035 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 45 آيتون ۽ 5 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
اَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ فَاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ جَاعِلِ الْمَلٰۗىِٕكَةِ رُسُلًا اُولِيْٓ اَجْنِحَةٍ مَّثْنٰى وَثُلٰثَ وَرُبٰعَ ۭ يَزِيْدُ فِي الْـخَلْقِ مَا يَشَاۗءُ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 1
سڀ تعريفون الله جي لاءِ ئي آهن جيڪو آسمانن ۽ زمين (جي تمام وسعتن) جو پيدا فرمائيندڙ آهي، ملائڪن کي جيڪي ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي ۽ چار چار پرن وارا آهن، قاصد بڻائيندڙ آهي، ۽ پيدا ڪرڻ ۾ جيتري قدر چاهي ٿو اضافو (۽ توسيع) فرمائيندو رهي ٿو، بيشڪ الله هر شيءِ تي وڏي قدرت وارو آهي.
— مولانا طاھر القادريمَا يَفْتَحِ اللّٰهُ لِلنَّاسِ مِنْ رَّحْـمَةٍ فَلَا مُـمْسِكَ لَهَا ۚ وَمَا يُـمْسِكْ ۙ فَلَا مُرْسِلَ لَهٗ مِنْۢ بَعْدِهٖ ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 2
الله انسانن جي لاءِ (پنهنجي)رحمت (جي خزاني) مان جيڪو ڪجهه کولي ڇڏي ته اُن کي ڪوبه روڪڻ وارو ناهي، ۽ جيڪو روڪي ڇڏي ته ان کان پوءِ ڪوبه ان کي کولڻ وارو ناهي، ۽ اُهوئي غالب آهي وڏي حڪمت وارو آهي.
— مولانا طاھر القادرييٰٓاَيُّهَا النَّاسُ اذْكُرُوْا نِعْمَتَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ ۭ هَلْ مِنْ خَالِقٍ غَيْرُ اللّٰهِ يَرْزُقُكُمْ مِّنَ السَّمَاۗءِ وَالْاَرْضِ ۭ لَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ ڮ فَاَنّٰى تُـؤْفَكُوْنَ 3
اي ماڻهؤ! پنهنجي مٿان الله جي انعام کي ياد ڪريو، ڇا الله کان سواءِ ڪو ٻيو خالق آهي جيڪو توهان کي آسمان ۽ زمين مان روزي ڏي، اُن کان سواءِ ڪوبه معبود ناهي، پوءِ توهان ڪٿي ڀٽڪندا ٿا وتو.
— مولانا طاھر القادريوَاِنْ يُّكَذِّبُوْكَ فَقَدْ كُذِّبَتْ رُسُلٌ مِّنْ قَبْلِكَ ۭ وَ اِلَى اللّٰهِ تُرْجَعُ الْاُمُوْرُ 4
۽ جيڪڏهن اُهي توهان کي ڪوڙو سمجهن ته توهان کان اڳ ڪيترن ئي رسولن کي ڪوڙو سڏيو ويو، ۽ سڀئي ڪم الله جي ئي طرف موٽايا ويندا.
— مولانا طاھر القادرييٰٓاَيُّهَا النَّاسُ اِنَّ وَعْدَ اللّٰهِ حَقٌّ فَلَا تَغُرَّنَّكُمُ الْـحَيٰوةُ الدُّنْيَا ۪ وَلَا يَغُرَّنَّكُمْ بِاللّٰهِ الْغَرُوْرُ 5
اي ماڻهؤ! بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي پوءِ دنيا جي زندگي توهان کي هرگز دوکو نه ڏي، ۽ نه اُهو دغاباز شيطان توهان کي الله (جي نالي) سان دوکو ڏي.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ الشَّيْطٰنَ لَكُمْ عَدُوٌّ فَاتَّخِذُوْهُ عَدُوًّا ۭ اِنَّـمَا يَدْعُوْا حِزْبَهٗ لِيَكُوْنُوْا مِنْ اَصْحٰبِ السَّعِيْرِ 6ۭ
بيشڪ شيطان توهان جو دشمن آهي پوءِ توهان به (ان جي مخالفت جي صورت ۾) ان کي دشمن ئي بڻائي رکو، اُهو ته پنهنجي ٽولي کي صرف اِن لاءِ ٿو سڏي جيئن اُهي جهنمين ۾ شامل ٿي وڃن.
