042 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 53 آيتون ۽ 5 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
حٰــمۗ 1ۚ
حا ميم. (حقيقي معنيٰ الله ۽ رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم ئي بهتر ڄاڻن ٿا)
— مولانا طاھر القادريعۗسۗقۗ 2
عين سين قاف.
— مولانا طاھر القادريكَذٰلِكَ يُوْحِيْٓ اِلَيْكَ وَاِلَى الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِكَ ۙ اللّٰهُ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 3
اهڙي طرح اوهان ڏانهن ۽ انهن (رسولن) ڏانهن جيڪي اوهان کان اڳ گذريا آهن الله وحي موڪليندو رهيو آهي جيڪو غالب آهي وڏي حڪمت وارو آهي.
— مولانا طاھر القادريلَهٗ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ ۭ وَهُوَ الْعَلِيُّ الْعَظِيْمُ 4
جيڪو ڪجهه آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو ڪجهه زمين ۾ آهي ان جو ئي آهي، ۽ اُهو وڏي مرتبي، وڏي عظمت وارو آهي.
— مولانا طاھر القادريتَكَادُ السَّمٰوٰتُ يَتَفَطَّرْنَ مِنْ فَوْقِهِنَّ وَالْمَلٰۗىِٕكَةُ يُسَبِّحُوْنَ بِـحَمْدِ رَبِّهِمْ وَيَسْتَغْفِرُوْنَ لِمَنْ فِي الْاَرْضِ ۭ اَلَآ اِنَّ اللّٰهَ هُوَ الْغَفُوْرُ الرَّحِيْمُ 5
قريب آهي آسماني گولا پنهنجي مٿئين پاسي کان ڦاٽي پون ۽ ملائڪ پنهنجي رب جي حمد سان گڏ تسبيح ڪندا رهن ٿا ۽ انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي زمين ۾ آهن بخشش گهرندا رهن ٿا. ياد رکو، الله ئي وڏو بخشيندڙ نهايت رحم فرمائيندڙ آهي.
— مولانا طاھر القادريوَالَّذِيْنَ اتَّـخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اَوْلِيَاۗءَ اللّٰهُ حَفِيْــظٌ عَلَيْهِمْ ڮ وَمَآ اَنْتَ عَلَيْهِمْ بِوَكِيْلٍ 6
۽ جن ماڻهن الله کي ڇڏي بتن کي دوست ۽ ڪارساز بڻايو آهي الله انهن جي (حالتن) تي خوب نگهبان آهي ۽ توهان انهن (ڪافرن) جا ذميوار نه آهيو.
— مولانا طاھر القادريوَكَذٰلِكَ اَوْحَيْنَآ اِلَيْكَ قُرْاٰنًا عَرَبِيًّا لِّتُنْذِرَ اُمَّ الْقُرٰى وَمَنْ حَوْلَهَا وَتُنْذِرَ يَوْمَ الْـجَمْعِ لَا رَيْبَ فِيْهِ ۭ فَرِيْقٌ فِي الْــجَنَّةِ وَفَرِيْقٌ فِي السَّعِيْرِ 7
۽ اهڙيءَ طرح اسان اوهان ڏانهن عربي زبان ۾ قرآن وحي ڪيو ته جيئن توهان مڪي وارن کي ۽ انهن ماڻهن کي جيڪي ان جي چوڌاري رهن ٿا ڊيڄاري سگهو، ۽ توهان گڏ ٿيڻ جي اُن ڏينهن جو خوف ڏياريو جنهن ۾ ڪوبه شڪ نه آهي. (ان ڏينهن) هڪ ٽولو جنت ۾ هوندو ۽ ٻيو ٽولو دوزخ ۾ هوندو.
— مولانا طاھر القادريوَلَوْ شَاۗءَ اللّٰهُ لَـجَعَلَهُمْ اُمَّةً وَّاحِدَةً وَّلٰكِنْ يُّدْخِلُ مَنْ يَّشَاۗءُ فِيْ رَحْـمَتِهٖ ۭ وَالظّٰلِمُوْنَ مَا لَهُمْ مِّنْ وَّلِيٍّ وَّلَا نَصِيْرٍ 8
۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته انهن سڀني کي هڪ ئي امت بڻائي ڇڏي ها پر اُهو جنهن کي گهري ٿو پنهنجي رحمت ۾ داخل فرمائي ٿو، ۽ ظالمن جي لاءِ نه ڪو دوست هوندو ۽ نه ڪو مددگار.
