033 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 73 آيتون ۽ 9 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
يٰٓاَيُّهَا النَّبِيُّ اتَّقِ اللّٰهَ وَلَا تُطِـعِ الْكٰفِرِيْنَ وَالْمُنٰفِقِيْنَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ عَلِـيْمًا حَكِــيْمًا 1ۙ
اي نبي! توهان الله جي تقويٰ تي (اڳ جيان استقامت) سان قائم رهو ۽ ڪافرن ۽ منافقن جو (اهو) چوڻ (ته اسان سان مذهبي سمجهوتو ڪريو ڪڏهن به) نه مڃو، بيشڪ الله خوب ڄاڻندڙ وڏي حڪمت وارو آهي.
— مولانا طاھر القادريوَّاتَّبِـعْ مَا يُوْحٰٓى اِلَيْكَ مِنْ رَّبِّكَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ خَبِيْرًا 2ۙ
۽ توهان ان (فرمان) جي پيروي جاري رکو جيڪو توهان وٽ توهان جي پالڻهار جي طرفان وحي ڪيو ويو آهي، بيشڪ الله انهن ڪمن کان خبردار آهي جيڪي توهان ڪريو ٿا.
— مولانا طاھر القادريوَّتَوَكَّلْ عَلَي اللّٰهِ ۭ وَكَفٰي بِاللّٰهِ وَكِيْلًا 3
۽ الله تي ڀروسو (جاري) رکو ۽ الله ئي ڪارساز ڪافي آهي.
— مولانا طاھر القادريمَا جَعَلَ اللّٰهُ لِرَجُلٍ مِّنْ قَلْبَيْنِ فِيْ جَوْفِهٖ ۚ وَمَا جَعَلَ اَزْوَاجَكُمُ اڿ تُظٰهِرُوْنَ مِنْهُنَّ اُمَّهٰتِكُمْ ۚ وَمَا جَعَلَ اَدْعِيَاۗءَكُمْ اَبْنَاۗءَكُمْ ۭ ذٰلِكُمْ قَوْلُكُمْ بِاَفْوَاهِكُمْ ۭ وَاللّٰهُ يَـقُوْلُ الْــحَـقَّ وَهُوَ يَهْدِي السَّبِيْلَ 4
الله ڪنهن ماڻهو جي لاءِ ان جي پاسي ۾ ٻه دليون نه بڻايون، ۽ ان توهان جي زالن کي جن کي ظهار ڪندي توهان ماءُ چئي ڇڏيو ٿا توهان جون مائرون نه بڻايون، ۽ نه توهان جي پُٽيلن کي توهان جا (حقيقي) پٽ بڻايائين، ۽ اِهي سڀ توهان جي پنهنجي منهن جون ڳالهيون آهن ۽ الله حق ڳالهه فرمائي ٿو ۽ اهوئي (سڌو) رستو ڏيکاري ٿو.
— مولانا طاھر القادرياُدْعُوْهُمْ لِاٰبَاۗىِٕهِمْ هُوَ اَقْسَطُ عِنْدَ اللّٰهِ ۚ فَاِنْ لَّمْ تَعْلَمُوْٓا اٰبَاۗءَهُمْ فَاِخْوَانُكُمْ فِي الدِّيْنِ وَمَوَالِيْكُمْ ۭ وَلَيْسَ عَلَيْكُمْ جُنَاحٌ فِيْمَآ اَخْطَاْتُـمْ بِهٖ ۙ وَلٰكِنْ مَّا تَعَمَّدَتْ قُلُوْبُكُمْ ۭ وَكَانَ اللّٰهُ غَفُوْرًا رَّحِـيْمًا 5
توهان انهن (پُٽيلن) کي انهن جي پيءُ (جي ئي نالي) سان سڏيو، اِهوئي الله وٽ وڌيڪ انصاف آهي، پوءِ جيڪڏهن توهان کي انهن جا پيءُ معلوم نه هجن ته (اُهي) دين ۾ توهان جا ڀائر آهن ۽ توهان جا دوست آهن. ۽ ان ڳالهه ۾ توهان تي ڪو گناهه ناهي جيڪا توهان غلطي سان چئي پر (ان تي ضرور گناهه ٿيندو) جنهن جو ارادو توهان جي دلين ڪيو هجي، ۽ الله وڏو بخشيندڙ تمام رحم فرمائيندڙ آهي.
