047 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 38 آيتون ۽ 4 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
اَلَّذِيْنَ كَفَرُوْا وَصَدُّوْا عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ اَضَلَّ اَعْمَالَهُمْ 1
جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ (ٻين کي) الله جي واٽ کان روڪيائون (ته) الله سندن عمل (آخرت جي اجر جي لحاظ کان) برباد ڪري ڇڏيا.
— مولانا طاھر القادريوَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَاٰمَنُوْا بِـمَا نُزِّلَ عَلٰي مُحَمَّدٍ وَّهُوَ الْـحَقُّ مِنْ رَّبِّهِمْ ۙ كَفَّرَ عَنْهُمْ سَـيِّاٰتِهِمْ وَاَصْلَحَ بَالَهُمْ 2
۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪندا رهيا ۽ ان (ڪتاب) تي ايمان آندائون جيڪو محمد (صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) تي نازل ڪيو ويو آهي ۽ اُهوئي سندن رب جي طرفان حق آهي الله انهن جا گناهه انهن (جي اعمال نامي) مان مٽائي ڇڏيا ۽ انهن جو حال سڌاري ڇڏيو.
— مولانا طاھر القادريذٰلِكَ بِاَنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوا اتَّبَعُوا الْبَاطِلَ وَاَنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اتَّبَعُوا الْـحَقَّ مِنْ رَّبِّهِمْ ۭ كَذٰلِكَ يَضْرِبُ اللّٰهُ لِلنَّاسِ اَمْثَالَهُمْ 3
اهو ان ڪري جو جن ماڻهن ڪفر ڪيو اُهي باطل جي پٺيان لڳا ۽ جن ماڻهن ايمان آندو انهن پنهنجي رب جي طرفان (لاٿل) حق جي پيروي ڪئي، اهڙيءَ طرح الله ماڻهن جي لاءِ سندن احوال بيان فرمائي ٿو.
— مولانا طاھر القادريفَاِذَا لَقِيْتُمُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا فَضَرْبَ الرِّقَابِ ۭ حَتّىٰٓ اِذَآ اَثْـخَنْتُمُوْهُمْ فَشُدُّوا الْوَثَاقَ ڎ فَاِمَّا مَنًّـۢا بَعْدُ وَاِمَّا فِدَاۗءً حَتّٰى تَضَعَ الْحَرْبُ اَوْزَارَهَا ڃ ذٰ۩لِكَ ړ وَلَوْ يَشَاۗءُ اللّٰهُ لَانْتَـصَرَ مِنْهُمْ وَلٰكِنْ لِّيَبْلُوَا۟ بَعْضَكُمْ بِبَعْـضٍ ۭ وَالَّذِيْنَ قُتِلُوْا فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ فَلَنْ يُّضِلَّ اَعْـمَالَهُمْ 4
پوءِ جڏهن (جنگ جي ميدان ۾) توهان جو مقابلو (ويڙهاڪ) ڪافرن سان هجي ته (جنگ جي دوران) انهن جا ڪنڌ ڪپيو (ڇوته انهن انسانيت جو قتل عام ڪيو ۽ فساد پکيڙي امن برباد ڪيو)، ايستائين جو جڏهن توهان انهن کي (جنگي معرڪي ۾) خوب قتل ڪري چڪو ته (باقي قيدين) کي مضبوطيءَ سان ٻڌو پوءِ ان کان بعد يا ته (کين) احسان ڪندي (بنا معاوضي ڇڏي ڏيو) يا فديو (يعني آزاديءَ جو معاوضو) وٺي (آزاد ڪريو) ايستائين جو جنگ (ڪرڻ واري مخالف فوج) پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪري (يعني صلح ۽ امن جو اعلان ڪري). اِهوئي (حڪم) آهي ۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته انهن کان (بنا جنگ) بدلو وٺي ها پر (هُن ائين نه ڪيو) ته جيئن توهان مان هڪڙن کي ٻين جي ذريعي آزمائي، ۽ جيڪي الله جي واٽ ۾ قتل ڪيا ويا ته اهو سندن عملن کي ڪڏهن به ضايع نه ڪندو.
