کان ٻاهر اچو ته توهان شڪار ڪري سگهو ٿا، ۽ توهان کي ڪنهن قوم جي (اها) دشمني ته انهن توهان کي مسجد حرام (يعني ڪعبي جي حاضري) کان روڪيو هو هن ڳالهه تي هرگز نه اڀاري ته توهان (انهن سان) زيادتي ڪريو ۽ نيڪي ۽ پرهيزگاري (جي ڪمن) تي هڪٻئي جي مدد ڪريو ۽ الله کان ڊڄندا رهو. بيشڪ الله (نافرماني ڪرڻ وارن کي) سخت سزا ڏيندڙ آهي.

— مولانا طاھر القادري

5:3

حُرِّمَتْ عَلَيْكُمُ الْمَيْتَةُ وَالدَّمُ وَلَـحْمُ الْـخِنْزِيْرِ وَمَآ اُهِلَّ لِغَيْرِ اللّٰهِ بِهٖ وَالْمُنْخَنِقَةُ وَالْمَوْقُوْذَةُ وَالْمُتَرَدِّيَةُ وَالنَّطِيْحَةُ وَمَآ اَ كَلَ السَّبُعُ اِلَّا مَا ذَكَّيْتُمْ ۣ وَمَا ذُبِــحَ عَلَي النُّصُبِ وَاَنْ تَسْـتَقْسِمُوْا بِالْاَزْلَامِ ۭ ذٰلِكُمْ فِسْقٌ ۭ اَلْيَوْمَ يَىِٕسَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ دِيْنِكُمْ فَلَا تَـخْشَوْهُمْ وَاخْشَوْنِ ۭ اَلْيَوْمَ اَكْـمَلْتُ لَكُمْ دِيْنَكُمْ وَاَتْـمَمْتُ عَلَيْكُمْ نِعْمَتِيْ وَرَضِيْتُ لَكُمُ الْاِسْلَامَ دِيْنًا ۭ فَـمَنِ اضْطُرَّ فِيْ مَـخْمَصَةٍ غَيْرَ مُتَجَانِفٍ لِّاِثْـمٍ ۙ فَاِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 3‏۝

توهان تي مردار (يعني بنا شرعي ذبح جي مرندڙ جانور) حرام ڪيو ويو آهي ۽ (وهايل) رت ۽ سوئر جو گوشت ۽ اهو (جانور) جنهن تي ڪهڻ وقت ”غيرالله“ جو نالو پڪاريو ويو هجي ۽ ڪنڌ گهٽجي مئل (جانور) ۽ (ڌار واري اوزار کان سواءِ ٻئي ڪنهن شيءِ جي) ڌڪ سان مئل ۽ مٿان کان ڪري مئل ۽ (ڪنهن جانور جي) سِڱ هڻڻ سان مئل ۽ (اهو جانور) جنهن کي ڪنهن ڦاڙيندڙ ڦاڙي کاڌو هجي سواءِ ان جي جنهن کي (مرڻ کان اڳي) توهان ذبح ڪري ورتو، ۽ (اهو جانور به حرام آهي) جيڪو ڪوڙن معبودن جي ٺڪاڻن (يعني بتن جي لاءِ خاص ڪيل قرباني جي جڳهن) تي ذبح ڪيو ويو هجي ۽ اهو (به حرام آهي) ته توهان ڍارن (يعني فال جي تيرن) جي ذريعي قسمت جو حال معلوم ڪريو (يا حصا ورهايو)، اهي سڀ ڪم گناهه آهن. اڄ ڪافر توهان جي دين (جي غالب اچڻ سبب پنهنجي ناپاڪ ارادن) کان مايوس ٿي ويا، تنهنڪري (اي مسلمانؤ!) توهان انهن کان نه ڊڄو ۽ مون کان ئي ڊڄو. اڄ مون توهان جي لاءِ توهان جو دين مڪمل ڪري ڇڏيو ۽ توهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪيم ۽ توهان جي لاءِ اسلام کي (بطور) دين (يعني مڪمل نظام حيات جي حيثيت سان) پسند ڪيم. پوءِ جيڪڏهن ڪو ماڻهو بک (۽ اڃ) جي شدت ۾ لاچاري (يعني انتهائي مجبوري واري) حالت کي پهچي وڃي (ان شرط سان) ته گناهه جي طرف جهڪندڙ نه هجي (يعني حرام شيءِ گناهه جي شوق سبب نه کائي) ته بيشڪ الله وڏو بخشيندڙ نهايت مهربان آهي