— مولانا طاھر القادرياَلَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَهُمْ عَذَابٌ شَدِيْدٌ ڛ وَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّاَجْرٌ كَبِيْرٌ 7ۧ
ڪافرن جي لاءِ سخت عذاب آهي، ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪندا رهيا انهن جي لاءِ بخشش ۽ تمام وڏو ثواب آهي.
— مولانا طاھر القادرياَفَـمَنْ زُيِّنَ لَهٗ سُوْۗءُ عَمَلِهٖ فَرَاٰهُ حَسَـنًا ۭ فَاِنَّ اللّٰهَ يُضِلُّ مَنْ يَّشَاۗءُ وَيَهْدِيْ مَنْ يَّشَاۗءُ ڮ فَلَا تَذْهَبْ نَفْسُكَ عَلَيْهِمْ حَسَرٰتٍ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلِـيْمٌۢ بِـمَا يَصْنَعُوْنَ 8
ڀلا جنهن ماڻهو جي لاءِ سندس برو عمل سينگاريو ويو هجي ۽ اُهو ان کي (حقيقت ۾) سٺو سمجهڻ لڳي (ڇا اُهو صالح مومن جهڙو ٿي سگهي ٿو)، سو بيشڪ الله جنهن کي گهري ٿو گمراهه ڪري ٿو ۽ جنهن کي چاهي ٿو هدايت فرمائي ٿو، تنهنڪري (اي جانِ جهان!) انهن لاءِ ارمان ۽ گهڻي غم ۾ توهان جي جان نه هلي وڃي، بيشڪ اُهي جيڪو ڪجهه ڪن ٿا الله اُن کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي.
— مولانا طاھر القادريوَاللّٰهُ الَّذِيْٓ اَرْسَلَ الرِّيٰحَ فَتُـثِيْرُ سَحَابًا فَسُقْنٰهُ اِلٰى بَلَدٍ مَّيِّتٍ فَاَحْيَيْنَا بِهِ الْاَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَا ۭ كَذٰلِكَ النُّشُوْرُ 9
۽ الله ئي آهي جيڪو هوائون موڪلي ٿو ته اُهي (ڪڪر) کي اُڀاري گڏ ڪن ٿيون پوءِ اسان ان ڪڪر کي خشڪ ۽ غيرآباد ڳوٺ ڏانهن سيرابي جي لاءِ نيون ٿا، پوءِ اسان ان جي ذريعي ان زمين کي ان جي مرڻ کانپوءِ زندگي عطا ڪريون ٿا، اهڙي طرح (مئلن جو) زندهه ٿيڻ هوندو.
— مولانا طاھر القادريمَنْ كَانَ يُرِيْدُ الْعِزَّةَ فَلِلّٰهِ الْعِزَّةُ جَمِيْعًا ۭ اِلَيْهِ يَصْعَدُ الْكَلِمُ الطَّيِّبُ وَالْعَمَلُ الصَّالِحُ يَرْفَعُهٗ ۭ وَالَّذِيْنَ يَمْكُرُوْنَ السَّـيِّاٰتِ لَهُمْ عَذَابٌ شَدِيْدٌ ۭ وَمَكْرُ اُولٰۗىِٕكَ هُوَ يَبُوْرُ 10
جيڪو شخص عزت گهري ٿو ته الله جي لاءِ ئي سموري عزت آهي، پاڪ ڪلما ان جي طرف چڙهن ٿا ۽ اُهوئي نيڪ عمل (جا درجا) بلند فرمائي ٿو، ۽ جيڪي ماڻهو برين سازشن ۾ لڳا رهن ٿا انهن جي لاءِ سخت عذاب آهي ۽ انهن جو مڪر ۽ فريب نيست ۽ نابود ٿي ويندو.
