041 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 54 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
حٰـمۗ 1ۚ
حا ميم (حقيقي معنيٰ الله ۽ رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم ئي بهتر ڄاڻن ٿا).
— مولانا طاھر القادريتَنْزِيْلٌ مِّنَ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْـمِ 2ۚ
نهايت مهربان وڏي رحم فرمائيندڙ (رب) جي طرفان نازل ٿيڻ آهي.
— مولانا طاھر القادريكِتٰبٌ فُصِّلَتْ اٰيٰتُهٗ قُرْاٰنًا عَرَبِيًّا لِّــقَوْمٍ يَّعْلَمُوْنَ 3ۙ
(هن) ڪتاب جو جنهن جون آيتون کولي بيان ڪيون ويون آهن علم ۽ ڏاهپ رکڻ واري قوم جي لاءِ عربي (زبان ۾) قرآن (آهي).
— مولانا طاھر القادريبَشِيْرًا وَّنَذِيْرًا ۚ فَاَعْرَضَ اَكْثَرُهُمْ فَهُمْ لَا يَسْمَعُوْنَ 4
خوشخبري ٻڌائيندڙ آهي ۽ ڊيڄاريندڙ آهي، پوءِ انهن مان گهڻن ماڻهن منهن موڙيو تنهنڪري اُهي (ان کي) ٻڌن ئي نٿا.
— مولانا طاھر القادريوَقَالُوْا قُلُوْبُنَا فِيْٓ اَكِنَّةٍ مِّـمَّا تَدْعُوْنَآ اِلَيْهِ وَفِيْٓ اٰذَانِنَا وَقْرٌ وَّمِنْۢ بَيْنِنَا وَبَيْنِكَ حِـجَابٌ فَاعْـمَلْ اِنَّنَا عٰـمِلُوْنَ 5
۽ چون ٿا ته اسان جون دليون ان شيءِ کان پردن ۾ آهن جنهن ڏانهن توهان اسان کي سڏيو ٿا ۽ اسان جي ڪنن ۾ (ٻوڙائي) جو بار آهي ۽ اسان جي ۽ توهان جي وچ ۾ پردو آهي پوءِ توهان (پنهنجو) عمل ڪندا رهو اسان پنهنجو عمل ڪرڻ وارا آهيون.
— مولانا طاھر القادريقُلْ اِنَّـمَآ اَنَا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ يُوْحٰٓى اِلَيَّ اَنَّـمَآ اِلٰــهُكُمْ اِلٰهٌ وَّاحِدٌ فَاسْتَقِيْمُوْٓا اِلَيْهِ وَاسْتَغْفِرُوْهُ ۭ وَوَيْلٌ لِّـلْمُشْرِكِيْنَ 6ۙ
(انهن جا پردا هٽائڻ ۽ ٻڌڻ تي آماده ڪرڻ لاءِ) فرمايو: (اي ڪافرؤ!) بس آئون ظاهر ۾ ماڻهو هجڻ ۾ ته توهان جهڙو ئي آهيان (پوءِ مون کان ۽ منهنجي دعوت کان ايتري قدر ڇو ٿا ڀڄو) منهنجي طرف اِهو وحي موڪليو ويو آهي ته توهان جو معبود فقط هڪ معبود آهي، پوءِ توهان ان ڏانهن ئي سڌي مُهڙ ڪريو ۽ ان کان معافي گهرو، ۽ مشرڪن جي لاءِ تباهي آهي.
— مولانا طاھر القادريالَّذِيْنَ لَا يُؤْتُوْنَ الزَّكٰوةَ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ كٰفِرُوْنَ 7ۙ
جيڪي زڪواة ادا نٿا ڪن ۽ اُهي ئي ته آخرت جا به منڪر آهن.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُمْ اَجْرٌ غَيْرُ مَـمْنُوْنٍ 8ۧ
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪندا رهيا انهن جي لاءِ اهڙو اجر آهي جيڪو ڪڏهن ختم نه ٿيندو.
— مولانا طاھر القادريقُلْ اَىِٕنَّكُمْ لَتَكْفُرُوْنَ بِالَّذِيْ خَلَقَ الْاَرْضَ فِيْ يَوْمَيْنِ وَتَجْعَلُوْنَ لَهٗ ٓ اَنْدَادًا ۭ ذٰلِكَ رَبُّ الْعٰلَمِيْنَ 9ۚ
فرمايو: ڇا توهان ان (الله) جو انڪار ڪريو ٿا جنهن زمين کي ٻن ڏينهن (يعني ٻن مدتن) ۾ پيدا فرمايو ۽ توهان ان جي لاءِ همسر ٿا بڻايو اُهوئي سڀني جهانن جو پروردگار آهي.