— مولانا طاھر القادري

5:4

يَسْـــَٔلُوْنَكَ مَاذَآ اُحِلَّ لَهُمْ ۭ قُلْ اُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبٰتُ ۙ وَمَا عَلَّمْتُمْ مِّنَ الْـجَوَارِحِ مُكَلِّبِيْنَ تُعَلِّمُوْنَهُنَّ مِـمَّا عَلَّمَكُمُ اللّٰهُ ۡ فَكُلُوْا مِـمَّآ اَمْسَكْنَ عَلَيْكُمْ وَاذْكُرُوا اسْـمَ اللّٰهِ عَلَيْهِ ۠ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ سَرِيْعُ الْـحِسَابِ 4‏۝

ماڻهو توهان کان پڇن ٿا ته انهن جي لاءِ ڪهڙيون شيون حلال ڪيون ويون، توهان (کين) فرمايو ته توهان جي لاءِ پاڪ شيون حلال ڪيون ويون آهن ۽ اهي شڪاري جانور جن کي توهان شڪار تي ڊوڙائيندي ايئن هَيرايو اٿوَ جو توهان انهن کي (شڪار جا اهي طريقا) سيکاريو ٿا جيڪي توهان کي الله سيکاريا آهن پوءِ توهان ان (شڪار) مان (به) کائو جيڪو اهي (شڪاري جانور) توهان جي لاءِ (ماري) جھلين ۽ (شڪار تي ڇڏڻ وقت) ان (شڪاري جانور) تي الله جو نالو وٺو ۽ الله کان ڊڄندا رهو، بيشڪ الله حساب ۾ جلدي فرمائيندڙ آهي.

— مولانا طاھر القادري

5:5

اَلْيَوْمَ اُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبٰتُ ۭ وَطَعَامُ الَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ حِلٌّ لَّكُمْ ۠ وَطَعَامُكُمْ حِلٌّ لَّهُمْ ۡ وَالْمُحْصَنٰتُ مِنَ الْمُؤْمِنٰتِ وَالْمُحْصَنٰتُ مِنَ الَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ مِنْ قَبْلِكُمْ اِذَآ اٰتَيْتُمُوْهُنَّ اُجُوْرَهُنَّ مُـحْصِنِيْنَ غَيْرَ مُسٰفِحِيْنَ وَلَا مُتَّخِذِيْٓ اَخْدَانٍ ۭ وَمَنْ يَّكْفُرْ بِالْاِيْـمَانِ فَقَدْ حَبِطَ عَمَلُهٗ ۡ وَهُوَ فِي الْاٰخِرَةِ مِنَ الْـخٰسِرِيْنَ 5‏۝ۧ

اڄ توهان جي لاءِ پاڪ شيون حلال ڪيون ويون آهن، ۽ انهن ماڻهن جو ڪٺل جانور (به) جن کي (الهامي) ڪتاب ڏنا ويا توهان جي لاءِ حلال آهي ۽ توهان جو ڪٺل جانور انهن جي لاءِ حلال آهي، ۽ (اهڙي طرح) پاڪدامن مسلمان عورتون ۽ انهن مان پاڪدامن عورتون جن کي توهان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو هو (توهان جي لاءِ حلال آهن) جڏهن توهان انهن کي سندن مهر ڏيو، (پر شرط) اهو ته توهان (انهن کي) نڪاح جي قيد ۾ آڻيندڙ (پاڪباز) بڻجو نه (صرف هوس پوري ڪرڻ خاطر) کلم کلي بدڪاري ڪندڙ ۽ نه لڪ چوري ۾ ياري رکندڙ، ۽ جيڪو شخص (احڪام الاهي تي) ايمان (آڻڻ) کان انڪار ڪري ته انجا سمورا عمل چٽ ٿي ويا ۽ اهو آخرت ۾ (به) نقصان وارن مان هوندو.

