034 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 54 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
اَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْ لَهٗ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ وَلَهُ الْـحَمْدُ فِي الْاٰخِرَةِ ۭ وَهُوَ الْحَكِيْمُ الْخَبِيْرُ 1
سڀئي تعريفون الله جي ئي لاءِ آهن، جيڪو ڪجهه آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو ڪجهه زمين ۾ آهي (سڀ) ان جو ئي آهي ۽ آخرت ۾ به تعريف ان جي ئي لاءِ آهي، ۽ اُهو وڏي حڪمت وارو، خبردار آهي.
— مولانا طاھر القادرييَعْلَمُ مَا يَـلِجُ فِي الْاَرْضِ وَمَا يَخْرُجُ مِنْهَا وَمَا يَنْزِلُ مِنَ السَّمَاۗءِ وَمَا يَعْرُجُ فِيْهَا ۭ وَهُوَ الرَّحِيْمُ الْغَفُوْرُ 2
اُهو انهن (سڀني) شين کي ڄاڻي ٿو جيڪي زمين ۾ داخل ٿين ٿيون ۽ جيڪي ان مان ٻاهر نڪرن ٿيون ۽ جيڪي آسمان کان لهن ٿيون ۽ جيڪي اُن ۾ چڙهن ٿيون، ۽ اُهو تمام ٻاجهارو وڏو بخشيندڙ آهي.
— مولانا طاھر القادريوَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَا تَاْتِيْنَا السَّاعَةُ ۭ قُلْ بَلٰى وَرَبِّيْ لَتَاْتِيَنَّكُمْ ۙ عٰلِمِ الْغَيْبِ ۚ لَا يَعْزُبُ عَنْهُ مِثْـقَالُ ذَرَّةٍ فِي السَّمٰوٰتِ وَلَا فِي الْاَرْضِ وَلَآ اَصْغَرُ مِنْ ذٰلِكَ وَلَآ اَكْبَرُ اِلَّا فِيْ كِتٰبٍ مُّبِيْنٍ ڎڎ 3
۽ ڪافر چون ٿا ته اسان تي قيامت نه ايندي، توهان فرمايو: ڇونه؟ منهنجي عالم الغيب رب جو قسم اُها توهان تي ضرور ايندي، ان کان نه آسمان ۾ ذري جيتري ڪا شيءِ غائب ٿي سگهي ۽ نه زمين ۾ ۽ نه ان کان ڪا ننڍي (شيءِ آهي) ۽ نه وڏي مگر روشن ڪتاب (يعني لوحِ محفوظ) ۾ (لکيل) آهي.
— مولانا طاھر القادريلِّيَجْزِيَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّرِزْقٌ كَرِيْمٌ 4
ته جيئن الله انهن ماڻهن کي پورو بدلو عطا فرمائي جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪندا رهيا. اِهي ئي اُهي ماڻهو آهن جن جي لاءِ بخشش ۽ بزرگيءَ وارو (آخرت جو) رزق آهي.
— مولانا طاھر القادريوَالَّذِيْنَ سَعَوْ فِيْٓ اٰيٰتِنَا مُعٰجِزِيْنَ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ عَذَابٌ مِّنْ رِّجْزٍ اَلِــيْمٌ 5
۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن ۾ (مخالفت واريون) ڪوششون ڪيون (اسان کي) عاجز ڪرڻ جي خيال سان انهن ماڻهن جي لاءِ سخت دردناڪ عذاب جي سزا آهي.
— مولانا طاھر القادريوَيَرَى الَّذِيْنَ اُوْتُوا الْعِلْمَ الَّذِيْٓ اُنْزِلَ اِلَيْكَ مِنْ رَّبِّكَ هُوَ الْــحَقَّ ۙ وَيَهْدِيْٓ اِلٰى صِرَاطِ الْعَزِيْزِ الْـحَمِيْدِ 6
۽ اهڙا ماڻهو جن کي علم ڏنو ويو آهي اُهي ڄاڻن ٿا ته جيڪو (ڪتاب) توهان جي رب جي طرفان توهان ڏانهن لاٿو ويو آهي اهو ئي حق آهي ۽ اُهو (ڪتاب) عزت وارو، مڙني خوبين واري (رب) جي واٽ ڏانهن هدايت ڪري ٿو.
