039 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 75 آيتون ۽ 8 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
تَنْزِيْلُ الْكِتٰبِ مِنَ اللّٰهِ الْعَزِيْزِ الْحَكِيْمِ 1
هن ڪتاب جو نازل ٿيڻ الله جي طرفان آهي جيڪو وڏي عزت وارو، وڏي حڪمت وارو آهي.
— مولانا طاھر القادرياِنَّآ اَنْزَلْنَآ اِلَيْكَ الْكِتٰبَ بِالْـحَقِّ فَاعْبُدِ اللّٰهَ مُخْلِصًا لَّهُ الدِّيْنَ 2ۭ
بيشڪ اسان توهان ڏانهن (هي) ڪتاب حق سان نازل ڪيو آهي ته توهان الله جي عبادت ان جي لاءِ اطاعت، بندگي کي خالص رکندي ڪريو.
— مولانا طاھر القادرياَلَا لِلّٰهِ الدِّيْنُ الْـخَالِصُ ۭ وَالَّذِيْنَ اتَّـخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اَوْلِيَاۗءَ ۘ مَا نَعْبُدُهُمْ اِلَّا لِيُقَرِّبُوْنَآ اِلَى اللّٰهِ زُلْفٰى ۭ اِنَّ اللّٰهَ يَـحْكُمُ بَيْنَهُمْ فِيْ مَا هُمْ فِيْهِ يَـخْتَلِفُوْنَ ڛ اِنَّ اللّٰهَ لَا يَهْدِيْ مَنْ هُوَ كٰذِبٌ كَفَّارٌ 3
(ماڻهن کي چئو:) ٻڌو! اِطاعت ۽ بندگي خالص الله جي لاءِ ئي آهي ۽ جن (ڪافرن) الله کان سوا (بتن کي) دوست بڻايو آهي اُهي (پنهنجي بُت پرستي جي ڪوڙي جواز جي لاءِ اهو چون ٿا ته) اسان انهن جي پوڄا رڳو ان لاءِ ڪريون ٿا ته اُهي اسان کي الله جو مقرب بڻائين، بيشڪ الله انهن جي وچ ۾ اُن شيءِ جو فيصلو فرمائيندو جنهن ۾ اُهي اختلاف ڪن ٿا، يقيناً الله ان شخص کي هدايت نٿو فرمائي جيڪو ڪوڙو آهي، وڏو ناشڪرو آهي.
— مولانا طاھر القادريلَوْ اَرَادَ اللّٰهُ اَنْ يَّتَّخِذَ وَلَدًا لَّاصْطَفٰى مِـمَّا يَـخْلُقُ مَا يَشَاۗءُ ۙ سُـبْحٰنَهٗ ۭ هُوَ اللّٰهُ الْوَاحِدُ الْقَهَّارُ 4
جيڪڏهن الله ارادو فرمائي ته (پنهنجي لاءِ) اولاد بڻائي ته اُهو پنهنجي مخلوق مان جنهن کي وڻيس ها چونڊي وٺي ها، اُهو پاڪ آهي، اُهو ئي الله آهي، جيڪو اڪيلو آهي سڀني تي غالب آهي.
— مولانا طاھر القادريخَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ بِالْـحَـقِّ ۚ يُكَوِّرُ الَّيْلَ عَلَي النَّهَارِ وَيُكَوِّرُ النَّهَارَ عَلَي الَّيْلِ وَسَـخَّرَ الشَّمْسَ وَالْقَمَرَ ۭ كُلٌّ يَّـجْرِيْ لِاَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ اَلَا هُوَ الْعَزِيْزُ الْغَفَّارُ 5
اُن آسمانن ۽ زمين کي صحيح تدبير سان پيدا فرمايو. اُهو رات کي ڏينهن تي لپيٽي ٿو ۽ ڏينهن کي رات تي لپيٽي ٿو ۽ ان ئي سج ۽ چنڊ کي (هڪ نظام جي) تابع ڪري ڇڏيو آهي هر هڪ (تارو ۽ سيارو) مقرر وقت جي حد تائين (پنهنجي مدار ۾) هلي ٿو، خبردار اُهو ئي (پوري نظام تي) غالب، وڏو بخشڻهار آهي.
