004 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 176 آيتون ۽ 24 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
يٰٓاَيُّھَا النَّاسُ اتَّقُوْا رَبَّكُمُ الَّذِيْ خَلَقَكُمْ مِّنْ نَّفْسٍ وَّاحِدَةٍ وَّخَلَقَ مِنْھَا زَوْجَهَا وَبَثَّ مِنْهُمَا رِجَالًا كَثِيْرًا وَّنِسَاۗءً ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ الَّذِيْ تَسَاۗءَلُوْنَ بِهٖ وَالْاَرْحَامَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ عَلَيْكُمْ رَقِيْبًا 1
اي انسانؤ! پنهنجي پروردگار کان ڊڄو جنهن توهان جي پيدائش (جي ابتدا) هڪ ساهه مان ڪئي پوءِ انهيءَ مان ان جو جوڙو پيدا فرمايائين پوءِ انهن ٻنهي مان گهڻا مرد ۽ عورتون (پيدا ڪري) پکيڙي ڇڏيائين، ۽ ڊڄو ان الله کان جنهن جي واسطي سان توهان هڪٻئي کان سوال ٿا ڪريو ۽ رشتن (۾ به تقويٰ اختيار ڪريو)، بيشڪ الله توهان تي نگهبان آهي.
— مولانا طاھر القادريوَاٰتُوا الْيَــتٰـمٰٓى اَمْوَالَھُمْ وَلَا تَتَبَدَّلُوا الْـخَبِيْثَ بِالطَّيِّبِ ۠ وَلَا تَاْكُلُوْٓا اَمْوَالَھُمْ اِلٰٓى اَمْوَالِكُمْ ۭ اِنَّهٗ كَانَ حُوْبًا كَبِيْرًا 2
۽ يتيمن کي انهن جا مال ڏيئي ڇڏيو ۽ خراب شيءِ کي سٺي شيءِ سان نه بدلايو ۽ نه انهن جا مال پنهنجي مالن سان ملائي کائو يقيناً اهو تمام وڏو گناهه آهي.
— مولانا طاھر القادريوَاِنْ خِفْتُمْ اَلَّا تُقْسِطُوْا فِي الْيَتٰـمٰى فَانْكِحُوْا مَا طَابَ لَكُمْ مِّنَ النِّسَاۗءِ مَثْنٰى وَثُلٰثَ وَرُبٰعَ ۚ فَاِنْ خِفْتُمْ اَلَّا تَعْدِلُوْا فَوَاحِدَةً اَوْ مَا مَلَكَتْ اَيْـمَانُكُمْ ۭ ذٰلِكَ اَدْنٰٓى اَلَّا تَعُوْلُوْا 3ۭ
۽ جيڪڏهن توهان کي انديشو هجي ته توهان يتيم ڇوڪرين جي باري ۾ انصاف نه ڪري سگهندؤ ته انهن عورتن سان نڪاح ڪريو جيڪي توهان کي پسند ۽ حلال هجن، ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي ۽ چار چار (پر اِها اجازت انصاف جي شرط سان آهي) پوءِ جيڪڏهن توهان کي انديشو هجي ته توهان (وڌيڪ زالن ۾) انصاف نه ڪري سگهندؤ ته صرف هڪ ئي عورت سان (نڪاح ڪريو) يا اُهي ٻانهيون جيڪي (شرعي طور) توهان جي ملڪيت ۾ آيون هجن، اِها ڳالهه انهيءَ جي وڌيڪ ويجهو آهي ته توهان کان ظلم نه ٿئي.
— مولانا طاھر القادريوَاٰتُوا النِّسَاۗءَ صَدُقٰتِهِنَّ نِـحْلَةٍ ۭ فَاِنْ طِبْنَ لَكُمْ عَنْ شَيْءٍ مِّنْهُ نَفْسًا فَكُلُوْهُ هَنِيْۗــــــًٔـا مَّرِيْۗـــــــًٔـا 4
۽ عورتن کي سندن مهر دل جي خوشيءَ سان ادا ڪريو، پوءِ جيڪڏهن اُهي ان (مهر) مان ڪجهه توهان کي پنهنجي خوشيءَ سان ڇڏي ڏين ته ڀلي ان کي (پنهنجي لاءِ) موافق ۽ خوشگوار سمجهي کائو.