— مولانا طاھر القادريوَجَعَلَ فِيْهَا رَوَاسِيَ مِنْ فَوْقِهَا وَبٰرَكَ فِيْهَا وَقَدَّرَ فِيْهَآ اَقْوَاتَهَا فِيْٓ اَرْبَعَةِ اَيَّامٍ ۭ سَوَاۗءً لِّلسَّاۗىِٕلِيْنَ 10
۽ ان جي اندر (مان) ڳرا جبل (ڪڍي) ان جي مٿان رکيائين ۽ ان ۾ (معدنيات، پاڻي جا ذخيرا، قدرتي وسيلا ۽ ٻين قوتن جي) برڪت رکيائين، ۽ ان ۾ (سڄي مخلوق جي لاءِ) غذائون (۽ معيشت جا سامان) مقرر فرمايائين (اِهو سڀ ڪجهه ان) چار ڏينهن (يعني چار ارتقائي دورن) ۾ مڪمل ڪيائين، (هي سمورو رزق اصل ۾) سڀني طلبگارن (۽ حاجتمندن) جي لاءِ برابر آهي.
— مولانا طاھر القادريثُـمَّ اسْتَوٰٓى اِلَى السَّمَاۗءِ وَهِىَ دُخَانٌ فَقَالَ لَهَا وَلِلْاَرْضِ ائْتِيَا طَوْعًا اَوْ كَرْهًا ۭ قَالَتَآ اَتَيْنَا طَاۗىِٕعِيْنَ 11
پوءِ اُهو آسماني ڪائنات ڏانهن متوجههه ٿيو ته اُها (سڄي) دونهون هئي، پوءِ ان کي (يعني آسماني گولن کي) ۽ زمين کي فرمايائين چاهي پاڻ ۾ ڪشش ۽ رغبت سان يا ڀڄندي ناگواري سان (اسان جي نظام جي تابع) اچو، ٻنهي چيو: اسان خوشيءَ سان حاضر آهيون.
— مولانا طاھر القادريفَقَضٰهُنَّ سَبْعَ سَمٰوَاتٍ فِيْ يَوْمَيْنِ وَاَوْحٰى فِيْ كُلِّ سَمَاۗءٍ اَمْرَهَا ۭ وَزَيَّنَّا السَّمَاۗءَ الدُّنْيَا بِـمَصَابِيْحَ ڰ وَحِفْظًا ۭ ذٰلِكَ تَقْدِيْرُ الْعَزِيْزِ الْعَلِيْمِ 12
پوءِ ٻن ڏينهن (يعني ٻن مرحلن) ۾ ست آسمان بڻايائين ۽ هر آسماني ڪائنات ۾ ان جو نظام امانت رکيائين ۽ دنيا واري آسمان کي اسان ڏيئن (يعني تارن ۽ سيارن) سان سينگاريو ۽ محفوظ به (ته جيئن هڪ جو نظام ٻئي ۾ مداخلت نه ڪري سگهي)، هي زبردست غلبي (۽ قوت) واري، وڏي علم واري (رب) جو مقرر ڪيل نظام آهي.
— مولانا طاھر القادريفَاِنْ اَعْرَضُوْا فَقُلْ اَنْذَرْتُكُمْ صٰعِقَةً مِّثْلَ صٰعِقَةِ عَادٍ وَّثَـمُوْدَ ۭ13
پوءِ جيڪڏهن اُهي منهن موڙين ته توهان فرمائي ڇڏيو آئون توهان کي ان خوفناڪ عذاب کان ڊيڄاريان ٿو جيڪو عاد ۽ ثمود جي بربادي وانگر هوندو.
— مولانا طاھر القادرياِذْ جَاۗءَتْهُمُ الرُّسُلُ مِنْۢ بَيْنِ اَيْدِيْهِمْ وَمِنْ خَلْفِهِمْ اَلَّا تَعْبُدُوْٓا اِلَّا اللّٰهَ ۭ قَالُوْا لَوْ شَاۗءَ رَبُّنَا لَاَنْزَلَ مَلٰۗىِٕكَةً فَاِنَّا بِـمَآ اُرْسِلْتُمْ بِهٖ كٰفِرُوْنَ 14
جڏهن انهن وٽ انهن جي اڳيان ۽ پٺيان (يا انهن کان اڳ ۽ انهن کان پوءِ) پيغمبر آيا (۽ چيائون) ته الله کانسواءِ ڪنهن جي عبادت نه ڪريو، ته اُهي چوڻ لڳا: جيڪڏهن اسان جو رب گهري ها ته ملائڪن کي لاهي ها پوءِ جو ڪجهه توهان ڏيئي موڪليا ويا آهيو اسان ان جا منڪر آهيون.