— مولانا طاھر القادريوَاللّٰهُ خَلَقَكُمْ مِّنْ تُرَابٍ ثُـمَّ مِنْ نُّطْفَةٍ ثُـمَّ جَعَلَكُمْ اَزْوَاجًا ۭ وَمَا تَحْمِلُ مِنْ اُنْـثٰى وَلَا تَضَعُ اِلَّا بِعِلْمِهٖ ۭ وَمَا يُعَمَّرُ مِنْ مُّعَمَّرٍ وَّلَا يُنْقَصُ مِنْ عُـمُرِهٖٓ اِلَّا فِيْ كِتٰبٍ ۭ اِنَّ ذٰلِكَ عَلَي اللّٰهِ يَسِيْرٌ 11
۽ الله ئي توهان کي مٽي (يعني اڻ وڌندڙ مادي) مان پيدا فرمايو پوءِ هڪ پيدا ڪرڻ واري ڦڙي مان، پوءِ توهان کي جوڙا جوڙا بڻايائين، ۽ ڪابه مادي حمل سان نٿي ٿئي ۽ نه ٻچو ڄڻي ٿي مگر ان جي علم سان ۽ نه ڪنهن ڊگهي عمر واري شخص جي عمر وڌائي وڃي ٿي ۽ نه اُن جي عمر گهٽ ڪئي وڃي ٿي مگر (هي سڀ ڪجهه) لوحِ (محفوظ) ۾ آهي، بيشڪ اهو الله تي تمام سولو آهي.
— مولانا طاھر القادريوَمَا يَسْتَوِي الْبَحْرٰنِ ڰ ھٰذَا عَذْبٌ فُرَاتٌ سَاۗىِٕــغٌ شَرَابُهٗ وَھٰذَا مِلْحٌ اُجَاجٌ ۭ وَمِنْ كُلٍّ تَاْكُلُوْنَ لَـحـْـمًا طَرِيًّا وَّتَسْتَخْرِجُوْنَ حِلْيَةً تَلْبَسُوْنَهَا ۚ وَتَرَى الْفُلْكَ فِيْهِ مَوَاخِرَ لِتَبْتَغُوْا مِنْ فَضْلِهٖ وَلَعَلَّكُمْ تَشْكُرُوْنَ 12
۽ ٻه سمنڊ (يا دريا) برابر نٿا ٿي سگهن، هي (هڪ) مٺو، اُڃ لاهيندڙ آهي، ان جو پيئڻ مزيدار آهي ۽ هي (ٻيو) کارو، سخت ڪؤڙو آهي، ۽ توهان هر هڪ مان تازو گوشت کائو ٿا، ۽ زيور (جن ۾ موتي، مرجان ۽ ڪوڏا وغيره سڀئي شامل آهن) ڪڍو ٿا، جن کي توهان پايو ٿا ۽ تون ان ۾ ٻيڙين (۽ جهازن) کي ڏسين ٿو جيڪي (پاڻيءَ کي) چيريندا ٿا وڃن ته جيئن توهان (سامونڊي واپار جي رستن کان) ان جو فضل ڳولي سگهو ۽ ته جيئن توهان شڪر گذار بڻجو.
— مولانا طاھر القادرييُـوْلِـجُ الَّيْلَ فِي النَّهَارِ وَيُـوْلِـجُ النَّهَارَ فِي الَّيْلِ ۙ وَسَـخَّرَ الشَّمْسَ وَالْقَمَرَ ڮ كُلٌّ يَّـجْرِيْ لِاَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ ذٰلِكُمُ اللّٰهُ رَبُّكُمْ لَهُ الْمُلْكُ ۭ وَالَّذِيْنَ تَدْعُوْنَ مِنْ دُوْنِهٖ مَا يَـمْلِكُوْنَ مِنْ قِطْمِيْرٍ ۭ13
اُهو رات کي ڏينهن ۾ داخل فرمائي ٿو ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل فرمائي ٿو ۽ اُن سج ۽ چنڊ کي (هڪ نظام تحت) تابع بڻائي رکيو اٿس، هر ڪو هڪ مقرر ميعاد جي مطابق حرڪت ڪندڙ آهي. اِهو الله ئي توهان جو رب آهي ان جي سموري بادشاهي آهي، ۽ ان کانسواءِ توهان جن بتن کي پوڄيو ٿا اُهي کجور جي ککڙي جي سنهي کل جا (به) مالڪ ناهن.