— مولانا طاھر القادرياَمِ اتَّـخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اَوْلِيَاۗءَ ۚ فَاللّٰهُ هُوَ الْوَلِيُّ وَهُوَ يُـحْيِ الْمَوْتٰى ۡ وَهُوَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 9ۧ
ڇا انهن الله کي ڇڏي بتن کي اولياءَ بڻايو آهي، پوءِ الله ئي ولي آهي (ان جا دوست ئي اولياءَ آهن) ۽ اُهوئي مئلن کي جيئرو ڪري ٿو ۽ اُهوئي هر شيءِ تي وڏو قادر آهي.
— مولانا طاھر القادريوَمَا اخْتَلَفْتُمْ فِيْهِ مِنْ شَيْءٍ فَـحُكْـمُهٗ ٓ اِلَى اللّٰهِ ۭ ذٰلِكُمُ اللّٰهُ رَبِّيْ عَلَيْهِ تَوَكَّلْتُ ڰ وَاِلَيْهِ اُنِيْبُ 10
۽ توهان جنهن معاملي ۾ اختلاف ڪريو ٿا ته ان جو فيصلو الله جي ئي طرف (کان) ٿيندو، اِهوئي الله منهنجو رب آهي ان تي مون ڀروسو ڪيو ۽ ان ڏانهن ئي آئون رجوع ڪريان ٿو.
— مولانا طاھر القادريفَاطِرُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ جَعَلَ لَكُمْ مِّنْ اَنْفُسِكُمْ اَزْوَاجًا وَّمِنَ الْاَنْعَامِ اَزْوَاجًا ۚ يَذْرَؤُكُمْ فِيْهِ ۭ لَيْسَ كَـمِثْلِهٖ شَيْءٌ ۚ وَهُوَ السَّمِيْعُ الْبَصِيْرُ 11
آسمانن ۽ زمين کي عدم مان وجود ۾ آڻيندڙ آهي، اُن ئي توهان جي لاءِ توهان جي جنسن مان جوڙا بڻايائين ۽ جانورن جا به جوڙا بڻايائين ۽ توهان کي انهيءَ (جوڙن جي تدبير) سان پکيڙي ٿو، ان جهڙي ڪابه شيءِ نه آهي ۽ اُهوئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.
— مولانا طاھر القادريلَهٗ مَقَالِيْدُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۚ يَبْسُطُ الرِّزْقَ لِمَنْ يَّشَاۗءُ وَيَقْدِرُ ۭ اِنَّهٗ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيْمٌ 12
اُهوئي آسمانن ۽ زمين جي چاٻين جو مالڪ آهي (يعني جنهن جي لاءِ اُهو گهري خزانا کولي ڇڏي ٿو) اُهو جنهن جي لاءِ چاهي ٿو رزق ۽ عطا ڪشادي فرمائي ڇڏي ٿو ۽ (جنهن جي لاءِ گهري ٿو) تنگ ڪري ڇڏي ٿو. بيشڪ اُهو هر شيءِ کي خوب ڄاڻندڙ آهي.