— مولانا طاھر القادريوَلَا تُؤْتُوا السُّفَھَاۗءَ اَمْوَالَكُمُ الَّتِىْ جَعَلَ اللّٰهُ لَكُمْ قِيٰـمًا وَّارْزُقُوْھُمْ فِيْھَا وَاكْسُوْھُمْ وَقُوْلُوْا لَھُمْ قَوْلًا مَّعْرُوْفًا 5
۽ توهان بي عقلن کي پنهنجا (يا انهن جا) مال سپرد نه ڪريو جنهن کي الله توهان جي معيشت جي مضبوطيءَ جو سبب بڻايو آهي. ها انهن کي ان مال مان کارائيندا رهو ۽ ڍڪائيندا رهو ۽ ساڻن چڱائي جي ڳالهه ڪريو.
— مولانا طاھر القادريوَابْتَلُوا الْيَتٰـمٰى ﱑ اِذَا بَلَغُوا النِّكَاحَ ۚ فَاِنْ اٰنَسْتُمْ مِّنْھُمْ رُشْدًا فَادْفَعُوْٓا اِلَيْھِمْ اَمْوَالَھُمْ ۚ وَلَا تَاْكُلُوْھَآ اِسْرَافًا وَّبِدَارًا اَنْ يَّكْبَرُوْا ۭ وَمَنْ كَانَ غَنِيًّا فَلْيَسْتَعْفِفْ ۚ وَمَنْ كَانَ فَقِيْرًا فَلْيَاْكُلْ بِالْمَعْرُوْفِ ۭ فَاِذَا دَفَعْتُمْ اِلَيْھِمْ اَمْوَالَھُمْ فَاَشْهِدُوْا عَلَيْھِمْ ۭ وَكَفٰى بِاللّٰهِ حَسِـيْبًا 6
۽ يتيمن جي (تربيت جي لاءِ) سنڀال ۽ آزمائش ڪندا رهو ايستائين جو اُهي نڪاح (جي عمر) کي پهچن پوءِ جيڪڏهن توهان انهن ۾ هوشياري (۽ سٺي قابليت) ڏسو ته انهن جو مال سندن حوالي ڪري ڇڏيو، ۽ انهن جا مال اجائي خرچ ۽ تڪڙ ۾ (ان ڊپ کان) نه کائو ته اُهي وڏا ٿي (ڪري واپس وٺي) ويندا، ۽ جيڪو آسودو هجي اُهو (يتيم جي مال کان) بلڪل بچي ۽ جيڪو (پاڻ) ضرورتمند هجي ان کي (صرف) مناسب حد تائين کائڻ کپي، ۽ جڏهن توهان انهن جو مال سندن حوالي ڪريو ته مٿن گواهه بڻائي ڇڏيو، ۽ حساب وٺندڙ الله ئي ڪافي آهي.
— مولانا طاھر القادريلِلرِّجَالِ نَصِيْبٌ مِّـمَّا تَرَكَ الْوَالِدٰنِ وَالْاَقْرَبُوْنَ ۠ وَلِلنِّسَاۗءِ نَصِيْبٌ مِّـمَّا تَرَكَ الْوَالِدٰنِ وَالْاَقْرَبُوْنَ مِـمَّا قَلَّ مِنْهُ اَوْ كَثُرَ ۭ نَصِيْبًا مَّفْرُوْضًا 7
مردن جي لاءِ ان (مال) مان حصو آهي جيڪو ماءُ پيءُ ۽ ويجهن مائٽن ڇڏيو هجي ۽ عورتن جي لاءِ (به) ماءُ پيءُ ۽ ويجهن مائٽن جي ترڪي مان حصو آهي. اُهو ترڪو ٿورو هجي يا گهڻو (الله جو) مقرر ڪيل حصو آهي.