— مولانا طاھر القادريسَيَهْدِيْهِمْ وَيُصْلِحُ بَالَهُمْ 5ۚ
اهو عنقريب کين (جنت جي) سڌي واٽ ڏيکاريندو ۽ سندن (آخرت جي) حالات کي خوب بهتر ڪندو.
— مولانا طاھر القادريوَيُدْخِلُهُمُ الْــجَــنَّةَ عَرَّفَهَا لَهُمْ 6
۽ (نيٺ) انهن کي جنت ۾ داخل فرمائيندو جنهن جي ان (اڳ ۾ ئي) کين چڱيءَ طرح سڃاڻپ ڪرائي ڇڏي اٿس.
— مولانا طاھر القادرييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِنْ تَنْصُرُوا اللّٰهَ يَنْصُرْكُمْ وَيُثَبِّتْ اَقْدَامَكُمْ 7
اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان الله (جي دين) جي مدد ڪندو ته اُهو توهان جي مدد فرمائيندو ۽ توهان جا پير مضبوط رکندو.
— مولانا طاھر القادريوَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا فَتَعْسًا لَّهُمْ وَاَضَلَّ اَعْــمَالَهُمْ 8
۽ جن ڪفر ڪيو ته انهن جي لاءِ تباهي آهي ۽ (الله) سندن عمل برباد ڪري ڇڏيا.
— مولانا طاھر القادريذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ كَرِهُوْا مَآ اَنْزَلَ اللّٰهُ فَاَحْبَطَ اَعْـمَالَهُمْ 9
اِهو ان ڪري جو انهن ان (ڪتاب) کي ناپسند ڪيو جيڪو الله نازل فرمايو پوءِ ان سندن عمل ضايع ڪري ڇڏيا.
— مولانا طاھر القادرياَفَلَمْ يَسِيْرُوْا فِي الْاَرْضِ فَيَنْظُرُوْا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ ۭ دَمَّرَ اللّٰهُ عَلَيْهِمْ ۡ وَلِلْكٰفِرِيْنَ اَمْثَالُهَا 10
ڇا انهن زمين ۾ سير، سفر ڪونه ڪيو جو اُهي ڏسن ها ته انهن ماڻهن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي جيڪي کانئن اڳي هئا. الله مٿن هلاڪت ۽ تباهي وڌي. ۽ ڪافرن جي لاءِ اهڙيون ڪيتريون ئي تباهيون آهن.
— مولانا طاھر القادريذٰلِكَ بِاَنَّ اللّٰهَ مَوْلَى الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَاَنَّ الْكٰفِرِيْنَ لَا مَوْلٰى لَهُمْ ۧ11
اهو ان ڪري آهي جو الله انهن ماڻهن جو ولي ۽ مددگار آهي جن ايمان آندو اٿن ۽ بيشڪ ڪافرن جي لاءِ ڪوبه ولي ۽ مددگار نه آهي.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ اللّٰهَ يُدْخِلُ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ۭ وَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا يَتَمَتَّعُوْنَ وَيَاْكُلُوْنَ كَـمَا تَاْكُلُ الْاَنْعَامُ وَالنَّارُ مَثْوًى لَّهُمْ 12
بيشڪ الله انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪندا رهيا بهشتن ۾ داخل فرمائيندو جن جي هيٺان نهرون جاري هونديون، ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ (دنيوي) فائدا کڻن ٿا ۽ (ائين) کائن ٿا جيئن چوپايا (جانور) کائن ٿا سو دوزخ ئي انهن جو ٺڪاڻو آهي.
— مولانا طاھر القادريوَكَاَيِّنْ مِّنْ قَرْيَةٍ هِىَ اَشَدُّ قُوَّةً مِّنْ قَرْيَتِكَ الَّتِيْٓ اَخْرَجَتْكَ ۚ اَهْلَكْنٰهُمْ فَلَا نَاصِرَ لَهُمْ 13
۽ (اي حبيب!) ڪيترائي ڳوٺ هئا جن جا رهواسي (وسيلن ۽ اقتدار ۾) هن توهان جي هن شهر (مڪي جي رهاڪن) کان وڌيڪ طاقتور هئا جنهن (جي با اختيار وڏيرن) توهان کي (هجرت جي صورت ۾) ڪڍي ڇڏيو آهي، اسان انهن کي (به) برباد ڪري ڇڏيو پوءِ انهن جو ڪوبه مددگار نه ٿيو. (جيڪو کين بچائي سگهي).