— مولانا طاھر القادري

5:6

يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِذَا قُـمْتُمْ اِلَى الصَّلٰوةِ فَاغْسِلُوْا وُجُوْهَكُمْ وَاَيْدِيَكُمْ اِلَى الْمَرَافِقِ وَامْسَحُوْا بِرُءُوْسِكُمْ وَاَرْجُلَكُمْ اِلَى الْكَعْبَيْنِ ۭ وَاِنْ كُنْتُمْ جُنُبًا فَاطَّهَّرُوْا ۭ وَاِنْ كُنْتُمْ مَّرْضٰٓى اَوْ عَلٰي سَفَرٍ اَوْ جَاۗءَ اَحَدٌ مِّنْكُمْ مِّنَ الْغَاۗىِٕطِ اَوْ لٰمَسْتُمُ النِّسَاۗءَ فَلَمْ تَـجِدُوْا مَاۗءً فَتَيَمَّمُوْا صَعِيْدًا طَيِّبًا فَامْسَحُوْا بِوُجُوْهِكُمْ وَاَيْدِيْكُمْ مِّنْهُ ۭ مَا يُرِيْدُ اللّٰهُ لِيَجْعَلَ عَلَيْكُمْ مِّنْ حَرَجٍ وَّلٰكِنْ يُّرِيْدُ لِيُطَهِّرَكُمْ وَلِيُتِمَّ نِعْمَتَهٗ عَلَيْكُمْ لَعَلَّكُمْ تَشْكُرُوْنَ 6‏۝

اي ايمان وارؤ! جڏهن (توهان جو) نماز جي لاءِ اٿڻ (جو ارادو) ٿئي ته (وضو جي لاءِ) پنهنجي چهري کي ۽ پنهنجي هٿن کي ٺوٺين سميت ڌوئو ۽ پنهنجي مٿن جي مک ڪريو ۽ پنهنجا پير (به) ڀيڏين سميت (ڌوئو)، ۽ جيڪڏهن توهان ناپاڪي جي حالت ۾هجو ته (وهنجي) چڱي طرح پاڪ ٿيو ۽ جيڪڏهن توهان بيمار هجو يا سفر ۾ هجو يا توهان مان ڪو قضاءِ حاجت کان (فارغ ٿي) آيو هجي يا توهان عورتن سان صحبت (همبستري) ڪيو هجي پوءِ توهان پاڻي نه لهو ته (انهيءَ صورت ۾) پاڪ مٽي سان تيمم ڪريو. بس (تيمم اهو آهي ته) ان (پاڪ مٽي) سان پنهنجي منهن ۽ پنهنجن (مڪمل) هٿن جي مک ڪريو. الله نٿو چاهي ته اهو توهان تي ڪنهن قسم جي سختي ڪري پر هو (اهو) گهري ٿو ته توهان کي پاڪ ڪري ۽ توهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪري ته جيئن توهان شڪر گذار بڻجو.

— مولانا طاھر القادري

5:7

وَاذْكُرُوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ وَمِيْثَاقَهُ الَّذِيْ وَاثَقَكُمْ بِهٖٓ ۙ اِذْ قُلْتُمْ سَـمِعْنَا وَاَطَعْنَا ۡ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلِيْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ 7‏۝

۽ الله جي (ان) نعمت کي ياد ڪريو جيڪا توهان تي (ڪئي ويئي) آهي ۽ ان جي وعدي کي (به ياد ڪريو) جيڪو ان توهان کان (پختي طريقي سان) ورتو هو جڏهن ته توهان (اقرار ڪندي) چيو هو ته اسان (الله جي حڪم کي) ٻڌو ۽ اسان (ان جي) فرمانبرداري ڪئي ۽ الله کان ڊڄندا رهو! بيشڪ الله دلين جي (لڪل) ڳالهين کي خوب ڄاڻي ٿو.