— مولانا طاھر القادريوَاِذَا حَضَرَ الْقِسْمَةَ اُولُوا الْقُرْبٰي وَالْيَتٰـمٰى وَالْمَسٰكِيْنُ فَارْزُقُوْھُمْ مِّنْهُ وَقُوْلُوْا لَھُمْ قَوْلًا مَّعْرُوْفًا 8
۽ جيڪڏهن (ورثي) جي تقسيم مهل (غير وارث) مائٽ ۽ يتيم ۽ محتاج موجود هجن ته ان مان ڪجهه انهن کي به ڏيو ۽ انهن کي چڱي ڳالهه چئو.
— مولانا طاھر القادريوَلْيَخْشَ الَّذِيْنَ لَوْ تَرَكُوْا مِنْ خَلْفِھِمْ ذُرِّيَّةً ضِعٰفًا خَافُوْا عَلَيْھِمْ ۠ فَلْيَتَّقُوا اللّٰهَ وَلْيَقُوْلُوْا قَوْلًا سَدِيْدًا 9
۽ (يتيمن سان معاملو ڪندڙ) ماڻهن کي ڊڄڻ کپي ته جيڪڏهن اُهي پنهنجي پٺيان ڪمزور ٻار ڇڏين ها ته (مرڻ وقت) انهن ٻارن جي حال تي (ڪيترا) ڊنل (۽ فڪرمند) هجن ها، تنهن ڪري کين (يتيمن جي باري ۾) الله کان ڊڄڻ کپي ۽ (انهن سان) سنئين ڳالهه ڪرڻ کپي.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ الَّذِيْنَ يَاْكُلُوْنَ اَمْوَالَ الْيَتٰـمٰى ظُلْمًا اِنَّـمَا يَاْكُلُوْنَ فِيْ بُطُوْنِھِمْ نَارًا ۭ وَسَيَصْلَوْنَ سَعِيْرًا ۧ10
بيشڪ جيڪي ماڻهو يتيمن جو مال ناحق طريقي سان کائين ٿا اُهي پنهنجي پيٽن ۾ خالص باههِ ٿا ڀرين، اُهي سگهوئي ڀڙڪندڙ باههِ ۾ وڃي ڪرندا.
— مولانا طاھر القادرييُوْصِيْكُمُ اللّٰهُ فِيْٓ اَوْلَادِكُمْ ۤ لِلذَّكَرِ مِثْلُ حَظِّ الْاُنْثَيَيْنِ ۚ فَاِنْ كُنَّ نِسَاۗءً فَوْقَ اثْنَتَيْنِ فَلَھُنَّ ثُلُثَا مَا تَرَكَ ۚ وَاِنْ كَانَتْ وَاحِدَةً فَلَھَا النِّصْفُ ۭ وَلِاَبَوَيْهِ لِكُلِّ وَاحِدٍ مِّنْهُمَا السُّدُسُ مِـمَّا تَرَكَ اِنْ كَانَ لَهٗ وَلَدٌ ۚ فَاِنْ لَّمْ يَكُنْ لَّهٗ وَلَدٌ وَّوَرِثَهٗ ٓ اَبَوٰهُ فَلِاُمِّهِ الثُّلُثُ ۚ فَاِنْ كَانَ لَهٗ ٓ اِخْوَةٌ فَلِاُمِّهِ السُّدُسُ مِنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُّوْصِيْ بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۭ اٰبَاۗؤُكُمْ وَاَبْنَاۗؤُكُمْ لَا تَدْرُوْنَ اَيُّھُمْ اَقْرَبُ لَكُمْ نَفْعًا ۭ فَرِيْضَةً مِّنَ اللّٰهِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ عَلِيْـمًا حَكِـيْـمًا 11
الله توهان کي توهان جي اولاد (جي ورثي) بابت حڪم ڏئي ٿو ته ڇوڪري جي لاءِ ٻن ڇوڪرين جي برابر حصو آهي، پوءِ جيڪڏهن صرف ڇوڪريون ئي هجن (ٻه يا) ٻن کان وڌيڪ ته انهن جي لاءِ ان ترڪي جون ٻه ٽهايون حصو آهي، ۽ جيڪڏهن اُها اڪيلي هجي ته ان لاءِ اڌ آهي، ۽ فوتي جي ماءُ پيءُ جي لاءِ انهن ٻنهي مان هر هڪ کي ترڪي جو ڇهون حصو (ملندو) پر شرط اِهو ته فوتي جو ڪو اولاد هجي، پوءِ جيڪڏهن ان فوتي (مورث) جو ڪوبه اولاد نه هجي ۽ ان جا وارث صرف سندس ماءُ پيءُ هجن ته ان جي ماءُ جي لاءِ ٽيون حصو (۽ باقي سمورو پيءُ جو آهي)، پوءِ جيڪڏهن فوتي جا ڀائر ڀينر هجن ته ان جي ماءُ جي لاءِ ڇهون حصو آهي (اها ورهاست) ان وصيت (کي پورو ڪرڻ) کانپوءِ جيڪا ان ڪئي هجي يا قرض (جي ادائيگي) کانپوءِ (ٿيندي)، توهان جا پيءُ ۽ توهان جا پٽ توهان کي خبر نه آهي ته فائدو پهچائڻ ۾ انهن مان ڪير توهان جي وڌيڪ ويجهو آهي اها (ورهاست) الله جي طرفان فرض (يعني مقرر) آهي، بيشڪ الله چڱي طرح ڄاڻندڙ وڏي حڪمت وارو آهي.