— مولانا طاھر القادرياِنْ تَدْعُوْهُمْ لَا يَسْمَعُوْا دُعَاۗءَكُمْ ۚ وَلَوْ سَمِعُوْا مَا اسْتَجَابُوْا لَكُمْ ۭ وَيَوْمَ الْقِيٰمَةِ يَكْفُرُوْنَ بِشِرْكِكُمْ ۭ وَلَا يُنَبِّئُكَ مِثْلُ خَبِيْرٍ ۧ14
(اي مشرڪؤ!) جيڪڏهن توهان انهن کي سڏيو ته اُهي (بت آهن) توهان جو سڏ نه ٻڌي سگهندا ۽ جيڪڏهن (بالفرض) اُهي ٻڌن ته توهان کي جواب نه ڏيئي سگهندا، ۽ قيامت جي ڏينهن اُهي توهان جي شرڪ کان بلڪل انڪار ڪندا، ۽ توکي باخبر خدا جهڙو ڪوبه خبردار نه ڪندو.
— مولانا طاھر القادرييٰٓاَيُّهَا النَّاسُ اَنْتُمُ الْفُقَرَاۗءُ اِلَى اللّٰهِ ۚ وَاللّٰهُ هُوَ الْغَنِيُّ الْحَمِيْدُ 15
اي ماڻهؤ! توهان سڀئي الله جا محتاج آهيو ۽ الله ئي بي نياز، حمد ۽ ثنا جي لائق آهي.
— مولانا طاھر القادرياِنْ يَّشَاْ يُذْهِبْكُمْ وَيَاْتِ بِـخَلْقٍ جَدِيْدٍ ۚ16
جيڪڏهن اُهو چاهي توهان کي نابود ڪري ڇڏي ۽ نئين مخلوق کي آڻي.
— مولانا طاھر القادريوَمَا ذٰلِكَ عَلَي اللّٰهِ بِعَزِيْزٍ 17
۽ اهو الله تي ڪجهه مشڪل ناهي.
— مولانا طاھر القادريوَلَا تَزِرُ وَازِرَةٌ وِّزْرَ اُخْرٰى ۭ وَاِنْ تَدْعُ مُثْقَلَةٌ اِلٰى حِمْلِهَا لَا يُحْمَلْ مِنْهُ شَيْءٌ وَّلَوْ كَانَ ذَا قُرْبٰى ۭ اِنَّـمَا تُنْذِرُ الَّذِيْنَ يَـخْشَوْنَ رَبَّهُمْ بِالْغَيْبِ وَاَقَامُوا الصَّلٰوةَ ۭ وَمَنْ تَزَكّٰى فَاِنَّـمَا يَتَزَكّٰى لِنَفْسِهٖ ۭ وَاِلَى اللّٰهِ الْمَصِيْرُ 18
۽ ڪوبه بار کڻندڙ ٻي جي (گناهه جو) بار نه کڻي سگهندو، ۽ ڪوبه بار ۾ دٻيل (ٻئي کي) پنهنجو بار ونڊائڻ لاءِ سڏيندو ته ان کان ڪجهه به بار نه کنيو ويندو چاهي ويجهو مائٽ ئي هجي، (اي حبيب!) توهان انهن ئي ماڻهن کي ڊيڄاريو ٿا جيڪي پنهنجي رب کان اڻ ڏٺي ڊڄن ٿا ۽ نماز قائم ڪن ٿا، ۽ جيڪو پاڪائي حاصل ڪري ٿو اُهو پنهنجي ئي فائدي جي لاءِ پاڪ ٿئي ٿو، ۽ الله ڏانهن ئي موٽڻو آهي.
— مولانا طاھر القادريوَمَا يَسْتَوِي الْاَعْـمٰى وَالْبَصِيْرُ ۙ19
۽ انڌو ۽ سڄو برابر نٿا ٿي سگهن.
— مولانا طاھر القادريوَلَا الظُّلُمٰتُ وَلَا النُّوْرُ ۙ20
۽ نه اونداهيون ۽ نور (برابر ٿي سگهن ٿا).
— مولانا طاھر القادري