— مولانا طاھر القادري

5:8

يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا كُوْنُوْا قَوّٰمِيْنَ لِلّٰهِ شُهَدَاۗءَ بِالْقِسْطِ ۡ وَلَا يَـجْرِمَنَّكُمْ شَنَاٰنُ قَوْمٍ عَلٰٓي اَلَّا تَعْدِلُوْا ۭ اِعْدِلُوْا ۣ هُوَ اَقْرَبُ لِلتَّقْوٰى ۡ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ خَبِيْرٌۢ بِــمَا تَعْمَلُوْنَ 8‏۝

اي ايمان وارؤ! الله جي لاءِ مضبوطي سان قائم رهندي انصاف تي ٻڌل شاهدي ڏيندڙ بڻجي وڃو ۽ ڪنهن قوم جي سخت دشمني (به) توهان کي ان ڳالهه تي نه اڀاري ته توهان (ان سان) انصاف نه ڪريو. انصاف ڪندا ڪريو (جو) اهو پرهيزگاري کي وڌيڪ ويجھو آهي، ۽ الله کان ڊڄو. بيشڪ الله توهان جي ڪمن کان خوب باخبر آهي.

— مولانا طاھر القادري

5:9

وَعَدَ اللّٰهُ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ۙ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّاَجْرٌ عَظِيْمٌ 9‏۝

الله اهڙن ماڻهن سان جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪندا رهيا وعدو فرمايو آهي (ته) انهن جي لاءِ بخشش ۽ وڏو ثواب آهي.

— مولانا طاھر القادري

5:10

وَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا وَكَذَّبُوْا بِاٰيٰتِنَآ اُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ الْـجَـحِيْـمِ ۝10

۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجھيو اُهي ئي ماڻهو دوزخ (۾ ٻرڻ) وارا آهن .

— مولانا طاھر القادري

5:11

يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اذْكُرُوْا نِعْمَتَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ اِذْ هَمَّ قَوْمٌ اَنْ يَّبْسُطُوْٓا اِلَيْكُمْ اَيْدِيَهُمْ فَكَفَّ اَيْدِيَهُمْ عَنْكُمْ ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ وَعَلَي اللّٰهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُؤْمِنُوْنَ ۝ۧ11

اي ايمان وارؤ! توهان الله جي (ان) انعام کي ياد ڪريو (جيڪو) توهان تي ٿيو جڏهن (ڪافرن جي) قوم اهو ارادو ڪيو ته پنهنجا هٿ (قتل ۽ هلاڪ ڪرڻ جي لاءِ) توهان ڏانهن وڌائين ته الله انهن جا هٿ توهان کان روڪي ورتا ۽ الله کان ڊڄندا رهو، ۽ ايمان وارن کي الله تي ئي ڀروسو ڪرڻ گھرجي.

— مولانا طاھر القادري

5:12

وَلَقَدْ اَخَذَ اللّٰهُ مِيْثَاقَ بَنِيْٓ اِ سْرَاۗءِيْلَ ۚ وَبَعَثْنَا مِنْهُمُ اثْنَيْ عَشَرَ نَقِيْبًا ۭ وَقَالَ اللّٰهُ اِنِّىْ مَعَكُمْ ۭ لَىِٕنْ اَقَـمْــتُمُ الصَّلٰوةَ وَاٰتَيْتُمُ الزَّكٰوةَ وَاٰمَنْتُمْ بِرُسُلِيْ وَعَزَّرْتُـمُوْهُمْ وَاَقْرَضْتُمُ اللّٰهَ قَرْضًا حَسَـنًا لَّاُكَفِّرَنَّ عَنْكُمْ سَيِّاٰتِكُمْ وَلَاُدْخِلَنَّكُمْ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْھٰرُ ۚ فَـمَنْ كَفَرَ بَعْدَ ذٰلِكَ مِنْكُمْ فَقَدْ ضَلَّ سَوَاۗءَ السَّبِيْلِ ؀12

