046 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 35 آيتون ۽ 4 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
حٰــمۗ 1ۚ
حا ميم (حقيقي معنيٰ الله ۽ رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم ئي بهتر ڄاڻن ٿا).
— مولانا طاھر القادريتَنْزِيْلُ الْكِتٰبِ مِنَ اللّٰهِ الْعَزِيْزِ الْحَكِيْمِ 2
هن ڪتاب جو نازل ڪرڻ الله جي طرفان آهي جيڪو غالب حڪمت وارو آهي.
— مولانا طاھر القادريمَا خَلَقْنَا السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَآ اِلَّا بِالْـحَـقِّ وَاَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ وَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا عَمَّآ اُنْذِرُوْا مُعْرِضُوْنَ 3
۽ اسان آسمانن کي ۽ زمين کي ۽ ان (مخلوق) کي جيڪا انهن جي وچ ۾ آهي پيدا ناهي ڪيو مگر حڪمت ۽ مقرر مدت (جي تعين) سان گڏ، ۽ جن ڪفر ڪيو آهي انهن کي جنهن شيءِ کان ڊيڄاريو ويو انهيءَ کان منهن ڦيريندڙ آهن.
— مولانا طاھر القادريقُلْ اَرَءَيْتُمْ مَّا تَدْعُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ اَرُوْنِيْ مَاذَا خَلَقُوْا مِنَ الْاَرْضِ اَمْ لَــهُمْ شِرْكٌ فِي السَّمٰوٰتِ ۭ اِيْتُوْنِيْ بِكِتٰبٍ مِّنْ قَبْلِ ھٰذَآ اَوْ اَثٰرَةٍ مِّنْ عِلْمٍ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِيْنَ 4
توهان فرمايو ته مون کي ٻڌايو ته جن (بتن) جي توهان الله کانسواءِ عبادت ڪريو ٿا مون کي ڏيکاريو ته انهن زمين ۾ ڪهڙي شيءِ پيدا ڪئي آهي يا (اهو ڏيکاريو ته) آسمانن (جي پيدا ڪرڻ) ۾ انهن جي ڪا ڀائيواري آهي. توهان مون وٽ هن (قرآن) کان پهرين جي ڪنهن ڪتاب يا (اڳين جي) علم جو ڪو باقي حصو (جيڪو نقل ٿيندو آيو هجي ثبوت طور) پيش ڪريو. جيڪڏهن توهان سچا آهيو.
— مولانا طاھر القادريوَمَنْ اَضَلُّ مِـمَّنْ يَّدْعُوْا مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ مَنْ لَّا يَسْتَجِيْبُ لَهٗ ٓ اِلٰى يَوْمِ الْقِيٰمَةِ وَهُمْ عَنْ دُعَاۗىِٕهِمْ غٰفِلُوْنَ 5
۽ ان شخص کان وڌيڪ گمراهه ڪير ٿي سگهي ٿو جيڪو الله کانسواءِ اهڙن (بتن) جي عبادت ڪري ٿو جيڪي قيامت جي ڏينهن تائين کيس (سوال جو) جواب نه ڏيئي سگهن ۽ اُهي (بت) انهن جي دعا ۽ عبادت کان (ئي) بي خبر آهن.
— مولانا طاھر القادريوَاِذَا حُشِرَ النَّاسُ كَانُوْا لَهُمْ اَعْدَاۗءً وَّكَانُوْا بِعِبَادَتِهِمْ كٰفِرِيْنَ 6
۽ جڏهن ماڻهو (قيامت جي ڏينهن) گڏ ڪيا ويندا ته اُهي (ڪوڙا معبود) انهن جا دشمن هوندا ۽ (پنهنجي جان ڇڏائڻ لاءِ) انهن جي عبادت جا ئي منڪر ٿي ويندا.
— مولانا طاھر القادريوَاِذَا تُتْلٰى عَلَيْهِمْ اٰيٰتُنَا بَيِّنٰتٍ قَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لِلْحَقِّ لَمَّا جَاۗءَهُمْ ۙ ھٰذَا سِحْرٌ مُّبِيْنٌ 7ۭ
۽ جڏهن مٿن اسان جون پڌريون آيتون پڙهيون وڃن ٿيون (ته) جيڪي ماڻهو ڪفر ڪن ٿا حق (يعني قرآن) جي باري ۾، جڏهن ته اُهو وٽن اچي چڪو، چون ٿا هي کليو جادو آهي.
