040 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 85 آيتون ۽ 9 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
حٰـمۗ 1ۚ
حا ميم (حقيقي معنيٰ الله ۽ رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم ئي بهتر ڄاڻن ٿا).
— مولانا طاھر القادريتَنْزِيْلُ الْكِتٰبِ مِنَ اللّٰهِ الْعَزِيْزِ الْعَلِيْمِ 2ۙ
هن ڪتاب جو نازل ٿيڻ الله جي طرفان آهي جيڪو غالب آهي، خوب ڄاڻندڙ آهي.
— مولانا طاھر القادريغَافِرِ الذَّنْۢبِ وَقَابِلِ التَّوْبِ شَدِيْدِ الْعِقَابِ ۙ ذِي الطَّوْلِ ۭ لَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ ۭ اِلَيْهِ الْمَصِيْرُ 3
گناهه بخش ڪندڙ (آهي) ۽ توبه قبول فرمائيندڙ (آهي)، سخت عذاب ڏيندڙ (آهي)،وڏو ڪرم وارو آهي. اُن کانسواءِ ڪوبه معبود ناهي، انهيءَ ڏانهن سڀني کي) موٽڻو آهي.
— مولانا طاھر القادريمَا يُـجَادِلُ فِيْٓ اٰيٰتِ اللّٰهِ اِلَّا الَّذِيْنَ كَفَرُوْا فَلَا يَغْرُرْكَ تَــقَلُّبُهُمْ فِي الْبِلَادِ 4
الله جي آيتن ۾ ڪوبه جهڳڙو نٿو ڪري سواءِ اُنهن ماڻهن جي جن ڪفر ڪيو، پوءِ انهن جو شهرن ۾ (آزادي سان) گهمڻ ڦرڻ توهان کي غلط فهمي ۾ نه وجهي.
— مولانا طاھر القادريكَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوْحٍ وَّالْاَحْزَابُ مِنْۢ بَعْدِهِمْ ۠ وَهَـمَّتْ كُلُّ اُمَّةٍۢ بِرَسُوْلِهِمْ لِيَاْخُذُوْهُ وَجٰدَلُوْا بِالْبَاطِلِ لِيُدْحِضُوْا بِهِ الْـحَقَّ فَاَخَذْتُهُمْ ۣ فَكَيْفَ كَانَ عِقَابِ 5
انهن کان اڳ نوح جي قوم ۽ کانئن پوءِ (ٻين) ڪيترين ئي امتن (پنهنجي رسولن کي) ڪوڙو چيو ۽ هر امت پنهنجي رسول جي باري ۾ ارادو ڪيو ته کيس پڪڙي (قتل ڪريون يا قيد ڪري) وٺون ۽ بي بنياد ڳالهين سان جهڳڙو ڪيائون ته جيئن اُن (جهڳڙي) سان حق (جو اثر) ختم ڪن پوءِ مون کين (عذاب ۾) پڪڙيو، پوءِ (منهنجو) عذاب ڪيئن هو؟
— مولانا طاھر القادريوَكَذٰلِكَ حَقَّتْ كَلِمَتُ رَبِّكَ عَلَي الَّذِيْنَ كَفَرُوْٓا اَنَّهُمْ اَصْـحٰبُ النَّارِ ڤ 6
۽ اهڙي طرح توهان جي رب جو فرمان انهن ماڻهن تي پورو ٿيو جن ڪفر ڪيو هو بيشڪ اُهي دوزخي آهن.
— مولانا طاھر القادرياَلَّذِيْنَ يَـحْمِلُوْنَ الْعَرْشَ وَمَنْ حَوْلَهٗ يُسَبِّحُوْنَ بِـحَمْدِ رَبِّهِمْ وَيُؤْمِنُوْنَ بِهٖ وَيَسْتَغْفِرُوْنَ لِلَّذِيْنَ اٰمَنُوْا ۚ رَبَّنَا وَسِعْتَ كُلَّ شَيْءٍ رَّحْـمَةً وَّعِلْمًا فَاغْفِرْ لِلَّذِيْنَ تَابُوْا وَاتَّبَعُوْا سَبِيْلَكَ وَقِهِمْ عَذَابَ الْـجَــحِيْمِ 7
جيڪي (ملائڪ) عرش کي کنيو بيٺا آهن ۽ جيڪي ان جي چوڌاري آهن اُهي (سڀ) پنهنجي رب جي حمد سان گڏ تسبيح ڪن ٿا ۽ ان تي ايمان رکن ٿا ۽ ايمان وارن جي لاءِ بخشش جي دعا ڪن ٿا (هي عرض ڪن ٿا ته) اي اسان جا رب! تو (پنهنجي) رحمت ۽ علم سان هر شيءِ کي گهيريو آهي، پوءِ انهن ماڻهن کي بخش ڪر جن توبه ڪئي ۽ تنهنجي رستي جي پيروي ڪئي ۽ انهن کي دوزخ جي عذاب کان بچاءِ.
