036 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 83 آيتون ۽ 5 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
يٰسۗ ۚ 1
يا سين (حقيقي معنيٰ الله ۽ رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم ئي بهتر ڄاڻن ٿا).
— مولانا طاھر القادريوَالْقُرْاٰنِ الْـحَكِيْمِ 2ۙ
حڪمت سان معمور قرآن جو قسم.
— مولانا طاھر القادرياِنَّكَ لَمِنَ الْمُرْسَلِيْنَ 3ۙ
بيشڪ توهان ضرور رسولن مان آهيو.
— مولانا طاھر القادريعَلٰي صِرَاطٍ مُّسْتَــقِيْمٍ 4ۭ
سڌي واٽ تي (قائم آهيو).
— مولانا طاھر القادريتَنْزِيْلَ الْعَزِيْزِ الرَّحِيْم 5ۙ
(هي) وڏي عزت واري، وڏي ٻاجهاري (رب) جو نازل ڪيل آهي.
— مولانا طاھر القادريلِتُنْذِرَ قَوْمًا مَّآ اُنْذِرَ اٰبَاۗؤُهُمْ فَهُمْ غٰفِلُوْنَ 6
ته جيئن توهان ان قوم کي ڊيڄاريو جن جي ابن ڏاڏن کي (به) ڪونه ڊيڄاريو ويو تنهنڪري اُهي غافل آهن.
— مولانا طاھر القادريلَقَدْ حَقَّ الْقَوْلُ عَلٰٓي اَكْثَرِهِمْ فَهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ 7
حقيقت ۾ انهن جي اڪثر ماڻهن تي اسان جو فرمان (سچ) ثابت ٿي چڪو آهي تنهنڪري اُهي ايمان نه آڻيندا.
— مولانا طاھر القادرياِنَّا جَعَلْنَا فِيْٓ اَعْنَاقِهِمْ اَغْلٰلًا فَهِىَ اِلَى الْاَذْقَانِ فَهُمْ مُّقْمَحُوْنَ 8
بيشڪ اسان انهن جي ڳچين ۾ ڳٽ وجهي ڇڏيا آهن جيڪي انهن جي کاڏين تائين آهن، پوءِ اُهي مٿو مٿي ڪيو بيٺا آهن.
— مولانا طاھر القادريوَجَعَلْنَا مِنْۢ بَيْنِ اَيْدِيْهِمْ سَدًّا وَّمِنْ خَلْفِهِمْ سَدًّا فَاَغْشَيْنٰهُمْ فَهُمْ لَا يُبْصِرُوْنَ 9
۽ اسان انهن جي اڳيان کان (به) هڪ ديوار ۽ انهن جي پٺيان کان (به) هڪ ديوار بڻائي آهي، پوءِ اسان انهن (جي اکين) تي پردو وڌو آهي تنهنڪري اُهي ڪجهه نٿا ڏسن.
— مولانا طاھر القادريوَسَوَاۗءٌ عَلَيْهِمْ ءَاَنْذَرْتَهُمْ اَمْ لَمْ تُنْذِرْهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ 10
۽ انهن لاءِ هڪجهڙو آهي کڻي توهان انهن کي ڊيڄاريو يا نه ڊيڄاريو اُهي ايمان نه آڻيندا.
— مولانا طاھر القادرياِنَّـمَا تُنْذِرُ مَنِ اتَّـبَعَ الذِّكْرَ وَخَشِيَ الرَّحْـمٰنَ بِالْغَيْبِ ۚ فَبَشِّرْهُ بِمَغْفِرَةٍ وَّاَجْرٍ كَرِيْـمٍ 11
توهان ته صرف انهيءَ ماڻهو کي ڊيڄاريو ٿا جيڪو نصيحت جي پيروي ڪري ٿو ۽ خدا رحمان کان اڻ ڏٺي ڊڄي ٿو، پوءِ توهان ان کي بخشش ۽ وڏي عزت واري اجر جي خوشخبري ٻڌايو.
— مولانا طاھر القادرياِنَّا نَـحْنُ نُـحْيِ الْمَوْتٰى وَنَكْتُبُ مَا قَدَّمُوْا وَاٰثَارَهُمْ ڳ وَكُلَّ شَيْءٍ اَحْصَيْنٰهُ فِيْٓ اِمَامٍ مُّبِيْنٍ ۧ12
بيشڪ اسان ئي ته مئلن کي جيئاريون ٿا ۽ اسان اهو سڀ ڪجهه لکي رهيا آهيون جيڪي (عمل) اُهي اڳتي موڪلي چڪا آهن، ۽ انهن جا اثرات (جيڪي پٺيان رهجي ويا آهن)، ۽ اسان هر شيءِ جو روشن ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ احاطو ڪيو آهي.
