038 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 88 آيتون ۽ 5 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
صۗ وَالْقُرْاٰنِ ذِي الذِّكْرِ 1ۭ
ص (حقيقي معنيٰ الله ۽ رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم ئي بهتر ڄاڻن ٿا) ذڪر واري قرآن جي قسم.
— مولانا طاھر القادريبَلِ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا فِيْ عِزَّةٍ وَّشِقَاقٍ 2
بلڪه ڪافر (ناحق) غيرت ۽ وڏائيءَ ۾ ۽ (اسان جي نبي صلي الله عليه وآلہٖ وسلم جي) مخالفت ۽ دشمنيءَ ۾ (مبتلا) آهن.
— مولانا طاھر القادريكَمْ اَهْلَكْنَا مِنْ قَبْلِهِمْ مِّنْ قَرْنٍ فَنَادَوْا وَّلَاتَ حِيْنَ مَنَاصٍ 3
اسان ڪيترين ئي امتن کي کانئن اڳ هلاڪ ڪري ڇڏيو ته اُهي (عذاب کي ڏسي) پڪارڻ لڳا حالانڪه هاڻي ڇوٽڪاري (۽ نجات) جو وقت نه رهيو هو.
— مولانا طاھر القادريوَعَـجِبُوْٓا اَنْ جَاۗءَهُمْ مُّنْذِرٌ مِّنْهُمْ ۡ وَقَالَ الْكٰفِرُوْنَ ھٰذَا سٰـحِرٌ كَذَّابٌ ڻ 4
۽ انهن کي ان ڳالهه تي عجب لڳو ته وٽن اُنهن مان ئي هڪ ڊيڄارڻ وارو آيو آهي. ۽ ڪافر چوڻ لڳا: هي جادوگر آهي، تمام ڪوڙو آهي.
— مولانا طاھر القادرياَجَعَلَ الْاٰلِـهَةَ اِلٰــهًا وَّاحِدًا ښ اِنَّ ھٰذَا لَشَيْءٌ عُـجَابٌ 5
ڇا هن سڀني معبودن کي هڪڙو ئي معبود بڻايو اٿس؟ بيشڪ هي ته وڏي عجيب ڳالهه آهي.
— مولانا طاھر القادريوَانْطَلَقَ الْمَلَاُ مِنْهُمْ اَنِ امْشُوْا وَاصْبِرُوْا عَلٰٓي اٰلِـهَتِكُمْ ښ اِنَّ ھٰذَا لَشَيْءٌ يُّرَادُ ڻ 6
۽ اُنهن جا سردار (ابو طالب جي گهر ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وآلہٖ وسلم جي مجلس مان اُٿي) روانا ٿيا (باقي ماڻهن کي) اهو چوندي ته توهان به هلو، ۽ پنهنجي معبودن (جي پوڄا) تي ثابت قدم رهو هي ضرور اهڙي ڳالهه آهي جنهن ۾ ڪو مقصد (۽ مراد) آهي.
— مولانا طاھر القادريمَا سَمِعْنَا بِھٰذَا فِي الْمِلَّةِ الْاٰخِرَةِ ښ اِنْ ھٰذَآ اِلَّا اخْتِلَاقٌ ڻ 7
اسان هن (توحيد جي عقيدي) کي آخري ملت (نصراني يا قريشن جي مذهب) ۾ به نه ٻڌو، هي رڳو هٿ جو ٺاهيل ڪوڙ آهي.
— مولانا طاھر القادريءَاُنْزِلَ عَلَيْهِ الذِّكْرُ مِنْۢ بَيْنِنَا ۭ بَلْ هُمْ فِيْ شَكٍّ مِّنْ ذِكْرِيْ ۚ بَلْ لَّمَّا يَذُوْقُوْا عَذَابِ 8ۭ
ڇا اسان سڀني مان هن تي ئي اِهو ذڪر (يعني قرآن) لاٿو ويو آهي، بلڪه اهي منهنجي ذڪر بابت شڪ ۾ (گرفتار) آهن، بلڪه انهن اڃان منهنجي عذاب جو مزو نه چکيو آهي.
— مولانا طاھر القادرياَمْ عِنْدَهُمْ خَزَاۗىِٕنُ رَحْـمَةِ رَبِّكَ الْعَزِيْزِ الْوَهَّابِ 9ۚ
ڇا انهن وٽ توهان جي رب جي رحمت جا خزانا آهن جيڪو غالب آهي گهڻو عطا فرمائڻ وارو آهي؟
— مولانا طاھر القادرياَمْ لَهُمْ مُّلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ۣ فَلْيَرْتَقُوْا فِي الْاَسْبَابِ 10
يا انهن وٽ آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪو ڪجهه انهن ٻنهي جي وچ آهي ان جي بادشاهي آهي؟ (جيڪڏهن آهي) ته کين گهرجي ته رسيون ٻڌي (آسمان تي) چڙهي وڃن.