— مولانا طاھر القادرياَمْ يَقُوْلُوْنَ افْتَرٰىهُ ۭ قُلْ اِنِ افْتَرَيْتُهٗ فَلَا تَمْلِكُوْنَ لِيْ مِنَ اللّٰهِ شَيْـــــًٔا ۭ هُوَ اَعْلَمُ بِـمَا تُفِيْضُوْنَ فِيْهِ ۭ كَفٰى بِهٖ شَهِيْدًۢا بَيْنِيْ وَبَيْنَكُمْ ۭ وَهُوَ الْغَفُوْرُ الرَّحِيْمُ 8
ڇا اُهي ماڻهو (اِهو) چون ٿا ته هن (قرآن) کي (پيغمبر) گهڙيو آهي. توهان فرمايو: جيڪڏهن ان کي مون گهڙيو آهي ته توهان مون کي الله (جي عذاب) کان (بچائڻ جو) ڪوبه اختيار نٿا رکو، ۽ هو انهن (ڳالهين) کي خوب ڄاڻي ٿو جيڪي توهان هن (قرآن) جي باري ۾ مهڻي جي طور تي ڪري رهيا آهيو. اُهو (الله) منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ شاهد ڪافي آهي، ۽ اهو وڏو بخشيندڙ تمام ٻاجهارو آهي.
— مولانا طاھر القادريقُلْ مَا كُنْتُ بِدْعًا مِّنَ الرُّسُلِ وَمَآ اَدْرِيْ مَا يُفْعَلُ بِيْ وَلَا بِكُمْ ۭ اِنْ اَتَّبِــعُ اِلَّا مَا يُوْحٰٓى اِلَيَّ وَمَآ اَنَا اِلَّا نَذِيْرٌ مُّبِيْنٌ 9
توهان فرمايو ته آئون (انسانن جي طرف) ڪو پهريون رسول نه آيو آهيان (جو مون کان اڳي رسالت جو ڪو مثال ئي نه هجي) ۽ آئون ازخود (يعني صرف پنهنجي عقل ۽ سمجهه سان) نٿو ڄاڻان ته مون سان ڪهڙو ورتاءُ ڪيو ويندو ۽ نه اُهو جيڪو توهان سان ڪيو ويندو، (منهنجو علم ته اهو آهي ته) آئون صرف ان وحي جي پيروي ڪريان ٿو جيڪو مون ڏانهن موڪليو وڃي ٿو (اُهوئي مون کي هر شيءِ جو علم عطا ڪري ٿو) ۽ آئون ته صرف (ان وحي ذريعي مليل علم جي بنياد تي) پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان.
— مولانا طاھر القادريقُلْ اَرَءَيْتُمْ اِنْ كَانَ مِنْ عِنْدِ اللّٰهِ وَكَفَرْتُمْ بِهٖ وَشَهِدَ شَاهِدٌ مِّنْۢ بَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ عَلٰي مِثْلِهٖ فَاٰمَنَ وَاسْـتَكْبَرْتُمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَا يَهْدِي الْــقَوْمَ الظّٰلِمِيْنَ ۧ10
فرمايو: ٿورو ٻڌايو ته جيڪڏهن هي (قرآن) الله جي طرفان هجي ۽ توهان هن جو انڪار ڪري ڇڏيو هجي ۽ بني اسرائيلن مان هڪ شاهد (به اڳوڻن آسماني ڪتابن مان) هن جهڙي ڪتاب (جي لهڻ جي ذڪر) تي شاهدي ڏئي پوءِ اُن (مٿس) ايمان (به) آندو هجي ۽ توهان (ان جي باوجود) وڏائي ڪندا رهو (ته توهان جو انجام ڪهڙو ٿيندو؟) بيشڪ الله ظالم قوم کي هدايت نٿو فرمائي.
— مولانا طاھر القادريوَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لِلَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَوْ كَانَ خَيْرًا مَّا سَبَقُوْنَآ اِلَيْهِ ۭ وَاِذْ لَمْ يَهْتَدُوْا بِهٖ فَسَيَقُوْلُوْنَ ھٰذَآ اِفْكٌ قَدِيْمٌ 11
۽ ڪافرن مومنن کي چيو: جيڪڏهن هي (دين محمدي صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) ڀلو هجي ها ته هي ماڻهو ان ڏانهن اسان کان اڳي نه وڌن ها (اسان پاڻ ئي سڀني کان اڳ ۾ ان کي قبول ڪريون ها) ۽ جڏهن انهن (ڪافرن پاڻ) ان مان هدايت نه لڌي ته هاڻي چون ٿا ته هي ته پراڻو ڪوڙ (۽ بهتان) آهي.