— مولانا طاھر القادريوَاضْرِبْ لَهُمْ مَّثَلًا اَصْحٰبَ الْقَرْيَةِ ۘاِذْ جَاۗءَهَا الْمُرْسَلُوْنَ ۚ13
۽ توهان انهن جي لاءِ هڪ ڳوٺ (انطاڪيه) جي رهواسين جو مثال (حڪايت طور) بيان ڪريو، جڏهن انهن وٽ ڪجهه پيغمبر آيا.
— مولانا طاھر القادرياِذْ اَرْسَلْنَآ اِلَيْهِمُ اثْــنَيْنِ فَكَذَّبُوْهُمَا فَعَزَّزْنَا بِثَالِثٍ فَقَالُـوْٓا اِنَّآ اِلَيْكُمْ مُّرْسَلُوْنَ 14
جڏهن ته اسان انهن ڏي (پهرين) ٻه (پيغمبر) موڪليا ته انهن ٻنهي کي ڪوڙو چيو پوءِ اسان (انهن کي) ٽئين (پيغمبر) جي ذريعي طاقت ڏني، پوءِ انهن ٽنهي چيو بيشڪ اسان توهان ڏانهن موڪليا ويا آهيون.
— مولانا طاھر القادريقَالُوْا مَآ اَنْتُمْ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُنَا ۙ وَمَآ اَنْزَلَ الرَّحْـمٰنُ مِنْ شَيْءٍ ۙ اِنْ اَنْتُمْ اِلَّا تَكْذِبُوْنَ 15
(ڳوٺ وارن) چيو: توهان ته صرف اسان وانگر بشر آهيو ۽ خدا رحمان ڪجهه به نازل ناهي ڪيو، توهان رڳو ڪوڙ ٿا ڳالهايو.
— مولانا طاھر القادريقَالُوْا رَبُّنَا يَعْلَمُ اِنَّآ اِلَيْكُمْ لَمُرْسَلُوْنَ 16
(پيغمبرن) چيو: اسان جو رب ڄاڻي ٿو ته اسان يقيناً توهان جي طرف موڪليا ويا آهيون.
— مولانا طاھر القادريوَمَا عَلَيْنَآ اِلَّا الْبَلٰغُ الْمُبِيْنُ 17
۽ واضح نموني پيغام پهچائڻ کان سواءِ اسان تي ڪجهه لازم نه آهي.
— مولانا طاھر القادريقَالُوْٓا اِنَّا تَــطَيَّرْنَا بِكُمْ ۚ لَىِٕنْ لَّمْ تَنْتَهُوْا لَنَرْجُمَنَّكُمْ وَلَيَمَسَّـنَّكُمْ مِّنَّا عَذَابٌ اَلِــيْمٌ 18
(ڳوٺ وارن) چيو: اسان کي توهان کان نحوست پهتي آهي جيڪڏهن توهان واقعي نه مڙيا ته يقيناً اسان توهان کي سنگسار ڪري ڇڏينداسين ۽ اسان جي طرفان توهان کي ضرور دردناڪ عذاب پهچندو.
— مولانا طاھر القادريقَالُوْا طَاۗىِٕرُكُمْ مَّعَكُمْ ۭ اَىِٕنْ ذُكِّرْتُمْ ۭ بَلْ اَنْتُمْ قَوْمٌ مُّسْرِفُوْنَ 19
(پيغمبرن) چيو: توهان جي نحوست توهان سان گڏ آهي، ڇا اِها نحوست آهي جو توهان کي نصيحت ڪئي ويئي، بلڪه توهان حدون اورانگهڻ وارا آهيو.
— مولانا طاھر القادريوَجَاۗءَ مِنْ اَقْصَا الْمَدِيْنَةِ رَجُلٌ يَّسْعٰى قَالَ يٰقَوْمِ اتَّبِعُوا الْمُرْسَلِيْنَ ۙ20
۽ شهر جي پرئين ڪناري کان هڪ ماڻهو ڊوڙندو آيو، ان چيو اي منهنجي قوم! توهان پيغمبرن جي پيروي ڪريو.
— مولانا طاھر القادري