— مولانا طاھر القادريوَلَكُمْ نِصْفُ مَا تَرَكَ اَزْوَاجُكُمْ اِنْ لَّمْ يَكُنْ لَّھُنَّ وَلَدٌ ۚ فَاِنْ كَانَ لَھُنَّ وَلَدٌ فَلَكُمُ الرُّبُعُ مِـمَّا تَرَكْنَ مِنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُّوْصِيْنَ بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۭ وَلَھُنَّ الرُّبُعُ مِـمَّا تَرَكْتُمْ اِنْ لَّمْ يَكُنْ لَّكُمْ وَلَدٌ ۚ فَاِنْ كَانَ لَكُمْ وَلَدٌ فَلَھُنَّ الثُّمُنُ مِـمَّا تَرَكْتُمْ مِّنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ تُوْصُوْنَ بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۭ وَاِنْ كَانَ رَجُلٌ يُّوْرَثُ كَلٰلَةً اَوِ امْرَاَةٌ وَّلَهٗ ٓ اَخٌ اَوْ اُخْتٌ فَلِكُلِّ وَاحِدٍ مِّنْهُمَا السُّدُسُ ۚ فَاِنْ كَانُوْٓا اَكْثَرَ مِنْ ذٰلِكَ فَھُمْ شُرَكَاۗءُ فِي الثُّلُثِ مِنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُّوْصٰى بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۙ غَيْرَ مُضَاۗرٍّ ۚ وَصِيَّةً مِّنَ اللّٰهِ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌ حَلِيْمٌ ۭ12
۽ توهان جي لاءِ ان (مال) جو اڌ حصو آهي جيڪو توهان جون زالون ڇڏي وڃن پر شرط اِهو ته انهن جو ڪو اولاد نه هجي، پوءِ جيڪڏهن انهن جو ڪو اولاد هجي ته توهان جي لاءِ انهن جي ترڪي ۾ چوٿون حصو آهي (اِهو به) ان وصيت (کي پورو ڪرڻ) کان پوءِ جيڪا انهن ڪئي هجي يا قرض (جي ادائيگي) کانپوءِ، ۽ توهان جي زالن جو توهان جي ڇڏيل (مال) مان چوٿون حصو آهي پر شرط اِهو ته توهان جو ڪو اولاد نه هجي پوءِ جيڪڏهن توهان جو ڪو اولاد هجي ته انهن جي لاءِ توهان جي ترڪي مان اٺون حصو آهي توهان جي ان (مال) جي باري ۾ ڪيل وصيت (پوري ڪرڻ) يا (توهان جي) قرض جي ادائيگي کانپوءِ ۽ جيڪڏهن ڪنهن اهڙي مرد يا عورت جو ورثو تقسيم ڪيو پيو وڃي جنهن جا نه ماءُ پيءُ هجن ۽ نه ڪو اولاد ۽ ان جو (ماءُ پاران) هڪ ڀاءُ يا هڪ ڀيڻ هجي (يعني اخيافي ڀاءُ يا ڀيڻ) ته ٻنهي مان هر هڪ جي لاءِ ڇهون حصو آهي، پوءِ جيڪڏهن اُهي ڀاءُ ڀيڻ هڪ کان وڌيڪ هجن ته سڀئي هڪ ٽهائي ۾ شريڪ ٿيندا (اها ورهاست به) ان وصيت کانپوءِ (ٿيندي) جيڪا (وارثن کي) بنا نقصان پهچائڻ جي ڪئي ويئي هجي يا قرض (جي ادائيگي) کانپوءِ، اهو الله جي طرفان حڪم آهي، ۽ الله خوب علم وارو ۽ بردبار آهي.