۽ بيشڪ الله بني اسرائيل کان پڪو عهد ورتو ۽ (ان تي عمل، نفاذ ۽ نگراني جي لاءِ) اسان انهن ۾ ٻارهن سردار مقرر ڪيا، ۽ الله (بني اسرائيلن کي) فرمايو ته آئون توهان سان گڏ آهيان (يعني منهنجي خصوصي مدد ۽ نصرت توهان سان گڏ رهندي)، جيڪڏهن توهان نماز قائم رکي ۽ توهان زڪواة ڏيندا رهيا ۽ منهنجي رسولن تي (هميشه) ايمان آڻيندا رهيا انهن (جي پيغمبرانه مشن) جي مدد ڪندا رهيا ۽ الله کي (ان جي دين جي حمايت ۽ مدد ۾ مال خرچ ڪري) قرض حسنه ڏيندا رهيا ته آئون توهان کان توهان جا گناهه ضرور ميٽي ڇڏيندس ۽ توهان کي يقيناً اهڙين جنتن ۾ داخل ڪندس جنهن جي هيٺان نهرون جاري آهن. ان کانپوءِ توهان مان جنهن (به) ڪفر (يعني عهد کان انحراف) ڪيو ته بيشڪ اهو سڌي واٽ کان ڀٽڪي ويو.

— مولانا طاھر القادري

5:13

فَبِـمَا نَقْضِهِمْ مِّيْثَاقَهُمْ لَعَنّٰهُمْ وَجَعَلْنَا قُلُوْبَهُمْ قٰسِـيَةً ۚ يُـحَرِّفُوْنَ الْكَلِمَ عَنْ مَّوَاضِعِهٖ ۙ وَنَسُوْا حَظًّا مِّـمَّا ذُكِّرُوْا بِهٖ ۚ وَلَا تَزَالُ تَطَّلِعُ عَلٰي خَاۗىِٕنَةٍ مِّنْهُمْ اِلَّا قَلِيْلًا مِّنْهُمْ فَاعْفُ عَنْهُمْ وَاصْفَحْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الْمُحْسِنِيْنَ ؀13

پوءِ انهن جي پنهنجي عهد ٽوڙڻ جي ڪري اسان مٿن لعنت ڪئي (يعني اهي اسان جي رحمت کان محروم ٿي ويا)، ۽ اسان انهن جي دلين کي سخت ڪري ڇڏيو (يعني اُهي هدايت ۽ اثر قبولڻ کان محروم ٿي ويا، اهڙي طرح) اُهي ماڻهو (الله جي ڪتاب جي) ڪلمن کي انهن جي (صحيح) جاين تان تبديل ڪن ٿا ۽ ان (رهنمائي) جو هڪ (وڏو) حصو وساري ويٺا آهن جيڪا انهن کي نصيحت ڪئي ويئي هئي، ۽ توهان هميشه انهن جي ڪنهن نه ڪنهن خيانت تي آگاهه ٿيندا رهندؤ سواءِ انهن مان چند ماڻهن جي (جيڪي ايمان آڻي چڪا آهن) سو توهان انهن کي معاف ڪريو ۽ درگذر فرمايو، بيشڪ الله احسان ڪرڻ وارن کي پسند فرمائي ٿو.

— مولانا طاھر القادري

5:14

وَمِنَ الَّذِيْنَ قَالُوْٓا اِنَّا نَصٰرٰٓى اَخَذْنَا مِيْثَاقَهُمْ فَنَسُوْا حَظًّا مِّـمَّا ذُكِّرُوْا بِهٖ ۠ فَاَغْرَيْنَا بَيْنَهُمُ الْعَدَاوَةَ وَالْبَغْضَاۗءَ اِلٰي يَوْمِ الْقِيٰمَةِ ۭ وَسَوْفَ يُنَبِّئُهُمُ اللّٰهُ بِـمَا كَانُوْا يَصْنَعُوْنَ ؀14

۽ اسان انهن ماڻهن کان (به ان قسم جو) عهد ورتو هو جيڪي چون ٿا اسين نصاريٰ آهيون، پوءِ اُهي (به) ان (رهنمائي) جو هڪ (وڏو) حصو وساري ويٺا جنهن جي کين نصيحت ڪئي وئي هئي. سو (ان عهد تان ڦرڻ جي ڪري) اسان قيامت جي ڏينهن تائين انهن جي وچ ۾ دشمني ۽ ڪينو وجھي ڇڏيو، ۽ سگھوئي الله تعاليٰ کين انهن (عملن جي حقيقت) کان آگاهه فرمائيندو جيڪي اُهي ڪندا رهندا هئا.