— مولانا طاھر القادريوَمِنْ قَبْلِهٖ كِتٰبُ مُوْسٰٓى اِمَامًا وَّرَحْـمَةً ۭ وَھٰذَا كِتٰبٌ مُّصَدِّقٌ لِّسَانًا عَرَبِيًّا لِّيُنْذِرَ الَّذِيْنَ ظَلَمُوْا ڰ وَبُشْرٰى لِلْمُحْسِـنِيْنَ ۚ12
۽ هن کان اڳ موسيٰ (عليه السلام) جو ڪتاب (تورات) رهنما ۽ رحمت هو، ۽ هي ڪتاب (اُن جي) تصديق ڪندڙ آهي، عربي زبان ۾ آهي ته جيئن انهن ماڻهن کي ڊيڄاري جن ظلم ڪيو آهي ۽ نيڪن جي لاءِ خوشخبري هجي.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ الَّذِيْنَ قَالُوْا رَبُّنَا اللّٰهُ ثُـمَّ اسْـتَـقَامُوْا فَلَا خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلَا هُمْ يَحْزَنُوْنَ ۚ13
بيشڪ جن ماڻهن چيو ته اسان جو رب الله آهي پوءِ اُهي ثابت قدم رهيا ته انهن تي نه ڪو خوف آهي ۽ نه اُهي غمگين ٿيندا.
— مولانا طاھر القادرياُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ الْـجَنَّةِ خٰلِدِيْنَ فِيْهَا ۚ جَزَاۗءًۢ بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 14
اُهي ئي ماڻهو جنتي آهن جيڪي ان ۾ هميشه رهڻ وارا آهن. هي انهن عملن جي جزا آهي جيڪي اُهي ڪندا هئا.
— مولانا طاھر القادريوَوَصَّيْنَا الْاِنْسَانَ بِوَالِدَيْهِ اِحْسٰـنًا ۭ حَمَلَتْهُ اُمُّهٗ كُرْهًا وَّوَضَعَتْهُ كُرْهًا ۭ وَحَمْلُهٗ وَفِصٰلُهٗ ثَلٰثُوْنَ شَهْرًا ۭ حَتّىٰٓ اِذَا بَلَغَ اَشُدَّهٗ وَبَلَـغَ اَرْبَعِيْنَ سَـنَةً ۙ قَالَ رَبِّ اَوْزِعْنِيْٓ اَنْ اَشْكُرَ نِعْمَتَكَ الَّتِيْٓ اَنْعَمْتَ عَلَيَّ وَعَلٰي وَالِدَيَّ وَاَنْ اَعْمَلَ صَالِحًا تَرْضٰىهُ وَاَصْلِحْ لِيْ فِيْ ذُرِّيَّتِيْ ڝ اِنِّىْ تُبْتُ اِلَيْكَ وَاِنِّىْ مِنَ الْمُسْلِمِيْنَ 15
۽ اسان انسان کي پنهنجي والدين سان سٺو ورتاءُ ڪرڻ جو حڪم فرمايو. سندس ماءُ کيس تڪليف سان (پيٽ ۾) کنيو ۽ کيس تڪليف سان ڄڻيو، ۽ ان کي (پيٽ ۾) کڻڻ ۽ ان کي کير ڇڏائڻ (يعني حمل ۽ رضاعت جو دور) ٽيهن مهينن (تي مشتمل) آهي. تانجو جڏهن اُهو پنهنجي جواني کي پهچي وڃي ٿو ۽ (پوءِ) چاليهه سال (جي پڪي عمر) کي پهچي ٿو ته چوي ٿو: اي منهنجا رب! مون کي توفيق ڏي ته آئون تنهنجي ان احسان جو شڪر ادا ڪريان جيڪو تو مون تي ۽ منهنجي والدين تي فرمايو آهي ۽ اهو ته آئون اهڙا سٺا ڪم ڪريان جن کان تون راضي ٿئين ۽ منهنجي لاءِ منهنجي اولاد ۾ نيڪي ۽ ڀلائي رک. بيشڪ آئون تو ڏانهن رجوع ڪريان ٿو ۽ يقيناً آئون فرمانبردارن مان آهيان.
— مولانا طاھر القادرياُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ نَتَقَبَّلُ عَنْهُمْ اَحْسَنَ مَا عَـمِلُوْا وَنَتَجَاوَزُ عَنْ سَـيِّاٰتِهِمْ فِيْٓ اَصْحٰبِ الْـجَــنَّةِ ۭ وَعْدَ الصِّدْقِ الَّذِيْ كَانُوْا يُوْعَدُوْنَ 16
اِهي اُهي ماڻهو آهن اسان جن جا نيڪ عمل قبول ڪريون ٿا ۽ سندن ڪوتاهين کان درگذر فرمايون ٿا (اِهي ئي) جنتي آهن. هي سچو وعدو آهي جيڪو انهن سان ڪيو پيو وڃي.
