043 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 89 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
حٰــمۗ ڔ 1
حا ميم (حقيقي معنيٰ الله ۽ رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم ئي بهتر ڄاڻن ٿا).
— مولانا طاھر القادريوَالْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ ڒ 2
قسم آهي روشن ڪتاب جو.
— مولانا طاھر القادرياِنَّا جَعَلْنٰهُ قُرْءٰنًا عَرَبِيًّا لَّعَلَّكُمْ تَعْقِلُوْنَ 3ۚ
بيشڪ اسان ان کي عربي (ٻوليءَ) جو قرآن بڻايو آهي ته جيئن توهان سمجهي سگهو.
— مولانا طاھر القادريوَاِنَّهٗ فِيْٓ اُمِّ الْكِتٰبِ لَدَيْنَا لَعَلِيٌّ حَكِيْمٌ 4ۭ
بيشڪ اهو اسان وٽ سڀني ڪتابن جي اصل (لوحِ محفوظ) ۾ ثابت آهي يقيناً (هي سڀني ڪتابن تي) مٿانهين مرتبي وڏي حڪمت وارو آهي.
— مولانا طاھر القادرياَفَنَضْرِبُ عَنْكُمُ الذِّكْرَ صَفْحًا اَنْ كُنْتُمْ قَوْمًا مُّسْرِفِيْنَ 5
۽ ڇا اسان ان نصيحت کي توهان کان ان بنياد تي روڪيون ته توهان حد کان لنگهڻ واري قوم آهيو.
— مولانا طاھر القادريوَكَمْ اَرْسَلْنَا مِنْ نَّبِيٍّ فِي الْاَوَّلِيْنَ 6
۽ اڳين ماڻهن ۾ اسان ڪيترائي پيغمبر موڪليا هئا.
— مولانا طاھر القادريوَمَا يَاْتِيْهِمْ مِّنْ نَّبِيٍّ اِلَّا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ 7
۽ ڪوبه نبي وٽن نه ايندو هو مگر اُهي مٿس ٺٺوليون ڪندا هئا.
— مولانا طاھر القادريفَاَهْلَكْنَآ اَشَدَّ مِنْهُمْ بَطْشًا وَّمَضٰى مَثَلُ الْاَوَّلِيْنَ 8
۽ اسان انهن (مڪي جي ڪافرن) کان وڌيڪ طاقتور ماڻهن کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ اڳين ماڻهن جو حال (ڪيئي جاين تي اڳ ۾) گذري چڪو.
— مولانا طاھر القادريوَلَىِٕنْ سَاَلْتَهُمْ مَّنْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ لَيَقُوْلُنَّ خَلَقَهُنَّ الْعَزِيْزُ الْعَلِيْمُ 9ۙ
۽ جيڪڏهن توهان انهن کان پڇو ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو ته يقيناً اُهي چوندا ته انهن کي غالب، علم واري (رب) پيدا ڪيو آهي.
— مولانا طاھر القادريالَّذِيْ جَعَلَ لَكُمُ الْاَرْضَ مَهْدًا وَّجَعَلَ لَكُمْ فِيْهَا سُبُلًا لَّعَلَّكُمْ تَهْتَدُوْنَ ۚ10
جنهن توهان جي لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايائين ۽ ان ۾ توهان جي لاءِ رستا بڻايائين ته جيئن توهان منزل مقصود تائين پهچي سگهو.
— مولانا طاھر القادريوَالَّذِيْ نَزَّلَ مِنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءًۢ بِقَدَرٍ ۚ فَاَنْشَرْنَا بِهٖ بَلْدَةً مَّيْتًا ۚ كَذٰلِكَ تُـخْـرَجُوْنَ 11
۽ جنهن آسمان مان (ضرورت جي) اندازي مطابق پاڻي لاٿو، پوءِ اسان ان سان مئل شهر کي جيئرو ڪيو، اهڙي طرح توهان (به مرڻ کانپوءِ زمين مان) ڪڍيا ويندؤ.
— مولانا طاھر القادريوَالَّذِيْ خَلَقَ الْاَزْوَاجَ كُلَّهَا وَجَعَلَ لَكُمْ مِّنَ الْفُلْكِ وَالْاَنْعَامِ مَا تَرْكَبُوْنَ ۙ12
۽ جنهن توهان جي لاءِ تمام قسمن ۽ جنسن جي مخلوق پيدا ڪيائين ۽ توهان جي لاءِ ٻيڙيون ۽ سامونڊي جهاز بڻايائين ۽ جانور بڻايائين جن تي توهان (سمنڊ ۽ خشڪيءَ ۾) سوار ٿيو ٿا.