— مولانا طاھر القادرياَفَـمَنْ كَانَ عَلٰي بَيِّنَةٍ مِّنْ رَّبِّهٖ كَمَنْ زُيِّنَ لَهٗ سُوْۗءُ عَمَلِهٖ وَاتَّبَعُوْٓا اَهْوَاۗءَهُمْ 14
پوءِ ڇا اُهو شخص جيڪو پنهنجي رب جي طرفان واضح دليل تي (قائم) هجي انهن ماڻهن وانگر ٿي سگهي ٿو جن جا برا عمل سندن لاءِ سهڻا ڪري ڏيکاري ويا آهن ۽ اُهي نفساني خواهشن جي پٺيان هلي رهيا هجن.
— مولانا طاھر القادريمَثَلُ الْـجَنَّةِ الَّتِيْ وُعِدَ الْمُتَّقُوْنَ ۭ فِيْهَآ اَنْهٰرٌ مِّنْ مَّاۗءٍ غَيْرِ اٰسِنٍ ۚ وَاَنْهٰرٌ مِّنْ لَّبَنٍ لَّمْ يَتَغَيَّرْ طَعْمُهٗ ۚ وَاَنْهٰرٌ مِّنْ خَمْرٍ لَّذَّةٍ لِّلشّٰرِبِيْنَ ڬ وَاَنْهٰرٌ مِّنْ عَسَلٍ مُّصَفًّى ۭ وَلَهُمْ فِيْهَا مِنْ كُلِّ الثَّمَرٰتِ وَمَغْفِرَةٌ مِّنْ رَّبِّهِمْ ۭ كَـمَنْ هُوَ خَالِدٌ فِي النَّارِ وَسُقُوْا مَاۗءً حَمِيْمًا فَقَطَّعَ اَمْعَاۗءَهُمْ 15
جنهن جنت جو پرهيزگارن سان وعدو ڪيو ويو آهي ان جي صفت اها آهي ته ان ۾ (اهڙي) پاڻي جون نهرون هونديون جنهن ۾ ڪڏهن (بوءَ يا رنگ جي) تبديلي نه ايندي، ۽ (ان ۾ اهڙي) کير جون نهرون هونديون جنهن جو ذائقو ۽ مزو ڪڏهن به تبديل نه ٿيندو ۽ (اهڙي پاڪ) شراب جون نهرون هونديون جيڪو پيئڻ وارن جي لاءِ سراسر لذت آهي، ۽ خوب صاف ڪيل ماکي جون نهرون هونديون، ۽ انهن جي لاءِ ان ۾ هر قسم جا ميوا هوندا ۽ انهن جي رب جي طرفان هر طرح جي معافي هوندي، (ڇا اهو پرهيزگار) انهن ماڻهن وانگر ٿي سگهي ٿو جيڪي هميشه دوزخ ۾ رهڻ وارا آهن ۽ جن کي ٽهڪندڙ پاڻي پياريو ويندو ته اُهو سندن آنڊا وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندو.
— مولانا طاھر القادريوَمِنْهُمْ مَّنْ يَّسْتَمِعُ اِلَيْكَ ۚ حَتّىٰٓ اِذَا خَرَجُوْا مِنْ عِنْدِكَ قَالُوْا لِلَّذِيْنَ اُوْتُوا الْعِلْمَ مَاذَا قَالَ اٰنِفًا ۣ اُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ طَبَعَ اللّٰهُ عَلٰي قُلُوْبِهِمْ وَاتَّبَعُوْٓا اَهْوَاۗءَهُمْ 16
۽ انهن مان ڪجهه اُهي به آهن جيڪي اوهان جي طرف (دل ۽ ڌيان لڳائڻ بنا) صرف ڪن ڏيئي ٻڌن ٿا ايستائين جو جڏهن اُهي توهان کان نڪري ٻاهر وڃن ٿا ته انهن ماڻهن کان پڇن ٿا جن کي (نفعي وارو) علم عطا ڪيو ويو آهي ته هاڻي هن (يعني رسول الله صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) ڇا فرمايو هو؟ اِهي ئي اُهي ماڻهو آهن جن جي دلين تي الله مُهر لڳائي ڇڏي آهي ۽ اُهي پنهنجي خواهشن جي پيروي ڪري رهيا آهن.