— مولانا طاھر القادريخَلَقَكُمْ مِّنْ نَّفْسٍ وَّاحِدَةٍ ثُـمَّ جَعَلَ مِنْهَا زَوْجَهَا وَاَنْزَلَ لَكُمْ مِّنَ الْاَنْعَامِ ثَـمٰنِيَةَ اَزْوَاجٍ ۭ يَـخْلُقُكُمْ فِيْ بُطُوْنِ اُمَّهٰتِكُمْ خَلْقًا مِّنْۢ بَعْدِ خَلْقٍ فِيْ ظُلُمٰتٍ ثَلٰثٍ ۭ ذٰلِكُمُ اللّٰهُ رَبُّكُمْ لَهُ الْمُلْكُ ۭ لَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ ۚ فَاَنّٰى تُصْرَفُوْنَ 6
اُن توهان سڀني کي هڪ حياتياتي خليي مان پيدا فرمايو پوءِ اُن مان اُن جهڙو جوڙ بڻايائين پوءِ اُن توهان جي لاءِ اَٺ ساهوارا جانور مهيا ڪيائين، اُهو توهان جي مائرن جي رحمن ۾ هڪ تخليقي مرحلي کان اڳئين تخليقي مرحلي ۾ ترتيب سان توهان جي جوڙجڪ ڪري ٿو (انهيءَ عمل کي) ٽن قسمن جي اونداهن پردن ۾ (مڪمل فرمائي ٿو)، اِهوئي توهان جو پروردگار آهي جيڪو سموري قدرت ۽ بادشاهيءَ جو مالڪ آهي، اُن کان سواءِ ڪوبه معبود ناهي، پوءِ (تخليق جون اِهي لڪل حقيقتون ڄاڻڻ کانپوءِ به) توهان ڪٿي ڀٽڪندا ٿا وتو.
— مولانا طاھر القادرياِنْ تَكْفُرُوْا فَاِنَّ اللّٰهَ غَنِيٌّ عَنْكُمْ ۣ وَلَا يَرْضٰى لِعِبَادِهِ الْكُفْرَ ۚ وَاِنْ تَشْكُرُوْا يَرْضَهُ لَكُمْ ۭ وَلَا تَزِرُ وَازِرَةٌ وِّزْرَ اُخْرٰى ۭ ثُـمَّ اِلٰى رَبِّكُمْ مَّرْجِعُكُمْ فَيُنَبِّئُكُمْ بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ ۭ اِنَّهٗ عَلِـيْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ 7
جيڪڏهن توهان ڪفر ڪريو بيشڪ الله توهان کان بي نياز آهي ۽ اُهو پنهنجي ٻانهن جي لاءِ ڪفر (۽ ناشڪري) پسند نٿو ڪري ۽ جيڪڏهن توهان شڪر ادا ڪريو (ته) اُن کي توهان جي لاءِ پسند فرمائي ٿو ۽ ڪو بار کڻڻ وارو ٻئي جو بار نه کڻندو پوءِ توهان کي پنهنجي رب ڏانهن موٽڻو آهي پوءِ اُهو توهان کي باخبر ڪندو جيڪو توهان ڪندا رهيا هئا، بيشڪ اُهو سينن ۾ (لڪل) ڳالهين کي (به) خوب ڄاڻي ٿو.
— مولانا طاھر القادريوَاِذَا مَسَّ الْاِنْسَانَ ضُرٌّ دَعَا رَبَّهٗ مُنِيْبًا اِلَيْهِ ثُـمَّ اِذَا خَوَّلَهٗ نِعْمَةً مِّنْهُ نَسِيَ مَا كَانَ يَدْعُوْٓا اِلَيْهِ مِنْ قَبْلُ وَجَعَلَ لِلّٰهِ اَنْدَادًا لِّيُضِلَّ عَنْ سَبِيْلِهٖ ۭ قُلْ تَـمَــتَّعْ بِكُفْرِكَ قَلِيْلًا ڰ اِنَّكَ مِنْ اَصْحٰبِ النَّارِ 8
۽ جڏهن انسان کي ڪا تڪيلف پهچي ٿي ته اُهو پنهنجي رب کي انهيءَ ڏانهن رجوع ڪندي پڪاري ٿو، پوءِ جڏهن (الله) پنهنجي طرفان ڪا نعمت عطا ڪري ٿو ته اُهو اُن (تڪليف) کي وساري ٿو ڇڏي جنهن جي لاءِ هو اڳي دعا ڪندو هو ۽ (پوءِ) الله جي لاءِ (بتن کي) شريڪ ڪرڻ لڳي ٿو ته جيئن (ٻين ماڻهن کي به) اُن جي واٽ کان ٿيڙي، فرمايو: (اي ڪافر!) تون پنهنجي ڪفر سان ٿورڙو ئي (ظاهري) فائدو کڻي وٺ، تون بيشڪ دوزخين مان آهين.