— مولانا طاھر القادريرَبَّنَا وَاَدْخِلْهُمْ جَنّٰتِ عَدْنِ ۨالَّتِيْ وَعَدْتَّهُمْ وَمَنْ صَلَحَ مِنْ اٰبَاۗىِٕـهِمْ وَاَزْوَاجِهِمْ وَذُرِّيّٰــتِهِمْ ۭ اِنَّكَ اَنْتَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 8ۙ
اي اسان جا رب! ۽ انهن کي (هميشه رهڻ جي لاءِ) جنات عدن ۾ داخل فرماءِ، جن جو تو ساڻن وعدو فرمايو آهي ۽ انهن جي ابن، ڏاڏن مان ۽ انهن جي زالن مان ۽ انهن جي اولاد ۽ ذريت مان جيڪي نيڪ هجن (انهن کي به ساڻن گڏ داخل فرماءِ)، بيشڪ تون ئي غالب، وڏي حڪمت وارو آهين.
— مولانا طاھر القادريوَقِهِمُ السَّيِّاٰتِ ۭ وَمَنْ تَقِ السَّيِّاٰتِ يَوْمَىِٕذٍ فَقَدْ رَحِـمْتَهٗ ۭ وَذٰلِكَ هُوَ الْفَوْزُ الْعَظِيْمُ 9ۧ
۽ کين برائين (جي سزا) کان بچاءِ ۽ جنهن کي تو اُن ڏينهن برائين (جي سزا) کان بچايو، ته بيشڪ تو اُن تي رحم فرمايو، ۽ اِها ئي وڏي ڪاميابي آهي.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا يُنَادَوْنَ لَمَقْتُ اللّٰهِ اَكْبَرُ مِنْ مَّقْتِكُمْ اَنْفُسَكُمْ اِذْ تُدْعَوْنَ اِلَى الْاِيْـمَانِ فَتَكْفُرُوْنَ 10
بيشڪ جن ڪفر ڪيو تن کي سڏي چيو ويندو: (اڄ) توهان کان الله جي بيزاري، توهان جي پنهنجي جانين کان بيزاري کان وڌيل آهي، جڏهن ته توهان کي ايمان ڏانهن سڏيو ويندو هو پر توهان انڪار ڪندا هئا.
— مولانا طاھر القادريقَالُوْا رَبَّنَآ اَمَتَّنَا اثْنَتَيْنِ وَاَحْيَيْتَنَا اثْنَتَيْنِ فَاعْتَرَفْنَا بِذُنُوْبِنَا فَهَلْ اِلٰى خُرُوْجٍ مِّنْ سَبِيْلٍ 11
اُهي چوندا: اي اسان جا رب! تو اسان کي ٻه ڀيرا موت ڏنو ۽ تو اسان کي ٻه ڀيرا (ئي) زندگي بخشي، سو (هاڻي) اسان پنهنجي گناهن جو اعتراف ڪريون ٿا، پوءِ ڇا (عذاب کان بچي) نڪرڻ جي طرف ڪو رستو آهي؟
— مولانا طاھر القادريذٰلِكُمْ بِاَنَّهٗ ٓ اِذَا دُعِيَ اللّٰهُ وَحْدَهٗ كَفَرْتُمْ ۚ وَاِنْ يُّشْرَكْ بِهٖ تُؤْمِنُوْا ۭ فَالْحُكْمُ لِلّٰهِ الْعَلِيِّ الْكَبِيْرِ 12
(۽ انهن کي چيو ويندو: نه) هي (دائمي عذاب) اِن ڪري آهي جو جڏهن هڪڙي الله کي سڏيو ويندو هو ته توهان انڪار ڪندا هئا ۽ جيڪڏهن ان سان گڏ (ڪنهن کي) شريڪ ڪيو ويندو هو ته توهان مڃي ويندا هئا، پوءِ (هاڻي) الله جو ئي حڪم آهي جيڪو (سڀني کان) مٿانهون آهي.
— مولانا طاھر القادريهُوَ الَّذِيْ يُرِيْكُمْ اٰيٰتِهٖ وَيُنَزِّلُ لَكُمْ مِّنَ السَّمَاۗءِ رِزْقًا ۭ وَمَا يَتَذَكَّرُ اِلَّا مَنْ يُّنِيْبُ 13
اُهوئي آهي جيڪو توهان کي پنهنجون نشانيون ڏيکاري ٿو ۽ توهان جي لاءِ آسمان مان رزق لاهي ٿو، ۽ نصيحت صرف اُهوئي قبولي ٿو جيڪو رجوع (الي الله) ۾ رهي ٿو.