— مولانا طاھر القادريوَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا هَلْ نَدُلُّكُمْ عَلٰي رَجُلٍ يُّنَبِّئُكُمْ اِذَا مُزِّقْتُمْ كُلَّ مُـمَزَّقٍ ۙ اِنَّكُمْ لَفِيْ خَلْقٍ جَدِيْدٍ 7ۚ
۽ ڪافر (حيرت ۽ ٽوڪ جي نيت سان) چون ٿا ته ڇا اسان توهان کي اهڙي ماڻهوءَ جو ٻڌايون جيڪو توهان کي اِها خبر ڏئي ٿو ته جڏهن توهان (مري) بلڪل ذرا پرزا ٿي ويندؤ ته يقيناً توهان کي (هڪ) نئين پيدائش ملندي.
— مولانا طاھر القادرياَفْتَرٰى عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا اَمْ بِهٖ جِنَّةٌ ۭ بَلِ الَّذِيْنَ لَا يُؤْمِنُوْنَ بِالْاٰخِرَةِ فِي الْعَذَابِ وَالضَّلٰلِ الْبَعِيْدِ 8
(يا ته) اُهو الله تي ڪوڙو بهتان ٿو هڻي يا چريو ٿيو آهي، (ائين ڪجهه به ناهي) بلڪه جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان نٿا رکن اُهي عذاب ۽ پرئين درجي جي گمراهيءَ ۾ (مبتلا) آهن.
— مولانا طاھر القادرياَفَلَمْ يَرَوْا اِلٰى مَا بَيْنَ اَيْدِيْهِمْ وَمَا خَلْفَهُمْ مِّنَ السَّمَاۗءِ وَالْاَرْضِ ۭ اِنْ نَّشَاْ نَخْسِفْ بِهِمُ الْاَرْضَ اَوْ نُسْقِطْ عَلَيْهِمْ كِسَفًا مِّنَ السَّمَاۗءِ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيَةً لِّكُلِّ عَبْدٍ مُّنِيْبٍ 9ۧ
پوءِ ڇا هنن انهن (نشانين) کي نه ڏٺو جيڪي آسمان ۽ زمين کان انهن جي اڳيان ۽ انهن جي پٺيان (کين گهيريو بيٺيون) آهن. جيڪڏهن اسان چاهيون ته کين زمين ۾ دٻي ڇڏيون يا مٿن آسمان کان ڪجهه ٽڪرا ڪيرايون، بيشڪ ان ۾ هر ان ٻانهي جي لاءِ نشاني آهي جيڪو الله جي طرف موٽندڙ آهي.
— مولانا طاھر القادريوَلَقَدْ اٰتَيْنَا دَاوٗدَ مِنَّا فَضْلًا ۭ يٰجِبَالُ اَوِّبِيْ مَعَهٗ وَالطَّيْرَ ۚ وَاَلَنَّا لَهُ الْحَدِيْدَ ۙ10
۽ بيشڪ اسان دائود (عليه السلام) کي پنهنجي بارگاهه مان وڏو فضل عطا فرمايو، (۽ حڪم فرمايو) اي جبلو! توهان ان سان گڏجي سهڻي آواز سان (تسبيح) پڙهو، ۽ پکين کي به (تابع ڪري اهو ئي حڪم ڏنوسين)، ۽ اسان ان جي لاءِ لوهه کي نرم ڪري ڇڏيو.
— مولانا طاھر القادرياَنِ اعْمَلْ سٰبِغٰتٍ وَّقَدِّرْ فِي السَّرْدِ وَاعْمَلُوْا صَالِـحًا ۭ اِنِّىْ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِيْرٌ 11
(۽ ارشاد فرمايائين) ته ڪشاديون زرهون ٺاهه ۽ (انهن جي) ڪڙن بڻائڻ ۾ اندازي جو لحاظ رک ۽ (اي دائود جي اولاد!) توهان نيڪ ڪم ڪندا رهو، آئون انهن ڪمن کي جيڪي توهان ڪريو ٿا خوب ڏسندڙ آهيان.