— مولانا طاھر القادري

5:15

يٰٓاَهْلَ الْكِتٰبِ قَدْ جَاۗءَكُمْ رَسُوْلُنَا يُبَيِّنُ لَكُمْ كَثِيْرًا مِّـمَّا كُنْتُمْ تُـخْفُوْنَ مِنَ الْكِتٰبِ وَيَعْفُوْا عَنْ كَثِيْرٍ ڛ قَدْ جَاۗءَكُمْ مِّنَ اللّٰهِ نُوْرٌ وَّكِتٰبٌ مُّبِيْنٌ ؀ۙ15

اي اهل ڪتاب! بيشڪ توهان وٽ اسان جا (هي) رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) تشريف وٺي آيا آهن جيڪي توهان جي لاءِ ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون (واضح طور تي) ظاهر فرمائن ٿا جيڪي توهان ڪتاب مان لڪائي رکندا هئا ۽ (توهان جي) گهڻين ڳالهين کان درگذر (به) فرمائن ٿا. بيشڪ توهان وٽ الله جي طرفان هڪ نور (يعني حضرت محمد صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) آيو آهي ۽ هڪ روشن ڪتاب (يعني قرآن مجيد).

— مولانا طاھر القادري

5:16

يَّهْدِيْ بِهِ اللّٰهُ مَنِ اتَّبَعَ رِضْوَانَهٗ سُبُلَ السَّلٰمِ وَيُـخْرِجُهُمْ مِّنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوْرِ بِاِذْنِهٖ وَيَهْدِيْهِمْ اِلٰي صِرَاطٍ مُّسْتَقِيْـمٍ ؀16

الله ان جي ذريعي انهن ماڻهن کي جيڪي سندس رضا جا پيروڪار آهن، سلامتي جي واٽن جي هدايت فرمائي ٿو ۽ انهن کي پنهنجي حڪم سان (ڪفر ۽ جهالت جي) اونداهين مان ڪڍي (ايمان ۽ هدايت جي) روشني ڏانهن وٺي وڃي ٿو ۽ کين سڌي واٽ جي طرف هدايت فرمائي ٿو.

— مولانا طاھر القادري

5:17

لَقَدْ كَفَرَ الَّذِيْنَ قَالُوْٓا اِنَّ اللّٰهَ هُوَ الْمَسِيْحُ ابْنُ مَرْيَـمَ ۭ قُلْ فَـمَنْ يَّـمْلِكُ مِنَ اللّٰهِ شَـيْـــًٔـا اِنْ اَرَادَ اَنْ يُّهْلِكَ الْمَسِيْحَ ابْنَ مَرْيَـمَ وَاُمَّهٗ وَمَنْ فِي الْاَرْضِ جَمِيْعًا ۭ وَلِلّٰهِ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ۭ يَـخْلُقُ مَا يَشَاۗءُ ۭ وَاللّٰهُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ ؀17

بيشڪ انهن ماڻهن ڪفر ڪيو جيڪي چون ٿا ته يقيناً الله مسيح پٽ مريم ئي (ته) آهي، توهان فرمايو: پوءِ ڪير آهي (اهڙو شخص) جيڪو الله (جي مشيت مان) ڪنهن شيءِ جو مالڪ هجي؟ جيڪڏهن هو ان ڳالهه جو ارادو فرمائي ته مسيح پٽ مريم ۽ ان جي ماءُ ۽ سڀني زمين وارن کي هلاڪ فرمائيندو (ته سندس فيصلي جي خلاف انهن کي ڪير بچائي سگھي ٿو؟) ۽ آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪا (ڪائنات) انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي (سڀني) جي بادشاهي الله جي ئي لاءِ آهي. اهو جيڪو چاهي ٿو پيدا فرمائي ٿو ۽ الله هر شيءَ تي وڏي قدرت رکندڙ آهي.