— مولانا طاھر القادريفَادْعُوا اللّٰهَ مُـخْلِصِيْنَ لَهُ الدِّيْنَ وَلَوْ كَرِهَ الْكٰفِرُوْنَ 14
پوءِ توهان الله جي عبادت ان جي لاءِ طاعت ۽ بندگي کي خالص رکندي ڪريو، توڙي جو ڪافرن کي ناپسند ئي هجي.
— مولانا طاھر القادريرَفِيْعُ الدَّرَجٰتِ ذُو الْعَرْشِ ۚ يُلْقِي الرُّوْحَ مِنْ اَمْرِهٖ عَلٰي مَنْ يَّشَاۗءُ مِنْ عِبَادِهٖ لِيُنْذِرَ يَوْمَ التَّلَاقِ ۙ15
درجا بلند ڪرڻ وارو، عرش جو مالڪ، پنهنجي ٻانهن مان جنهن تي چاهي ٿو روح (يعني وحي) پنهنجي حڪم سان القاء فرمائي ٿو ته جيئن هو (ماڻهن کي) گڏ ٿيڻ واري ڏينهن کان ڊيڄاري.
— مولانا طاھر القادرييَوْمَ هُمْ بٰرِزُوْنَ ڬ لَا يَـخْـفٰى عَلَي اللّٰهِ مِنْهُمْ شَيْءٌ ۭ لِمَنِ الْمُلْكُ الْيَوْمَ ۭ لِلّٰهِ الْوَاحِدِ الْقَهَّارِ 16
جنهن ڏينهن اُهي سڀ (قبرن مان) نڪري پوندا ۽ انهن (جي عملن) مان ڪجهه به الله تي لڪل نه رهندو، (ارشاد ٿيندو) اڄ ڪنهن جي بادشاهي آهي؟ (پوءِ ارشاد ٿيندو) الله جي ئي جيڪو اڪيلو آهي ۽ سڀني تي غالب آهي.
— مولانا طاھر القادرياَلْيَوْمَ تُـجْزٰى كُلُّ نَفْسٍۢ بِـمَا كَسَبَتْ ۭ لَا ظُلْمَ الْيَوْمَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ سَرِيْعُ الْـحِسَابِ 17
اڄ جي ڏينهن هر جان کي سندس ڪمائي جو بدلو ڏنو ويندو، اڄ ڪابه نا انصافي نه ٿيندي، بيشڪ الله تمام جلدي حساب وٺڻ وارو آهي.
— مولانا طاھر القادريوَاَنْذِرْهُمْ يَوْمَ الْاٰزِفَةِ اِذِ الْقُلُوْبُ لَدَى الْحَـنَاجِرِ كٰظِمِيْنَ ڛ مَا لِلظّٰلِمِيْنَ مِنْ حَمِيْـمٍ وَّلَا شَفِيْعٍ يُّــطَاعُ ۭ18
۽ توهان انهن کي ويجهي اچڻ واري آفت جي ڏينهن کان ڊيڄاريو جڏهن غم برداشت ڪندي دليون نڙي وٽ اچي وينديون. ظالمن جي لاءِ نه ڪو مهربان دوست هوندو ۽ نه ڪو سفارشي جنهن جي ڳالهه مڃي وڃي.
— مولانا طاھر القادرييَعْلَمُ خَاۗىِٕنَةَ الْاَعْيُنِ وَمَا تُخْفِي الصُّدُوْرُ 19
اُهو خيانت ڪندڙ نگاهن کي ڄاڻي ٿو ۽ (انهن ڳالهين کي به) جيڪي سينا (پنهنجي اندر) لِڪايو رکن ٿا.
— مولانا طاھر القادريوَاللّٰهُ يَـقْضِيْ بِالْـحَقِّ ۭ وَالَّذِيْنَ يَدْعُوْنَ مِنْ دُوْنِهٖ لَا يَـقْضُوْنَ بِشَيْءٍ ۭ اِنَّ اللّٰهَ هُوَ السَّمِيْعُ الْبَصِيْرُ ۧ20
۽ الله حق سان فيصلو فرمائي ٿو، ۽ جن (بتن) کي هي ماڻهو الله کانسواءِ پوڄين ٿا اُهي ڪجهه به فيصلو نٿا ڪري سگهن، بيشڪ الله ئي ٻڌندڙ، ڏسندڙ آهي.
— مولانا طاھر القادري