— مولانا طاھر القادريجُنْدٌ مَّا هُنَالِكَ مَهْزُوْمٌ مِّنَ الْاَحْزَابِ 11
(ڪافرن جي) لشڪرن مان هي هڪ ننڍڙو لشڪر آهي جيڪو انهيءَ جاءِ تي شڪست کائڻ وارو آهي.
— مولانا طاھر القادريكَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوْحٍ وَّعَادٌ وَّفِرْعَوْنُ ذُوالْاَوْتَادِ ۙ12
انهن کان اڳ ۾ نوح جي قوم ۽ عاد ۽ وڏي مضبوط حڪومت واري (يا ميخن سان اذيت ڏيندڙ) فرعون (به) تڪذيب ڪئي هئي.
— مولانا طاھر القادريوَثَـمُــوْدُ وَقَوْمُ لُوْطٍ وَّاَصْـحٰبُ لْــــَٔـيْكَةِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ الْاَحْزَابُ 13
۽ ثمود ۽ لوط جي قوم ۽ اَيڪه (ٻيلي) جي رهڻ وارن (يعني شعيب جي قوم) به (ڪوڙو چيو هو) اِهي ئي اُهي وڏا لشڪر هئا.
— مولانا طاھر القادرياِنْ كُلٌّ اِلَّا كَذَّبَ الرُّسُلَ فَـحَقَّ عِقَابِ ۧ14
(انهن مان) هر هڪ جماعت رسولن کي ڪوڙو سڏيو ته (اُنهن تي) منهنجو عذاب واجب ٿي ويو.
— مولانا طاھر القادريوَمَا يَنْظُرُ هٰٓؤُلَاۗءِ اِلَّا صَيْحَةً وَّاحِدَةً مَّا لَهَا مِنْ فَوَاقٍ 15
۽ اِهي سڀئي هڪ نهايت سخت آواز (گجگوڙ) جو انتظار ڪري رهيا آهن جنهن ۾ ڪوبه وقفو نه هوندو.
— مولانا طاھر القادريوَقَالُوْا رَبَّنَا عَـجِّلْ لَّنَا قِطَّنَا قَبْلَ يَوْمِ الْـحِسَابِ 16
۽ اُهي چون ٿا: اي اسان جا رب! حساب واري ڏينهن کان اڳ ۾ ئي اسان جو حصو اسان کي جلدي ڏي.
— مولانا طاھر القادرياِصْبِرْ عَلٰي مَا يَقُوْلُوْنَ وَاذْكُرْ عَبْدَنَا دَاوٗدَ ذَا الْاَيْدِ ۚ اِنَّهٗ ٓ اَوَّابٌ 17
(اي حبيب مڪرم!) جيڪو ڪجهه اُهي چون ٿا ان تي توهان صبر جاري رکو ۽ اسان جي ٻانهي داؤد (عليه السلام) جو ذڪر ڪريو جيڪو وڏي قوت وارو هو، بيشڪ اُهو (اسان ڏانهن) تمام گهڻو رجوع ڪندڙ هو.
— مولانا طاھر القادرياِنَّا سَـخَّرْنَا الْـجِبَالَ مَعَهٗ يُسَبِّحْنَ بِالْعَشِيِّ وَالْاِشْرَاقِ ۙ18
بيشڪ اسان جبلن کي سندس تابع ڪري ڇڏيو هو، جيڪي (ان سان گڏجي) شام جو ۽ صبح جو تسبيح ڪندا هئا.
— مولانا طاھر القادريوَالطَّيْرَ مَحْشُوْرَةً ۭ كُلٌّ لَّهٗ ٓ اَوَّابٌ 19
۽ پکين کي به جيڪي (وٽس) مڙيا هوندا هئا هر هڪ ان ڏانهن (فرمانبرداري جي لاءِ) رجوع ڪندڙ هو.
— مولانا طاھر القادريوَشَدَدْنَا مُلْكَهٗ وَاٰتَيْنٰهُ الْحِكْمَةَ وَفَصْلَ الْخِطَابِ 20
۽ اسان سندس ملڪ ۽ بادشاهيءَ کي مضبوط ڪيو هو ۽ اسان کيس حڪمت ۽ دانائي ۽ فيصله ڪن خطاب جو انداز عطا ڪيو هو.
— مولانا طاھر القادري