— مولانا طاھر القادريوَالَّذِيْنَ اهْتَدَوْا زَادَهُمْ هُدًى وَّاٰتٰىهُمْ تَقْوٰىهُمْ 17
۽ جن ماڻهن هدايت ماڻي ورتي آهي، الله انهن جي هدايت کي اڃان وڌائي ٿو ۽ کين انهن جي تقويٰ جي مقام سان سرفراز فرمائي ٿو.
— مولانا طاھر القادريفَهَلْ يَنْظُرُوْنَ اِلَّا السَّاعَةَ اَنْ تَاْتِيَهُمْ بَغْتَةً ۚ فَقَدْ جَاۗءَ اَشْرَاطُهَا ۚ فَاَنّٰى لَهُمْ اِذَا جَاۗءَتْهُمْ ذِكْرٰىهُمْ 18
ته هاڻي اِهي (منڪر) صرف قيامت جو ئي انتظار ڪري رهيا آهن ته اُها مٿن اوچتو اچي پهچي؟ پوءِ واقعي ان جون نشانيون (ويجهو) اچي چڪيون آهن، پوءِ انهن کي سندن نصيحت ڪٿان (فائدو) ڏيندي جڏهن (خود) قيامت (ئي) اچي پهچندي.
— مولانا طاھر القادريفَاعْلَمْ اَنَّهٗ لَآ اِلٰهَ اِلَّا اللّٰهُ وَاسْتَغْفِرْ لِذَنْۢبِكَ وَلِلْمُؤْمِنِيْنَ وَالْمُؤْمِنٰتِ ۭ وَاللّٰهُ يَعْلَمُ مُتَقَلَّبَكُمْ وَمَثْوٰىكُمْ ۧ19
پوءِ ڄاڻي ڇڏيو ته الله کانسواءِ ڪوبه معبود ناهي ۽ توهان (بندگي جي اظهار ۽ امت جي تعليم لاءِ الله کان) معافي گهرندا رهو ته متان توهان کان خلاف اوليٰ (يعني توهان جي اعليٰ مرتبي کان گهٽ درجي جو) ڪم صادر نه ٿي وڃي ۽ مومن مردن ۽ مومن عورتن جي لاءِ به بخشش جي طلب (يعني سندن شفاعت) فرمائيندا رهو (اِهوئي انهن جي بخشش جو سامان آهي)، ۽ (اي ماڻهؤ!) الله (دنيا ۾) توهان جي هلڻ ڦرڻ جا ٺڪاڻا ۽ (آخرت ۾) توهان جي رهڻ جون منزلون (سڀ) ڄاڻي ٿو.
— مولانا طاھر القادريوَيَقُوْلُ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَوْلَا نُزِّلَتْ سُوْرَةٌ ۚ فَاِذَآ اُنْزِلَتْ سُوْرَةٌ مُّحْكَـمَةٌ وَّذُكِرَ فِيْهَا الْقِتَالُ ۙ رَاَيْتَ الَّذِيْنَ فِيْ قُلُوْبِهِمْ مَّرَضٌ يَّنْظُرُوْنَ اِلَيْكَ نَظَرَ الْمَغْشِيِّ عَلَيْهِ مِنَ الْمَوْتِ ۭ فَاَوْلٰى لَهُمْ ۚ20
۽ ايمان وارا چون ٿا ته (دفاعي جنگ سان متعلق) ڪا سورت ڇو نٿي نازل ڪئي وڃي؟ پوءِ جڏهن ڪا واضح سورت نازل ڪئي وڃي ٿي ۽ ان ۾ (دفاعي) جنگ جو (چٽيءَ طرح) ذڪر ڪيو وڃي ٿو ته توهان اهڙن ماڻهن کي جن جي دلين ۾ (منافقت جي) بيماري آهي ڏسو ٿا ته اُهي توهان ڏانهن (ائين) ٿا ڏسن جيئن اُهو شخص ڏسندو جنهن تي موت جي بيهوشي طاري ٿي رهي هجي. سو انهن جي لاءِ خرابي آهي.
— مولانا طاھر القادري