— مولانا طاھر القادرياَلنَّبِيُّ اَوْلٰى بِالْمُؤْمِنِيْنَ مِنْ اَنْفُسِهِمْ وَاَزْوَاجُهٗ ٓ اُمَّهٰتُهُمْ ۭ وَاُولُوا الْاَرْحَامِ بَعْضُهُمْ اَوْلٰى بِبَعْضٍ فِيْ كِتٰبِ اللّٰهِ مِنَ الْمُؤْمِنِيْنَ وَالْمُهٰجِرِيْنَ اِلَّآ اَنْ تَفْعَلُوْٓا اِلٰٓى اَوْلِيٰۗىِٕكُمْ مَّعْرُوْفًا ۭ كَانَ ذٰلِكَ فِي الْكِتٰبِ مَسْطُوْرًا 6
هي نبي (مڪرم صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) مومنن کي انهن جي جانين کان وڌيڪ ويجها ۽ حقدار آهن ۽ سندن ازواج (مطهرات) انهن جون مائرون آهن، ۽ خوني رشتيدار الله جي ڪتاب ۾ (ٻين) مومنن ۽ مهاجرن جي نسبت (ورثي جي تقسيم ۾) هڪٻئي جا وڌيڪ حقدار آهن سواءِ ان جي ته توهان پنهنجي دوستن تي احسان ڪرڻ چاهيو، اهو حڪم (الله جي) ڪتاب ۾ لکيل آهي.
— مولانا طاھر القادريوَ اِذْ اَخَذْنَا مِنَ النَّـبِيّٖنَ مِيْثَاقَهُمْ وَ مِنْكَ وَمِنْ نُّوْحٍ وَّ اِبْرٰهِيْمَ وَ مُوْسٰى وَ عِيْسَى ابْنِ مَرْيَـمَ ۠ وَاَخَذْنَا مِنْهُمْ مِّيْثَاقًا غَلِيْظًا 7ۙ
۽ (اي حبيب! ياد ڪريو) جڏهن اسان نبين کان انهن (جي تبليغِ رسالت) جو عهد ورتو ۽ (خاص ڪري) توهان کان ۽ نوح کان ۽ ابراهيم کان ۽ موسيٰ کان ۽ عيسيٰ پٽ مريم (عليهم السلام) کان ۽ اسان انهن کان انتهائي پڪو عهد ورتو.
— مولانا طاھر القادريلِّيَسْـَٔـلَ الصّٰدِقِيْنَ عَنْ صِدْقِهِمْ ۚ وَاَعَدَّ لِلْكٰفِرِيْنَ عَذَابًا اَلِـــيْمًا 8ۧ
ته جيئن (الله) سچن کان انهن جي سچ جي باري ۾ دريافت فرمائي ۽ ڪافرن جي لاءِ ان دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو آهي.
— مولانا طاھر القادرييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اذْكُرُوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ اِذْ جَاۗءَتْكُمْ جُنُوْدٌ فَاَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيْحًا وَّجُنُوْدًا لَّمْ تَرَوْهَا ۭ وَكَانَ اللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِيْرًا 9ۚ
اي ايمان وارؤ! پنهنجي مٿان الله جو احسان ياد ڪريو جڏهن (ڪافرن جون) فوجون توهان تي اچي پهتيون، ته اسان انهن تي هوا ۽ (ملائڪن جا) لشڪر موڪليا جن کي توهان نه ڏٺو، ۽ جيڪو ڪجهه توهان ڪريو ٿا الله ان کي خوب ڏسندڙ آهي.