— مولانا طاھر القادريوَلِسُلَيْمٰنَ الرِّيْحَ غُدُوُّهَا شَهْرٌ وَّ رَوَاحُهَا شَهْرٌ ۚ وَاَسَلْنَا لَهٗ عَيْنَ الْقِطْرِ ۭ وَمِنَ الْجِنِّ مَنْ يَّعْمَلُ بَيْنَ يَدَيْهِ بِاِذْنِ رَبِّهٖ ۭ وَمَنْ يَّزِغْ مِنْهُمْ عَنْ اَمْرِنَا نُذِقْهُ مِنْ عَذَابِ السَّعِيْرِ 12
۽ سليمان (عليه السلام) جي لاءِ (اسان) هوا کي (تابع ڪيو) جنهن جي صبح جو پنڌ هڪ مهيني جي (واٽ) هو ۽ ان جي شام جو پنڌ (به) هڪ مهيني جي واٽ هوندو هو، ۽ اسان ان جي لاءِ وگهريل ٽامي جو چشمو وهايو، ۽ ڪجهه جن (ان جي تابع ڪيا) هئا جيڪي سندس رب جي حڪم سان ان جي آڏو ڪم ڪندا هئا، ۽ (فرمائي ڇڏيو هو ته) انهن مان جيڪو اسان جي حڪم کان ڦرندو اسان ان کي جهنم جي ڀڙڪندڙ باهه جو عذاب چکائينداسين.
— مولانا طاھر القادرييَعْمَلُوْنَ لَهٗ مَا يَشَاۗءُ مِنْ مَّحَارِيْبَ وَتَمَاثِيْلَ وَجِفَانٍ كَالْجَــوَابِ وَقُدُوْرٍ رّٰسِيٰتٍ ۭ اِعْمَلُوْٓا اٰلَ دَاوٗدَ شُكْرًا ۭ وَقَلِيْلٌ مِّنْ عِبَادِيَ الشَّكُوْرُ 13
اُهي (جِن) جيڪي هو چاهيندو هو ان لاءِ بڻائي ڇڏيندا هئا. انهن ۾ اوچا قلعا ۽ مجسما ۽ وڏا وڏا ٿالهه هئا جيڪي حوض ۽ لنگردار ديڳن وانگر هئا. اي دائود جي اولاد! (الله جو) شڪر بجا آڻيندا رهو، ۽ منهنجي ٻانهن ۾ شڪر گذار گهٽ ئي ٿيا آهن.
— مولانا طاھر القادريفَلَمَّا قَضَيْنَا عَلَيْهِ الْمَوْتَ مَا دَلَّهُمْ عَلٰي مَوْتِهٖٓ اِلَّا دَاۗبَّةُ الْاَرْضِ تَاْكُلُ مِنْسَاَتَهٗ ۚ فَلَمَّا خَرَّ تَبَيَّنَتِ الْجِنُّ اَنْ لَّوْ كَانُوْا يَعْلَمُوْنَ الْغَيْبَ مَا لَبِثُوْا فِي الْعَذَابِ الْمُهِيْنِ ۭ14
پوءِ جڏهن اسان سليمان (عليه السلام) تي موت جو حڪم صادر فرمايو ته انهن (جنن) کي ان جي موت جي ڪنهن خبر نه ڏني سواءِ زمين جي اڏوهي جي، جيڪا ان جي لٺ کي کائيندي رهي پوءِ جڏهن ان جو جسم زمين تي آيو ته جنن تي ظاهر ٿي ويو ته جيڪڏهن اهي غيب ڄاڻندا هجن ها ته هن خواريءَ واري عذاب ۾ نه پيا رهن ها.
— مولانا طاھر القادريلَقَدْ كَانَ لِسَـبَاٍ فِيْ مَسْكَنِهِمْ اٰيَةٌ ۚ جَنَّتٰنِ عَنْ يَّـمِيْنٍ وَّ شِمَالٍ ڛ كُلُوْا مِنْ رِّزْقِ رَبِّكُمْ وَاشْكُرُوْا لَهٗ ۭ بَلْدَةٌ طَيِّبَةٌ وَّرَبٌّ غَفُوْرٌ 15
حقيقت ۾ سبا (جي قوم) جي لاءِ انهن جي وطن ۾ ئي نشاني موجود هئي. (اُهي) ٻه باغ هئا، ساڄي طرف ۽ کاٻي طرف. (انهن کي ارشاد ٿيو: ) توهان پنهنجي رب جي رزق مان کائو ۽ اُن جو شڪر بجا آڻيو. (توهان جو) شهر (ڪيترو) پاڪيزه آهي ۽ رب وڏو بخشڻهار آهي.