— مولانا طاھر القادريلِتَسْتَوٗا عَلٰي ظُهُوْرِهٖ ثُـمَّ تَذْكُرُوْا نِعْمَةَ رَبِّكُمْ اِذَا اسْـتَوَيْتُمْ عَلَيْهِ وَتَـقُوْلُوْاسُـبْحٰنَ الَّذِيْ سَـخَّــرَ لَنَا ھٰذَا وَمَا كُنَّا لَهٗ مُقْرِنِيْنَ ۙ13
ته جيئن توهان انهن جي پٺين (يا نشستن) تي صحيح ٿي ويهي سگهو، پوءِ توهان پنهنجي رب جي نعمت کي ياد ڪريو، جڏهن توهان سڪون سان ان (سواري جي نشست) تي ويهي رهو ته چئو پاڪ آهي اُها ذات جنهن هن کي اسان جي تابع ڪيو حالانڪه اسان ان کي قابو ۾ نٿي آڻي سگهياسين.
— مولانا طاھر القادريوَاِنَّآ اِلٰى رَبِّنَا لَمُنْقَلِبُوْنَ 14
۽ بيشڪ اسان پنهنجي رب جي طرف ضرور موٽي ويندڙ آهيون.
— مولانا طاھر القادريوَجَعَلُوْا لَهٗ مِنْ عِبَادِهٖ جُزْءًا ۭ اِنَّ الْاِنْسَانَ لَكَفُوْرٌ مُّبِيْنٌ ۧ15
۽ انهن (مشرڪن) ان جي ٻانهن مان (ڪن کي ان جو اولاد قرار ڏيئي) ان جا جز بڻائي ڇڏيا، بيشڪ انسان پڌري پٽ وڏو ناشڪرو آهي.
— مولانا طاھر القادرياَمِ اتَّـخَذَ مِـمَّا يَـخْلُقُ بَنٰتٍ وَّاَصْفٰىكُمْ بِالْبَنِيْنَ 16
(اي ڪافرؤ! پنهنجي فڪر جي پيماني مطابق اهوئي جواب ڏيو ته) ڇا ان پنهنجي مخلوق مان (پاڻ پنهنجي لاءِ ته) ڌيئرون بڻايون آهن ۽ توهان کي پٽن سان خاص ڪيو اٿس؟
— مولانا طاھر القادريوَاِذَا بُشِّرَ اَحَدُهُمْ بِـمَا ضَرَبَ لِلرَّحْمٰنِ مَثَلًا ظَلَّ وَجْهُهٗ مُسْوَدًّا وَّهُوَ كَظِيْمٌ 17
حالانڪه جڏهن انهن مان ڪنهن کي ان (جي گهر ۾ ڌيءَ جي پيدائش) جي خبر ڏني وڃي ٿي جنهن کي انهن (خدا) رحمٰن جي شبيهه بڻائي رکيو آهي ته ان جو منهن ڪارو ٿي وڃي ٿو ۽ ڏک ۽ ڪاوڙ ۾ ڀرجي وڃي ٿو.
— مولانا طاھر القادرياَوَمَنْ يُّنَشَّؤُا فِي الْـحِلْيَةِ وَهُوَ فِي الْـخِـصَامِ غَيْرُ مُبِيْنٍ 18
۽ ڇا (الله پنهنجي ڪمن ۾ ڀائيواري ۽ مدد جي لاءِ ان کي اولاد بڻائيندو) جيڪا هار، سينگار ۾ پلجي ۽ (نرم طبيعت ۽ شرم، حياءَ جي ڪري) جهيڙي ۾ چٽي (راءِ جو اظهار ڪرڻ واري به) نه هجي.
— مولانا طاھر القادريوَجَعَلُوا الْمَلٰۗىِٕكَةَ الَّذِيْنَ هُمْ عِبٰدُ الرَّحْـمٰنِ اِنَاثًا ۭ اَشَهِدُوْا خَلْقَهُمْ ۭ سَـتُكْتَبُ شَهَادَتُهُمْ وَيُسْــَٔــلُوْنَ 19
۽ انهن ملائڪن کي جيڪي (خدا) رحمان جا ٻانها آهن، عورتون قرار ڏنو آهي، ڇا اُهي ان جي پيدائش تي حاضر هئا، (نه ته) هاڻي انهن جي شاهدي لکي ويندي ۽ (قيامت جي ڏينهن) انهن کان پڇا ٿيندي.
— مولانا طاھر القادريوَقَالُوْا لَوْ شَاۗءَ الرَّحْـمٰنُ مَا عَبَدْنٰهُمْ ۭ مَا لَهُمْ بِذٰلِكَ مِنْ عِلْمٍ ۤ اِنْ هُمْ اِلَّا يَـخْرُصُوْنَ ۭ20
۽ اُهي چون ٿا ته جيڪڏهن رحمٰن گهري ها ته اسان هنن (بتن) جي پوڄا نه ڪريون ها، کين اِن جو (به) ڪجهه علم ناهي اُهي رڳو اٽڪل سان ڪوڙيون ڳالهيون ڪن ٿا.
— مولانا طاھر القادري