— مولانا طاھر القادرياِذْ جَاۗءُوْكُمْ مِّنْ فَوْقِكُمْ وَمِنْ اَسْفَلَ مِنْكُمْ وَاِذْ زَاغَتِ الْاَبْصَارُ وَبَلَغَتِ الْقُلُوْبُ الْحَـنَاجِرَ وَتَظُنُّوْنَ بِاللّٰهِ الظُّنُوْنَا 10
جڏهن اهي (ڪافر) توهان تي (واديءَ جي مٿانهين اوڀرندي پاسي) کان ۽ توهان جي هيٺان (واديءَ جي هيٺين اولهندي پاسي) کان چڙهي آيا هئا ۽ جڏهن (هيبت مان توهان جون) اکيون ڦري ويون هيون ۽ (ڊپ کان توهان جون) دليون نڙيءَ تائين اچي پهتيون هيون توهان (خوف ۽ اميد جي ڪيفيت ۾) الله جي باري ۾ مختلف گمان ڪرڻ لڳا هئا.
— مولانا طاھر القادريهُنَالِكَ ابْتُلِيَ الْمُؤْمِنُوْنَ وَزُلْزِلُوْا زِلْزَالًا شَدِيْدًا 11
ان مقام تي مومنن جو امتحان ورتو ويو ۽ کين انتهائي سخت جهٽڪا ڏنا ويا.
— مولانا طاھر القادريوَاِذْ يَقُوْلُ الْمُنٰفِقُوْنَ وَالَّذِيْنَ فِيْ قُلُوْبِهِمْ مَّرَضٌ مَّا وَعَدَنَا اللّٰهُ وَرَسُوْلُهٗ ٓ اِلَّا غُرُوْرًا 12
۽ جڏهن منافق ۽ اُهي ماڻهو جن جي دلين ۾ (عقيدي جي ڪمزوري ۽ شڪ شبهي جي) بيماري هئي، اِهو چوڻ لڳا ته اسان سان الله ۽ ان جي رسول ته صرف دوکي ۽ فريب جي لاءِ (فتح جو) واعدو ڪيو هو.
— مولانا طاھر القادريوَاِذْ قَالَتْ طَّاۗىِٕفَةٌ مِّنْهُمْ يٰٓاَهْلَ يَثْرِبَ لَا مُقَامَ لَكُمْ فَارْجِعُوْا ۚ وَيَسْتَاْذِنُ فَرِيْقٌ مِّنْهُمُ النَّبِيَّ يَقُوْلُوْنَ اِنَّ بُيُوْتَنَا عَوْرَةٌ ړ وَمَا هِىَ بِعَوْرَةٍ ڔ اِنْ يُّرِيْدُوْنَ اِلَّا فِرَارًا 13
۽ جڏهن انهن مان هڪ ٽولو چوڻ لڳو: اي يثرب وارو! توهان جي (حفاظت سان) رهڻ جي ڪابه جڳهه نه رهي آهي، توهان واپس (گهر) هليا وڃو ۽ انهن مان هڪ ٽولو نبي (اڪرم صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) کان اِهو چوندي (واپس وڃڻ جي) اجازت گهرڻ لڳو ته اسان جا گهر کليا پيا آهن، حالانڪه اُهي کليل نه هئا، اُنهن (ان بهاني سان) رڳو ڀڄڻ چاهيو ٿي.
— مولانا طاھر القادريوَلَوْ دُخِلَتْ عَلَيْهِمْ مِّنْ اَقْطَارِهَا ثُـمَّ سُىِٕلُوا الْفِتْنَةَ لَاٰتَوْهَا وَمَا تَلَبَّثُوْا بِهَآ اِلَّا يَسِيْرًا 14
۽ جيڪڏهن انهن تي مديني جي ڀرپاسي کان فوجون داخل ڪيون وڃن ها پوءِ انهن (نفاق جو عقيدو رکڻ وارن) کان (ڪفر ۽ شرڪ) جي فتني جو سوال ڪيو وڃي ها ته اُهي انهيءَ (مطالبي) کي به پورو ڪن ها، ۽ ٿوري تَوقُف کان سواءِ ان ۾ دير نه ڪن ها.
— مولانا طاھر القادريوَلَقَدْ كَانُوْا عَاهَدُوا اللّٰهَ مِنْ قَبْلُ لَا يُوَلُّوْنَ الْاَدْبَارَ ۭ وَكَانَ عَهْدُ اللّٰهِ مَسْـُٔــوْلًا 15
بيشڪ انهن هن کان اڳ الله سان عهد ڪيو هو ته پٺي ڏيئي نه ڀڄندا ۽ الله سان ڪيل عهد جي (ضرور) پڇا ٿيندي.