— مولانا طاھر القادريفَاَعْرَضُوْا فَاَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ سَيْلَ الْعَرِمِ وَبَدَّلْنٰهُمْ بِجَنَّتَيْهِمْ جَنَّتَيْنِ ذَوَاتَىْ اُكُلٍ خَـمْطٍ وَّاَثْلٍ وَّشَيْءٍ مِّنْ سِدْرٍ قَلِيْلٍ 16
پوءِ انهن (فرمانبرداري کان) منهن موڙيو ته اسان مٿن زوردار ٻوڏ موڪلي ۽ اسان انهن جي ٻنهي باغن کي ٻن (اهڙن) باغن ۾ تبديل ڪيو جنهن ۾ ڦڪا ميوا ۽ ڪجهه ليون ۽ ڪجهه ٿورڙا ٻير جا وڻ رهجي ويا هئا.
— مولانا طاھر القادريذٰلِكَ جَزَيْنٰهُمْ بِـمَا كَفَرُوْا ۭ وَهَلْ نُجٰزِيْٓ اِلَّا الْكَفُوْرَ 17
هي اسان انهن کي سندن ڪفر ۽ ناشڪري جو بدلو ڏنو، ۽ اسان وڏي ناشڪري کانسواءِ (ڪنهن کي اهڙي) سزا نٿا ڏيون.
— مولانا طاھر القادريوَجَعَلْنَا بَيْنَهُمْ وَبَيْنَ الْقُرَى الَّتِيْ بٰرَكْنَا فِيْهَا قُرًى ظَاهِرَةً وَّقَدَّرْنَا فِيْهَا السَّيْرَ سِيْرُوْا فِيْهَا لَيَالِيَ وَاَيَّامًا اٰمِنِيْنَ 18
۽ اسان انهن رهواسين جي ۽ انهن ڳوٺن جي وچ ۾ جن ۾ اسان برڪت ڏني هئي، (يمن کان شام تائين) نمايان (۽) گڏيل وسنديون آباد ڪري ڇڏيون هيون، ۽ اسان انهن ۾ اچڻ وڃڻ (جي دوران آرام ڪرڻ) جون منزلون مقرر ڪيون هيون ته توهان انهن ۾ راتين جو (به) ۽ ڏينهن جو (به) بي ڊپو ٿي گھمندا ڦرندا رهو.
— مولانا طاھر القادريفَقَالُوْا رَبَّنَا بٰعِدْ بَيْنَ اَسْفَارِنَا وَظَلَمُوْٓا اَنْفُسَهُمْ فَـجَعَلْنٰهُمْ اَحَادِيْثَ وَمَزَّقْنٰهُمْ كُلَّ مُمَــزَّقٍ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّكُلِّ صَبَّارٍ شَكُوْرٍ 19
ته اُهي چوڻ لڳا: اي اسان جا رب! اسان جي سفر جي منزلن جي وچ ۾ فاصلا پيدا ڪر ۽ انهن پنهنجي جانين تي ظلم ڪيو ته اسان کين (عبرت جون) ڪهاڻيون بڻائي ڇڏيو ۽ اسان کين ٽڪرا ٽڪرا ڪري پکيڙي ڇڏيو. بيشڪ ان ۾ گهڻو صبر ڪندڙ ۽ بيحد شڪر ڪندڙ ماڻهو جي لاءِ نشانيون آهن.
— مولانا طاھر القادريوَلَقَدْ صَدَّقَ عَلَيْهِمْ اِبْلِيْسُ ظَنَّهٗ فَاتَّبَعُوْهُ اِلَّا فَرِيْقًا مِّنَ الْمُؤْمِنِيْنَ 20
بيشڪ ابليس انهن جي باري ۾ پنهنجو خيال سچو ڪري ڏيکاريو جو انهن ماڻهن سندس پيروي ڪئي سواءِ هڪ جماعت جي جيڪا (صحيح) مومنن جي هئي.
— مولانا طاھر القادري