— مولانا طاھر القادريشَرَعَ لَكُمْ مِّنَ الدِّيْنِ مَا وَصّٰى بِهٖ نُوْحًا وَّالَّذِيْٓ اَوْحَيْنَآ اِلَيْكَ وَمَا وَصَّيْنَا بِهٖٓ اِبْرٰهِيْمَ وَمُوْسٰى وَعِيْسٰٓى اَنْ اَقِيْمُوا الدِّيْنَ وَلَا تَتَفَرَّقُوْا فِيْهِ ۭ كَبُرَ عَلَي الْمُشْرِكِيْنَ مَا تَدْعُوْهُمْ اِلَيْهِ ۭ اَللّٰهُ يَجْتَبِيْٓ اِلَيْهِ مَنْ يَّشَاۗءُ وَيَهْدِيْٓ اِلَيْهِ مَنْ يُّنِيْبُ 13
اُن توهان جي لاءِ دين جو اُهوئي رستو مقرر فرمايو جنهن جو حڪم ان نوح (عليه السلام) کي ڏنو هو ۽ جنهن جو وحي اسان توهان ڏي موڪليو ۽ جنهن جو حڪم اسان ابراهيم ۽ موسيٰ ۽ عيسيٰ (عليهم السلام) کي ڏنو هو (سو اِهوئي آهي) ته توهان (انهيءَ) دين تي قائم رهو ۽ ان ۾ ڏڦيڙ نه وجهو، مشرڪن تي تمام ڳري آهي اُها (توحيد جي ڳالهه) جنهن جي طرف توهان انهن کي سڏيو ٿا. الله جنهن کي (پاڻ) گهري ٿو پنهنجي بارگاهه ۾ (خاص قرب جي لاءِ) چونڊي وٺي ٿو ۽ پنهنجي طرف (اچڻ جي) واٽ ڏيکاري ٿو (هر) ان ماڻهو کي جيڪو (الله جي طرف) دل سان رجوع ڪري ٿو.
— مولانا طاھر القادريوَمَا تَفَرَّقُوْٓا اِلَّا مِنْۢ بَعْدِ مَا جَاۗءَهُمُ الْعِلْمُ بَغْيًۢا بَيْنَهُمْ ۭ وَلَوْلَا كَلِمَةٌ سَبَقَتْ مِنْ رَّبِّكَ اِلٰٓى اَجَلٍ مُّسَمًّي لَّقُضِيَ بَيْنَهُمْ ۭ وَاِنَّ الَّذِيْنَ اُوْرِثُوا الْكِتٰبَ مِنْۢ بَعْدِهِمْ لَفِيْ شَكٍّ مِّنْهُ مُرِيْبٍ 14
۽ انهن فرقيواريت نه ڪئي هئي مگر ان کانپوءِ جڏهن ته وٽن علم اچي چڪو هو صرف پاڻ ۾ ضد (۽ هوڏ) جي ڪري، ۽ جيڪڏهن توهان جي رب جي طرفان مقرر مدت تائين (جي مهلت) جو فرمان پهرين صادر نه ٿيو هجي ها ته انهن جي وچ ۾ فيصلو ٿي وڃي ها، ۽ بيشڪ جيڪي ماڻهو انهن کان پوءِ ڪتاب جا وارث بڻايا ويا هئا اُهي پاڻ ان جي باري ۾ دوکو ڏيندڙ شڪ ۾ (مبتلا) آهن.
— مولانا طاھر القادريفَلِذٰلِكَ فَادْعُ ۚ وَاسْتَقِمْ كَـمَآ اُمِرْتَ ۚ وَلَا تَتَّبِـعْ اَهْوَاۗءَهُمْ ۭ وَقُلْ اٰمَنْتُ بِـمَآ اَنْزَلَ اللّٰهُ مِنْ كِتٰبٍ ۚ وَاُمِرْتُ لِاَعْدِلَ بَيْنَكُمْ ۭ اَللّٰهُ رَبُّنَا وَرَبُّكُمْ ۭ لَنَآ اَعْـمَالُنَا وَلَكُمْ اَعْـمَالُكُمْ ۭ لَا حُـجَّةَ بَيْنَنَا وَبَيْنَكُمْ ۭ اَللّٰهُ يَجْمَعُ بَيْنَنَا ۚ وَاِلَيْهِ الْمَصِيْرُ ۭ15
پوءِ توهان انهيءَ (دين) جي لاءِ دعوت ڏيندا رهو ۽ جيئن توهان کي حڪم ڏنو ويو آهي (انهيءَ تي) قائم رهو ۽ انهن جي خواهشن تي ڪن نه ڌريو، ۽ (اِهو) فرمايو: جيڪو به ڪتاب الله لاٿو آهي آئون ان تي ايمان رکان ٿو، ۽ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته آئون توهان جي وچ ۾ عدل ۽ انصاف ڪريان. الله اسان جو (به) رب آهي ۽ توهان جو (به) رب آهي، اسان جي لاءِ اسان جا عمل آهن ۽ توهان جي لاءِ توهان جا عمل، اسان جي ۽ توهان جي وچ ۾ ڪوبه بحث ۽ تڪرار ناهي، الله اسان سڀني کي گڏ ڪندو ۽ انهيءَ جي طرف (سڀني جو) موٽڻ آهي.