— مولانا طاھر القادري

5:18

وَقَالَتِ الْيَھُوْدُ وَالنَّصٰرٰى نَـحْنُ اَبْنٰۗؤُا اللّٰهِ وَاَحِبَّاۗؤُهٗ ۭ قُلْ فَلِمَ يُعَذِّبُكُمْ بِذُنُوْبِكُمْ ۭ بَلْ اَنْتُمْ بَشَرٌ مِّـمَّنْ خَلَقَ ۭ يَغْفِرُ لِمَنْ يَّشَاۗءُ وَيُعَذِّبُ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَلِلّٰهِ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ۡ وَاِلَيْهِ الْمَصِيْرُ ؀18

۽ يهودين ۽ عيسائين چيو: اسين الله جا پٽ ۽ ان جا محبوب آهيون. توهان فرمايو (جيڪڏهن توهان جي ڳالهه صحيح آهي) ته هو توهان جي گناهن تي توهان کي عذاب ڇو ٿو ڏي؟ بلڪه (حققيقت اها آهي ته) جنهن (مخلوق) کي الله پيدا ڪيو آهي توهان (به) ان مان (ئي) بشر آهيو (يعني ٻين انساني طبقن وانگر ئي آهيو)، هو جنهن کي گهري بخشش سان نوازي ٿو ۽ جنهن کي گهري عذاب ۾ مبتلا ڪري ٿو، ۽ آسمانن ۽ زمين ۽ اها (ڪائنات) جيڪا ٻنهي جي وچ ۾ آهي (سڀني) جي بادشاهي الله جي ئي لاءِ آهي ۽ (هر هڪ کي) انهيء ڏانهن موٽي وڃڻو آهي.

— مولانا طاھر القادري

5:19

يٰٓاَهْلَ الْكِتٰبِ قَدْ جَاۗءَكُمْ رَسُوْلُنَا يُبَيِّنُ لَكُمْ عَلٰي فَتْرَةٍ مِّنَ الرُّسُلِ اَنْ تَقُوْلُوْا مَا جَاۗءَنَا مِنْۢ بَشِيْرٍ وَّلَا نَذِيْرٍ ۡ فَقَدْ جَاۗءَكُمْ بَشِيْرٌ وَّنَذِيْرٌ ۭ وَاللّٰهُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ ۝ۧ19

اي اهل ڪتاب! بيشڪ توهان وٽ اسان جا (هي آخرالزمان) رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) پيغمبرن جي آمد (جي سلسلي) جي منقطع ٿيڻ (جي موقعي) تي تشريف فرما ٿيا آهن، جيڪي توهان جي لاءِ (اسان جا احڪام) چڱيءَ ريت واضح ڪن ٿا، (ان لاءِ) ته توهان (بهانو ڪندي اهو) چوندؤ ته اسان وٽ نه (ته) ڪو خوشخبري ٻڌائيندڙ آيو آهي ۽ نه ڊيڄاريندڙ. (هاڻي توهان جو اهو بهانو ختم ٿي چڪو آهي ڇو ته) بيشڪ توهان وٽ (آخري) خوشخبري ٻڌائيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ (به) اچي ويو آهي، ۽ الله هر شيءَ تي وڏي قدرت رکندڙ آهي.

— مولانا طاھر القادري

5:20

وَاِذْ قَالَ مُوْسٰى لِقَوْمِهٖ يٰقَوْمِ اذْكُرُوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ اِذْ جَعَلَ فِيْكُمْ اَنْۢبِيَاۗءَ وَجَعَلَكُمْ مُّلُوْكًا ڰ وَّاٰتٰىكُمْ مَّا لَمْ يُؤْتِ اَحَدًا مِّنَ الْعٰلَمِيْنَ ؀20

۽ (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن موسيٰ (عليه السلام) پنهنجي قوم کي چيو: اي منهنجي قوم! توهان پنهنجي مٿان (ڪيل) الله جو اهو انعام ياد ڪريو جڏهن ان توهان ۾ نبي پيدا فرمايا ۽ توهان کي بادشاهه بڻايو ۽ توهان کي اهو (ڪجهه) عطا فرمايو جيڪو (توهان جي دور ۾) سڀني جهانن مان ڪنهن کي به نه ڏنو هئائين.

— مولانا طاھر القادري