— مولانا طاھر القادريفَاَمَّا عَادٌ فَاسْـتَكْبَرُوْا فِي الْاَرْضِ بِغَيْرِ الْـحَقِّ وَقَالُوْا مَنْ اَشَدُّ مِنَّا قُوَّةً ۭ اَوَلَمْ يَرَوْا اَنَّ اللّٰهَ الَّذِيْ خَلَقَهُمْ هُوَ اَشَدُّ مِنْهُمْ قُوَّةً ۭ وَكَانُوْا بِاٰيٰتِنَا يَـجْــحَدُوْنَ 15
پوءِ جيڪا عاد جي قوم هئي سو انهن زمين ۾ ناحق هٺ (۽ سرڪشي) ڪئي ۽ چيائون: اسان کان وڌيڪ طاقتور ڪير آهي؟ ۽ ڇا انهن نه ڏٺو ته الله جنهن انهن کي پيدا فرمايو آهي سو انهن کان گهڻو وڌيڪ طاقتور آهي، ۽ اُهي اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا رهيا.
— مولانا طاھر القادريفَاَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيْحًا صَرْصَرًا فِيْٓ اَيَّامٍ نَّحِسَاتٍ لِّنُذِيْقَهُمْ عَذَابَ الْخِــزْيِ فِي الْـحَيٰوةِ الدُّنْيَا ۭ وَلَعَذَابُ الْاٰخِرَةِ اَخْزٰى وَهُمْ لَا يُنْصَرُوْنَ 16
پوءِ اسان انهن تي منحوس ڏينهن ۾ خوفناڪ تيز طوفان موڪليو ته جيئن اسان انهن کي دنيا جي زندگي ۾ خواري جو عذاب چکايون، ۽ آخرت جو عذاب ته سڀ کان وڌيڪ خواري وارو هوندو ۽ انهن جي ڪابه مدد نه ڪئي ويندي.
— مولانا طاھر القادريوَاَمَّا ثَـمُوْدُ فَهَدَيْنٰهُمْ فَاسْتَــحَبُّوا الْعَمٰى عَلَي الْهُدٰى فَاَخَذَتْهُمْ صٰعِقَةُ الْعَذَابِ الْهُوْنِ بِـمَا كَانُوْا يَكْسِبُوْنَ ۚ17
۽ جيڪا ثمود جي قوم هئي، سو اسان انهن کي هدايت جي واٽ ڏيکاري ته انهن هدايت جي مقابلي ۾ انڌو رهڻ ئي پسند ڪيو ته انهن کي خواري جي عذاب جي ڪڙڪي اچي ورتو انهن عملن جي بدلي جيڪي اُهي ڪمائيندا هئا.
— مولانا طاھر القادريوَنَجَّيْنَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَكَانُوْا يَتَّقُوْنَ ۧ18
۽ اسان انهن ماڻهن کي ڇوٽڪارو ڏنو جن ايمان آندو ۽ پرهيزگاري ڪندا رهيا.
— مولانا طاھر القادريوَيَوْمَ يُحْشَرُ اَعْدَاۗءُ اللّٰهِ اِلَى النَّارِ فَهُمْ يُوْزَعُوْنَ 19
۽ جنهن ڏينهن الله جي دشمنن کي جهنم ڏانهن گڏ ڪري آندو ويندو پوءِ انهن کي روڪي روڪي (۽ هڪلي) هلايو ويندو.
— مولانا طاھر القادريحَتّىٰٓ اِذَا مَا جَاۗءُوْهَا شَهِدَ عَلَيْهِمْ سَمْعُهُمْ وَاَبْصَارُهُمْ وَجُلُوْدُهُمْ بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 20
تانجو اُهي جهنم تائين پهچندا ته انهن جي ڪنن ۽ انهن جي اکين ۽ انهن (جي جسمن) جون کلون انهن جي خلاف شاهدي ڏينديون انهن عملن تي جيڪي اُهي ڪندا رهيا هئا.
— مولانا طاھر القادري