— مولانا طاھر القادريوَالَّذِيْنَ يُحَاۗجُّوْنَ فِي اللّٰهِ مِنْۢ بَعْدِ مَا اسْتُجِيْبَ لَهٗ حُـجَّــتُهُمْ دَاحِضَةٌ عِنْدَ رَبِّهِمْ وَعَلَيْهِمْ غَضَبٌ وَّلَهُمْ عَذَابٌ شَدِيْدٌ 16
۽ جيڪي ماڻهو الله (جي دين جي باري) ۾ جهڳڙو ڪن ٿا ان کانپوءِ جو ان کي قبول ڪيو ويو انهن جو بحث ۽ تڪرار سندن رب وٽ باطل آهي ۽ مٿن (الله جو) ڏمر آهي ۽ انهن جي لاءِ سخت عذاب آهي.
— مولانا طاھر القادرياَللّٰهُ الَّذِيْٓ اَنْزَلَ الْكِتٰبَ بِالْـحَقِّ وَالْمِيْزَانَ ۭ وَمَا يُدْرِيْكَ لَعَلَّ السَّاعَةَ قَرِيْبٌ 17
الله اهوئي آهي جنهن حق سان ڪتاب نازل فرمايو ۽ (عدل ۽ انصاف جي) تارازي (به لاٿي)، ۽ توهان کي ڪنهن خبردار ڪيو، شايد قيامت قريب ئي هجي.
— مولانا طاھر القادرييَسْتَعْجِلُ بِهَا الَّذِيْنَ لَا يُؤْمِنُوْنَ بِهَا ۚ وَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا مُشْفِقُوْنَ مِنْهَا ۙ وَيَعْلَمُوْنَ اَنَّهَا الْـحَقُّ ۭ اَلَآ اِنَّ الَّذِيْنَ يُـمَارُوْنَ فِي السَّاعَةِ لَفِيْ ضَلٰلٍۢ بَعِيْدٍ 18
اِن (قيامت) ۾ اُهي ماڻهو تڪڙ مچائن ٿا جيڪي ان تي ايمان (ئي) نٿا رکن ۽ جيڪي ايمان رکن ٿا سي ان کان ڊڄن ٿا ۽ ڄاڻن ٿا ته ان جو اچڻ حق آهي، ڄاڻي ڇڏيو! جيڪي ماڻهو قيامت جي باري ۾ جهيڙو ڪن ٿا اُهي ڏورانهين درجي جي گمراهي ۾ آهن.
— مولانا طاھر القادرياَللّٰهُ لَطِيْفٌۢ بِعِبَادِهٖ يَرْزُقُ مَنْ يَّشَاۗءُ ۚ وَهُوَ الْقَوِيُّ الْعَزِيْزُ ۧ19
الله پنهنجي ٻانهن تي وڏي مهرباني فرمائيندڙ آهي، جنهن کي گهري ٿو رزق ۽ عطا سان نوازي ٿو ۽ اهو وڏي قدرت وارو وڏي عزت وارو آهي.
— مولانا طاھر القادريمَنْ كَانَ يُرِيْدُ حَرْثَ الْاٰخِرَةِ نَزِدْ لَهٗ فِيْ حَرْثِهٖ ۚ وَمَنْ كَانَ يُرِيْدُ حَرْثَ الدُّنْيَا نُؤْتِهٖ مِنْهَا وَمَا لَهٗ فِي الْاٰخِرَةِ مِنْ نَّصِيْبٍ 20
جيڪو شخص آخرت جي پوک گهري ٿو اسان ان جي لاءِ سندس پوک ۾ وڌيڪ اضافو فرمايون ٿا ۽ جيڪو شخص دنيا جي پوک جو طالب هوندو آهي (ته) اسان کيس اُن مان ڪجهه عطا ڪريون ٿا پوءِ سندس لاءِ آخرت ۾ ڪو حصو نٿو رهي.
— مولانا طاھر القادري