— مولانا طاھر القادريتِلْكَ حُدُوْدُ اللّٰهِ ۭ وَمَنْ يُّطِعِ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ يُدْخِلْهُ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِھَا الْاَنْھٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْھَا ۭ وَذٰلِكَ الْفَوْزُ الْعَظِيْمُ 13
هي الله جون (مقرر ڪيل) حدون آهن، ۽ جيڪو الله ۽ ان جي رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) جي فرمانبرداري ڪري ان کي هو بهشتن ۾ داخل فرمائيندو جن جي هيٺان نهرون جاري آهن ان ۾ هميشه رهندا ۽ اها وڏي ڪاميابي آهي.
— مولانا طاھر القادريوَمَنْ يَّعْصِ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ وَيَتَعَدَّ حُدُوْدَهٗ يُدْخِلْهُ نَارًا خَالِدًا فِيْھَا ۠ وَلَهٗ عَذَابٌ مُّهِيْنٌ ۧ14
۽ جيڪو الله ۽ ان جي رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) جي نافرماني ڪري ۽ ان جون حدون اورانگهي ان کي هو جهنم ۾ داخل ڪندو جنهن ۾ اهو هميشه رهندو ۽ ان جي لاءِ خواريءَ وارو عذاب آهي.
— مولانا طاھر القادريوَالّٰتِيْ يَاْتِيْنَ الْفَاحِشَةَ مِنْ نِّسَاۗىِٕكُمْ فَاسْتَشْهِدُوْا عَلَيْهِنَّ اَرْبَعَةً مِّنْكُمْ ۚ فَاِنْ شَهِدُوْا فَاَمْسِكُوْھُنَّ فِي الْبُيُوْتِ حَتّٰى يَتَوَفّٰىھُنَّ الْمَوْتُ اَوْ يَـجْعَلَ اللّٰهُ لَھُنَّ سَبِيْلًا 15
۽ توهان جي عورتن مان جيڪي بدڪاري جو ڏوهه ڪري ويهن ته مٿن پنهنجن ماڻهن مان چئن مردن جي شاهدي طلب ڪريو، پوءِ جيڪڏهن اُهي شاهدي ڏين ته انهن عورتن کي گهرن ۾ بند ڪريو ايستائين جو موت انهن جي زندگي کي پورو ڪري يا الله انهن جي لاءِ ڪا واٽ (يعني نئون حڪم) مقرر فرمائي.
— مولانا طاھر القادريوَالَّذٰنِ يَاْتِيٰنِھَا مِنْكُمْ فَاٰذُوْھُمَا ۚ فَاِنْ تَابَا وَاَصْلَحَا فَاَعْرِضُوْا عَنْهُمَا ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ تَوَّابًا رَّحِـيْـمًا 16
۽ توهان مان جيڪي به ڪنهن بدڪاري جو ڏوهه ڪن ته انهن ٻنهي کي ايذاءُ ڏيو، پوءِ جيڪڏهن اُهي توبه ڪن ۽ (پنهنجي) اصلاح ڪن ته کين سزا ڏيڻ کان پاسو ڪريو، بيشڪ الله وڏو توبه قبوليندڙ مهربان آهي.
