037 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 182 آيتون ۽ 5 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
وَالصّــٰۗفّٰتِ صَفًّا 1ۙ
قسم آهي قطارون ڪري صفون ٻڌي بيٺل جماعتن جو.
— مولانا طاھر القادريفَالزّٰجِرٰتِ زَجْرًا 2ۙ
پوءِ ڪڪرن کي ڇڪي آڻيندڙ يا براين تي سختيءَ سان جهڻڪندڙ جماعتن جو.
— مولانا طاھر القادريفَالتّٰلِيٰتِ ذِكْرًا 3ۙ
پوءِ الله جي ذڪر )يا قرآن مجيد( جي تلاوت ڪرڻ وارين جماعتن جو.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ اِلٰهَكُمْ لَوَاحِدٌ 4ۭ
بيشڪ توهان جو معبود هڪ ئي آهي.
— مولانا طاھر القادريرَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا وَرَبُّ الْمَشَارِقِ 5ۭ
)جيڪو( آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪا (مخلوق) انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي تنهن جو رب آهي، ۽ سج اڀرڻ جي سڀني جاين جو رب آهي.
— مولانا طاھر القادرياِنَّا زَيَّنَّا السَّمَاۗءَ الدُّنْيَا بِزِيْنَةِ ۨالْكَـوَاكِبِ 6ۙ
بيشڪ اسان دنيا واري آسمان (يعني پهرئين آسماني گولي) کي تارن ۽ سيارن جي سونهن سان سينگاريو.
— مولانا طاھر القادريوَحِفْظًا مِّنْ كُلِّ شَيْطٰنٍ مَّارِدٍ 7ۚ
۽ (ان کي) هر سرڪش شيطان کان محفوظ بڻايو.
— مولانا طاھر القادريلَا يَسَّمَّعُوْنَ اِلَى الْمَلَاِ الْاَعْلٰي وَيُقْذَفُوْنَ مِنْ كُلِّ جَانِبٍ ڰ 8
اُهي (شيطان) عالمِ بالا جي طرف ڪَنائي نٿا سگهن ۽ مٿن هر طرف کان (ٽانڊا) اڇلايا وڃن ٿا.
— مولانا طاھر القادريدُحُوْرًا وَّلَهُمْ عَذَابٌ وَّاصِبٌ 9ۙ
انهن کي ڀڄائڻ لاءِ ۽ انهن لاءِ دائمي عذاب آهي.
— مولانا طاھر القادرياِلَّا مَنْ خَطِفَ الْخَــطْفَةَ فَاَتْــبَعَهٗ شِهَابٌ ثَاقِبٌ 10
مگر (جيڪو شيطان) هڪ ڀيري جهپو ڏيئي (ملائڪن جي ڪا ڳالهه) جهٽي ته چمڪندڙ ٽانڊو ان جي پٺيان پئجي ويندو آهي.
— مولانا طاھر القادريفَاسْتَفْتِهِمْ اَهُمْ اَشَدُّ خَلْقًا اَمْ مَّنْ خَلَقْنَا ۭ اِنَّا خَلَقْنٰهُمْ مِّنْ طِيْنٍ لَّازِبٍ 11
انهن کان پڇو ته ڇا اِهي ماڻهو پيدا ڪرڻ ۾ وڌيڪ سخت (۽ مشڪل) آهن يا اُهي شيون جن کي اسان (آسماني ڪائنات ۾) پيدا فرمايو آهي، بيشڪ اسان انهن ماڻهن کي چهٽندڙ گاري مان پيدا ڪيو آهي.
— مولانا طاھر القادريبَلْ عَـجِبْتَ وَيَسْخَرُوْنَ ۠12
بلڪه توهان تعجب فرمايو ۽ اُهي ٽوڪون ٿا ڪن.
— مولانا طاھر القادريوَاِذَا ذُكِّرُوْا لَا يَذْكُرُوْنَ ۠13
۽ جڏهن انهن کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته نصيحت قبول نٿا ڪن.
— مولانا طاھر القادريوَاِذَا رَاَوْا اٰيَةً يَّسْتَسْخِرُوْنَ ۠14
جڏهن ڪا نشاني ڏسن ٿا ته ٺٺوليون ڪن ٿا.
— مولانا طاھر القادريوَقَالُوْٓا اِنْ ھٰذَآ اِلَّا سِـحْرٌ مُّبِيْنٌ ښ 15
۽ چون ٿا ته هي ته صرف پڌرو جادو آهي.
— مولانا طاھر القادريءَاِذَا مِتْنَا وَكُنَّا تُرَابًا وَّعِظَامًا ءَاِنَّا لَمَبْعُوْثُوْنَ ۙ16
ڇا جڏهن اسان مري وينداسين ۽ اسان مٽي ۽ هڏيون ٿي وينداسين ته اسان يقيني طور تي (ٻيهر جيئرا ڪري) اُٿاريا وينداسين؟
— مولانا طاھر القادرياَوَاٰبَاۗؤُنَا الْاَوَّلُوْنَ ۭ17
۽ ڇا اسان جا اڳيان ابا ڏاڏا به (اٿاريا ويندا)؟
— مولانا طاھر القادريقُلْ نَعَمْ وَاَنْتُمْ دَاخِرُوْنَ ۚ18
فرمايو هائو ۽ (بلڪه) توهان ذليل ۽ خوار (به) ٿيندؤ.
— مولانا طاھر القادريفَاِنَّـمَا هِىَ زَجْرَةٌ وَّاحِدَةٌ فَاِذَا هُمْ يَنْظُرُوْنَ 19
پوءِ اُها ته رڳو هڪ (زوردار آواز جي) سخت هڪل هوندي پوءِ سڀ اوچتو (اُٿي) ڏسڻ لڳندا.
— مولانا طاھر القادريوَقَالُوْا يٰوَيْلَنَا ھٰذَا يَوْمُ الدِّيْنِ 20
۽ چوندا: هاءِ اسان جو نڀاڳ، هي ته بدلي جو ڏينهن آهي.
— مولانا طاھر القادري