— مولانا طاھر القادريوَالَّذِيْ قَالَ لِوَالِدَيْهِ اُفٍّ لَّكُمَآ اَتَعِدٰنِنِيْٓ اَنْ اُخْرَجَ وَقَدْ خَلَتِ الْقُرُوْنُ مِنْ قَبْلِيْ ۚ وَهُمَا يَسْتَغِيْثٰنِ اللّٰهَ وَيْلَكَ اٰمِنْ ڰ اِنَّ وَعْدَ اللّٰهِ حَقٌّ ښ فَيَقُوْلُ مَا ھٰذَآ اِلَّآ اَسَاطِيْرُ الْاَوَّلِيْنَ 17
۽ جنهن پنهنجي والدين کي چيو: توهان کان بيزاري آهي، توهان مون کي (اِهو) وعدو ڏيو ٿا ته آئون (قبر مان ٻيهر جيئرو ٿي) ڪڍيو ويندس حالانڪه مون کان اڳ ۾ ڪيتريون ئي امتون گذري چڪيون آهن. هاڻي اُهي ٻئي (ماءُ پيءُ) الله کان فرياد ڪرڻ لڳا (۽ ڇوڪري کي چيائون) تون برباد ٿي وئين. (اي ڇوڪرا!) ايمان آڻ، بيشڪ الله جو وعدو حق آهي. ته اهو (جواب ۾) چوي ٿو اِهي (ڳالهيون) اڳين ماڻهن جي ڪوڙين آکاڻين کان سواءِ (ڪجهه) نه آهن.
— مولانا طاھر القادرياُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ حَقَّ عَلَيْهِمُ الْقَوْلُ فِيْٓ اُمَمٍ قَدْ خَلَتْ مِنْ قَبْلِهِمْ مِّنَ الْجِنِّ وَالْاِنْسِ ۭ اِنَّهُمْ كَانُوْا خٰسِرِيْنَ 18
اِهي ئي اُهي ماڻهو آهن جن جي باري ۾ (عذاب جو) فرمان ثابت ٿي چڪو آهي ڪيترين ئي امتن ۾ جيڪي انهن کان اڳ ۾ گذري چڪيون آهن جنن جون (به) ۽ انسانن جون (به)، بيشڪ اُهي (سڀئي) نقصان وارا هئا.
— مولانا طاھر القادريوَلِكُلٍّ دَرَجٰتٌ مِّـمَّا عَـمِلُوْا ۚ وَلِيُوَفِّيَهُمْ اَعْـمَالَهُمْ وَهُمْ لَا يُظْلَمُوْنَ 19
۽ سڀني جي لاءِ انهن (سٺن ۽ برن) عملن جي ڪري جيڪي انهن ڪيا (جنت ۽ دوزخ ۾ الڳ الڳ) درجا مقرر آهن ته جيئن (الله) کين سندن عملن جو پورو پورو بدلو ڏئي ۽ مٿن ڪوبه ظلم نه ڪيو ويندو.
— مولانا طاھر القادريوَيَوْمَ يُعْرَضُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا عَلَي النَّارِ ۭ اَذْهَبْتُمْ طَيِّبٰتِكُمْ فِيْ حَيَاتِكُمُ الدُّنْيَا وَاسْتَمْتَعْتُمْ بِهَا ۚ فَالْيَوْمَ تُجْـزَوْنَ عَذَابَ الْهُوْنِ بِـمَا كُنْتُمْ تَسْـتَكْبِرُوْنَ فِي الْاَرْضِ بِغَيْرِ الْحَقِّ وَبِـمَا كُنْتُمْ تَفْسُقُوْنَ ۧ20
۽ جنهن ڏينهن ڪافر جهنم جي باهه آڏو پيش ڪيا ويندا (ته کين چيو ويندو)، توهان پنهنجون مزيدار ۽ وڻندڙ شيون پنهنجي دنيوي زندگي ۾ ئي حاصل ڪري چڪا ۽ انهن مان (خوب) نفعا به ماڻي چڪا. پوءِ اڄ جي ڏينهن توهان کي خواري واريءَ عذاب جي سزا ڏني ويندي ان ڪري جو توهان زمين ۾ ناحق وڏائي ڪندا هئا ۽ ان ڪري (به) جو توهان نافرماني ڪندا هئا.
— مولانا طاھر القادري