— مولانا طاھر القادرياِنَّـمَا التَّوْبَةُ عَلَي اللّٰهِ لِلَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ السُّوْۗءَ بِـجَهَالَةٍ ثُـمَّ يَتُوْبُوْنَ مِنْ قَرِيْبٍ فَاُولٰۗىِٕكَ يَتُوْبُ اللّٰهُ عَلَيْھِمْ ۭ وَكَانَ اللّٰهُ عَلِــيْـمًا حَكِـيْـمًا 17
الله صرف انهن ماڻهن جي توبه قبول ڪرڻ جو وعدو فرمايو آهي جيڪي ناداني جي ڪري برائي ڪري ويهن پوءِ جلدي ئي توبه ڪري وٺن پوءِ الله اهڙن ماڻهن تي پنهنجي رحمت سان موٽندو، ۽ الله وڏي علم وڏي حڪمت وارو آهي.
— مولانا طاھر القادريوَلَيْسَتِ التَّوْبَةُ لِلَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ السَّـيِّاٰتِ ۚ ﱑ اِذَا حَضَرَ اَحَدَھُمُ الْمَوْتُ قَالَ اِنِّىْ تُبْتُ الْــٰٔنَ وَلَا الَّذِيْنَ يَـمُوْتُوْنَ وَھُمْ كُفَّارٌ ۭ اُولٰۗىِٕكَ اَعْتَدْنَا لَھُمْ عَذَابًا اَلِـــيْـمًا 18
۽ اهڙن ماڻهن جي لاءِ توبه (جي قبوليت) نه آهي جيڪي گناهه ڪندا وڃن ايستائين جو انهن مان ڪنهن جي سامهون موت اچي پهچي ته (ان وقت) چوي ته آئون هاڻي توبه ٿو ڪريان ۽ نه ئي اهڙن ماڻهن جي لاءِ آهي جيڪي ڪفر جي حالت تي مرن، انهن جي لاءِ اسان دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو آهي.
— مولانا طاھر القادرييٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا يَـحِلُّ لَكُمْ اَنْ تَرِثُوا النِّسَاۗءَ كَرْهًا ۭ وَلَا تَعْضُلُوْھُنَّ لِتَذْهَبُوْا بِبَعْضِ مَآ اٰتَيْتُمُوْھُنَّ اِلَّآ اَنْ يَّاْتِيْنَ بِفَاحِشَةٍ مُّبَيِّنَةٍ ۚ وَعَاشِرُوْھُنَّ بِالْمَعْرُوْفِ ۚ فَاِنْ كَرِھْتُمُوْھُنَّ فَعَسٰٓى اَنْ تَكْرَهُوْا شَـيْـــــًٔـا وَّيَـجْعَلَ اللّٰهُ فِيْهِ خَيْرًا كَثِيْرًا 19
اي ايمان وارؤ! توهان جي لاءِ اهو حلال ناهي ته توهان زبردستي عورتن جا وارث بڻجي وڃو، ۽ کين ان مقصد سان نه روڪيو ته جيڪو مال توهان انهن کي ڏنو هو ان مان ڪجهه (واپس) وٺو سواءِ ان جي ته هو کليل بدڪاري ڪن، ۽ انهن سان چڱو ورتاءُ ڪريو، پوءِ جيڪڏهن توهان انهن کي پسند نٿا ڪريو ته ممڪن آهي ته توهان ڪنهن شيءِ کي ناپسند ڪريو ۽ الله ان ۾ گهڻي ڀلائي رکي ڇڏي.
— مولانا طاھر القادريوَاِنْ اَرَدْتُّـمُ اسْتِبْدَالَ زَوْجٍ مَّكَانَ زَوْجٍ ۙ وَّاٰتَيْتُمْ اِحْدٰىھُنَّ قِنْطَارًا فَلَا تَاْخُذُوْا مِنْهُ شَـيْـــًٔـا ۭ اَتَاْخُذُوْنَهٗ بُھْتَانًا وَّاِثْـمًا مُّبِيْنًا 20
۽ جيڪڏهن توهان هڪڙي زال جي بدران ٻي زال آڻڻ چاهيو ۽ توهان ان کي ڍير سارو مال ڏيئي چڪا هجو تڏهن به ان مان ڪجهه واپس نه وٺو، ڇا توهان ناحق الزام ۽ کليل گناهه جي ذريعي اُهو مال (واپس) وٺڻ چاهيو ٿا؟
— مولانا طاھر القادري