044 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 59 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
حٰــمۗ ڔ 1
حا ميم (حقيقي معنيٰ الله ۽ رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم ئي بهتر ڄاڻن ٿا).
— مولانا طاھر القادريوَالْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ ڒ 2
هن روشن ڪتاب جو قسم.
— مولانا طاھر القادرياِنَّآ اَنْزَلْنٰهُ فِيْ لَيْلَةٍ مُّبٰرَكَةٍ اِنَّا كُنَّا مُنْذِرِيْنَ 3
بيشڪ اسان ان کي هڪ برڪت واري رات ۾ لاٿو آهي بيشڪ اسان ڊيڄاريندڙ آهيون.
— مولانا طاھر القادريفِيْهَا يُفْرَقُ كُلُّ اَمْرٍ حَكِيْمٍ 4ۙ
ان (رات) ۾ هر حڪمت واري ڪم جو (ڌار ڌار) فيصلو ڪيو وڃي ٿو.
— مولانا طاھر القادرياَمْرًا مِّنْ عِنْدِنَا ۭ اِنَّا كُنَّا مُرْسِلِيْنَ 5ۚ
اسان جي بارگاهه جي حڪم سان، بيشڪ اسان ئي موڪليندڙ آهيون.
— مولانا طاھر القادريرَحْـمَةً مِّنْ رَّبِّكَ ۭ اِنَّهٗ هُوَ السَّمِيْعُ الْعَلِيْمُ 6ۙ
(هي) توهان جي رب جي طرفان رحمت آهي، بيشڪ اُهو خوب ٻڌندڙ خوب ڄاڻندڙ آهي.
— مولانا طاھر القادريرَبِّ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ۘ اِنْ كُنْتُمْ مُّوْقِنِيْنَ 7
آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪو ڪجهه انهن جي وچ ۾ آهي (ان جو) پروردگار آهي، بشرط ته توهان يقين رکندڙ هجو.
— مولانا طاھر القادريلَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ يُـحْيٖ وَيُمِيْتُ ۭ رَبُّكُمْ وَرَبُّ اٰبَاۗىِٕكُمُ الْاَوَّلِيْنَ 8
ان کان سواءِ ڪوبه معبود ناهي، اُهوئي زندگي ڏئي ۽ موت ڏئي ٿو (اُهو) توهان جو (به) رب آهي ۽ توهان جي اڳين ابن ڏاڏن جو (به) رب آهي.
— مولانا طاھر القادريبَلْ هُمْ فِيْ شَكٍّ يَّلْعَبُوْنَ 9
بلڪه اُهي شڪ ۾ پيا ٿا کيڏن.
— مولانا طاھر القادريفَارْتَـقِبْ يَوْمَ تَاْتِي السَّمَاۗءُ بِدُخَانٍ مُّبِيْنٍ ۙ10
پوءِ توهان ان ڏينهن جو انتظار ڪريو جڏهن آسمان پڌرو دونهون ظاهر ڪندو.
— مولانا طاھر القادرييَّغْشَى النَّاسَ ۭ ھٰذَا عَذَابٌ اَلِيْمٌ 11
جيڪو ماڻهن کي ڍڪي ڇڏيندو (يعني هر طرف گهيري ويندو)، هي دردناڪ عذاب آهي.
— مولانا طاھر القادريرَبَّنَا اكْشِفْ عَنَّا الْعَذَابَ اِنَّا مُؤْمِنُوْنَ 12
(ان وقت چوندا:) اي اسان جا رب! تون اسان کان (هن) عذاب کي پري ڪر، بيشڪ اسان ايمان آڻيون ٿا.
— مولانا طاھر القادرياَنّٰى لَهُمُ الذِّكْرٰى وَقَدْ جَاۗءَهُمْ رَسُوْلٌ مُّبِيْنٌ ۙ13
هاڻي انهن جو نصيحت مڃڻ ڪٿي (فائديمند) ٿي سگهي ٿو حالانڪه انهن وٽ کولي بيان فرمائيندڙ رسول اچي چڪا.
— مولانا طاھر القادريثُـمَّ تَوَلَّوْا عَنْهُ وَقَالُوْا مُعَلَّمٌ مَّجْنُوْنٌ ۘ14
پوءِ انهن کانئس منهن ڦيريو ۽ (گستاخي ڪندي) چوڻ لڳا: (اُهو) سيکاريل ديوانو آهي.
— مولانا طاھر القادرياِنَّا كَاشِفُوا الْعَذَابِ قَلِيْلًا اِنَّكُمْ عَاۗىِٕدُوْنَ ۘ15
بيشڪ اسان ٿورڙو عذاب پري ٿا ڪريون (پر) يقيناً توهان (اُهوئي ڪفر) دهرائڻ لڳندؤ.
— مولانا طاھر القادرييَوْمَ نَبْطِشُ الْبَطْشَةَ الْكُبْرٰى ۚ اِنَّا مُنْتَقِمُوْنَ 16
جنهن ڏينهن اسان وڏي سخت پڪڙ ڪنداسين ته (ان ڏينهن) يقيناً اسان بدلو وٺي رهنداسين.
— مولانا طاھر القادريوَلَقَدْ فَتَنَّا قَبْلَهُمْ قَوْمَ فِرْعَوْنَ وَجَاۗءَهُمْ رَسُوْلٌ كَرِيْـمٌ ۙ17
۽ حقيقت ۾ اسان اِنهن کان اڳ فرعون جي قوم کي (به) آزمايو هو ۽ انهن وٽ بزرگي وارو رسول (موسيٰ عليه السلام) آيو هو.
— مولانا طاھر القادرياَنْ اَدُّوْٓا اِلَيَّ عِبَادَ اللّٰهِ ۭ اِنِّىْ لَكُمْ رَسُوْلٌ اَمِيْنٌ ۙ18
(ان چيو هو) ته توهان خدا جي ٻانهن (يعني بني اسرائيلن) کي منهنجي حوالي ڪريو، بيشڪ آئون توهان جي قيادت ۽ رهنمائي جي لاءِ امانت وارو رسول آهيان.
— مولانا طاھر القادريوَّاَنْ لَّا تَعْلُوْا عَلَي اللّٰهِ ۭ اِنِّىْٓ اٰتِيْكُمْ بِسُلْطٰنٍ مُّبِيْنٍ ۚ19
۽ هي ته الله جي مقابلي ۾ سرڪشي نه ڪريو آئون توهان وٽ روشن دليل کڻي آيو آهيان.
— مولانا طاھر القادريوَاِنِّىْ عُذْتُ بِرَبِّيْ وَرَبِّكُمْ اَنْ تَـرْجُـمُوْنِ ۡ20
۽ بيشڪ مون پنهنجي رب ۽ توهان جي رب جي پناهه ورتي آهي اِن کان ته توهان مون کي سنگسار ڪريو.
— مولانا طاھر القادري