— مولانا طاھر القادرياَمَّنْ هُوَ قَانِتٌ اٰنَاۗءَ الَّيْلِ سَاجِدًا وَّقَاۗىِٕمًا يَّحْذَرُ الْاٰخِرَةَ وَيَرْجُوْا رَحْـمَةَ رَبِّهٖ ۭ قُلْ هَلْ يَسْتَوِي الَّذِيْنَ يَعْلَمُوْنَ وَالَّذِيْنَ لَا يَعْلَمُوْنَ ۭ اِنَّـمَا يَتَذَكَّرُ اُولُوا الْاَلْبَابِ 9ۧ
ڀلا (هي مشرڪ ڀلو آهي يا) اُهو (مومن) جيڪو رات جي گهڙين ۾ سجدن ۽ قيام جي حالت ۾ عبادت ڪرڻ وارو آهي، آخرت کان ڊڄي ٿو ۽ پنهنجي رب جي رحمت جي اميد رکي ٿو، فرمايو: ڇا جيڪي ماڻهو علم رکن ٿا ۽ جيڪي علم نٿا رکن (سڀ) برابر ٿي سگهن ٿا. بس نصيحت ته عقلمند ماڻهو ئي قبول ڪندا آهن.
— مولانا طاھر القادريقُلْ يٰعِبَادِ الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوْا رَبَّكُمْ ۭ لِلَّذِيْنَ اَحْسَنُوْا فِيْ هٰذِهِ الدُّنْيَا حَسَـنَةٌ ۭ وَاَرْضُ اللّٰهِ وَاسِعَةٌ ۭ اِنَّـمَا يُوَفَّى الصّٰبِرُوْنَ اَجْرَهُمْ بِغَيْرِ حِسَابٍ 10
(محبوب منهنجي طرفان) فرمايو: اي منهنجا ٻانهؤ! جن ايمان آندو آهي پنهنجي رب جي تقويٰ اختيار ڪريو. اهڙن ئي ماڻهن جي لاءِ جيڪي هن دنيا ۾ احسان جا صاحب ٿيا. بهترين بدلو آهي ۽ الله جي سرزمين ڪشادي آهي، بيشڪ صبر ڪرڻ وارن کي سندن اجر بي حساب اندازي سان پورو ڪيو ويندو.
— مولانا طاھر القادريقُلْ اِنِّىْٓ اُمِرْتُ اَنْ اَعْبُدَ اللّٰهَ مُـخْلِصًا لَّهُ الدِّيْنَ ۙ11
فرمايو: مونکي حڪم ڏنو ويو آهي ته آئون الله جي عبادت، پنهنجي طاعت ۽ بندگي کي ان جي لاءِ خالص رکندي سرانجام ڏيان.
— مولانا طاھر القادريوَاُمِرْتُ لِاَنْ اَكُوْنَ اَوَّلَ الْمُسْلِمِيْنَ 12
۽ مون کي اهو (به) حڪم ڏنو ويو آهي ته آئون (اُن جي مخلوق ۾) سڀني کان پهريون مسلمان بڻجان.
— مولانا طاھر القادريقُلْ اِنِّىْٓ اَخَافُ اِنْ عَصَيْتُ رَبِّيْ عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيْمٍ 13
فرمايو: جيڪڏهن آئون پنهنجي رب جي نافرماني ڪريان ته آئون زبردست ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو.
— مولانا طاھر القادريقُلِ اللّٰهَ اَعْبُدُ مُـخْلِصًا لَّهٗ دِيْنِيْ ۙ14
فرمايو: آئون صرف الله جي عبادت ڪريان ٿو، پنهنجي دين کي ان جي لاءِ خالص رکندي.
— مولانا طاھر القادريفَاعْبُدُوْا مَا شِئْتُمْ مِّنْ دُوْنِهٖ ۭ قُلْ اِنَّ الْـخٰسِرِيْنَ الَّذِيْنَ خَسِرُوْٓا اَنْفُسَهُمْ وَاَهْلِيْهِمْ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ ۭ اَلَا ذٰلِكَ هُوَ الْـخُسْرَانُ الْمُبِيْنُ 15
سو توهان الله کانسواءِ جنهن جي چاهيو پوڄا ڪريو، فرمايو: بيشڪ نقصان کڻڻ وارا اُهي ئي ماڻهو آهن جن قيامت جي ڏينهن پنهنجي جانين کي ۽ پنهنجي گهر وارن کي خساري ۾ وڌو. ياد رکو اِهو ئي کليو نقصان آهي.
— مولانا طاھر القادريلَهُمْ مِّنْ فَوْقِهِمْ ظُلَــلٌ مِّنَ النَّارِ وَمِنْ تَـحْتِهِمْ ظُلَــلٌ ۭ ذٰلِكَ يُـخَــوِّفُ اللّٰهُ بِهٖ عِبَادَهٗ ۭ يٰعِبَادِ فَاتَّقُوْنِ 16
انهن جي لاءِ انهن جي مٿان (به) باهه جا بادل (ڇپر بڻيل) هوندا ۽ انهن جي هيٺيان به باهه جا فرش هوندا، هي اُهو (عذاب) آهي جنهن کان الله پنهنجي ٻانهن کي ڊيڄاري ٿو، اي منهنجا ٻانهؤ! بس مون کان ڊڄندا رهو.
— مولانا طاھر القادريوَالَّذِيْنَ اجْتَنَبُوا الطَّاغُوْتَ اَنْ يَّعْبُدُوْهَا وَاَنَابُوْٓا اِلَى اللّٰهِ لَهُمُ الْبُشْرٰى ۚ فَبَشِّرْ عِبَادِ ۙ17
۽ جيڪي ماڻهو بتن جي پوڄا ڪرڻ کان بچيا ۽ الله جي طرف جهڪيا، انهن جي لاءِ خوشخبري آهي، پوءِ توهان منهنجي ٻانهن کي خوشخبري ڏيو.
— مولانا طاھر القادريالَّذِيْنَ يَسْتَمِعُوْنَ الْقَوْلَ فَيَتَّبِعُوْنَ اَحْسَنَهٗ ۭ اُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ هَدٰىهُمُ اللّٰهُ وَاُولٰۗىِٕكَ هُمْ اُولُوا الْاَلْبَابِ 18
جيڪي ماڻهو ڳالهه کي غور سان ٻڌن ٿا، پوءِ ان جي بهتر پهلو جي پيروي ڪن ٿا اِهي ئي اُهي ماڻهو آهن جن کي الله هدايت فرمائي آهي ۽ اِهي ئي ماڻهو عقلمند آهن.
— مولانا طاھر القادرياَفَـمَنْ حَقَّ عَلَيْهِ كَلِمَةُ الْعَذَابِ ۭ اَفَاَنْتَ تُنْقِذُ مَنْ فِي النَّارِ ۚ19
ڀلا جنهن شخص تي عذاب جو حڪم ثابت ٿي چڪو، ته ڇا توهان ان شخص کي بچائي سگهو ٿا جيڪو (دائمي) دوزخي ٿي چڪو هجي.
— مولانا طاھر القادريلٰكِنِ الَّذِيْنَ اتَّــقَوْا رَبَّهُمْ لَهُمْ غُرَفٌ مِّنْ فَوْقِهَا غُرَفٌ مَّبْنِيَّةٌ ۙ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ڛ وَعْدَ اللّٰهِ ۭ لَا يُـخْلِفُ اللّٰهُ الْمِيْعَادَ 20
پر جيڪي ماڻهو پنهنجي رب کان ڊڄندا رهيا انهن جي لاءِ (جنت ۾) اوچيون ماڙيون هوندا جن جي مٿان (به) بالاخانا ٺهيل هوندا، انهن جي هيٺان نهرون وهي رهيون هونديون. هي الله جو وعدو آهي، الله وعدي جي خلاف ورزي نٿو ڪري.
— مولانا طاھر القادري