— مولانا طاھر القادريقُلْ لَّنْ يَّنْفَعَكُمُ الْفِرَارُ اِنْ فَرَرْتُمْ مِّنَ الْمَوْتِ اَوِ الْقَتْلِ وَاِذًا لَّا تُـمَـتَّعُوْنَ اِلَّا قَلِيْلًا 16
فرمايو: توهان کي ڀڄڻ هرگز ڪو فائدو نه ڏيندو، جيڪڏهن توهان موت يا قتل کان (ڊڄي) ڀڳا آهيو ته توهان ٿوري مدت کان سواءِ (زندگيءَ جو) ڪوبه فائدو نه وٺي سگهندا.
— مولانا طاھر القادريقُلْ مَنْ ذَا الَّذِيْ يَعْصِمُكُمْ مِّنَ اللّٰهِ اِنْ اَرَادَ بِكُمْ سُوْۗءًا اَوْ اَرَادَ بِكُمْ رَحْـمَةً ۭ وَلَايَجِدُوْنَ لَهُمْ مِّنْ دُوْنِ اللّٰهِ وَلِيًّا وَّلَا نَصِيْرًا 17
فرمايو: ڪير اهڙو ماڻهو آهي جيڪو توهان کي الله کان بچائي سگهندو هجي جيڪڏهن اهو توهان کي تڪليف ڏيڻ چاهي يا توهان تي رحمت جو ارادو فرمائي، ۽ اُهي ماڻهو پنهنجي لاءِ الله کان سواءِ نه ڪو ڪارساز لهندا ۽ نه ڪو مددگار.
— مولانا طاھر القادريقَدْ يَعْلَمُ اللّٰهُ الْمُعَوِّقِيْنَ مِنْكُمْ وَالْقَاۗىِٕلِيْنَ لِاِخْوَانِهِمْ هَلُمَّ اِلَيْنَا ۚ وَلَا يَاْتُوْنَ الْبَاْسَ اِلَّا قَلِيْلًا ۙ18
بيشڪ الله توهان مان انهن ماڻهن کي ڄاڻي ٿو جيڪي (رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم کان ۽ ساڻن گڏجي جهاد ڪرڻ کان) روڪين ٿا ۽ جيڪي پنهنجي ڀائرن کي چون ٿا ته اسان ڏانهن اچو ۽ هي ماڻهو جنگ ۾ نٿا اچن مگر تمام گهٽ.
— مولانا طاھر القادرياَشِحَّةً عَلَيْكُمْ ښ فَاِذَا جَاۗءَ الْخَوْفُ رَاَيْتَهُمْ يَنْظُرُوْنَ اِلَيْكَ تَدُوْرُ اَعْيُنُهُمْ كَالَّذِيْ يُغْشٰى عَلَيْهِ مِنَ الْمَوْتِ ۚ فَاِذَا ذَهَبَ الْـخَوْفُ سَلَقُوْكُمْ بِاَلْسِـنَةٍ حِدَادٍ اَشِحَّةً عَلَي الْـخَــيْرِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَمْ يُؤْمِنُوْا فَاَحْبَطَ اللّٰهُ اَعْـمَالَهُمْ ۭ وَكَانَ ذٰلِكَ عَلَي اللّٰهِ يَسِيْرًا 19
توهان جي حق ۾ ڪنجوس ٿي (ائين ڪن ٿا)، پوءِ جڏهن ڊپ (جي حالت) پيش اچي ته توهان ڏسندؤ ته اُهي توهان ڏانهن پيا ڏسندا (۽) انهن جون اکيون ان ماڻهوءَ وانگر پيون ڦرنديون جنهن تي موت جي بيهوشي طاري ٿي رهي هجي، پوءِ جڏهن خوف ويندو رهي ته توهان کي تيز زبانن سان مهڻا ڏيندا (ڏکوئيندا، انهن جو حال اهو آهي جو) غنيمت جي مال تي وڏا لالچي آهن. انهن ماڻهن (حقيقت ۾) ايمان ئي ناهي آندو، پوءِ الله سندن عمل چٽ ڪري ڇڏيا آهن ۽ اِهو الله تي آسان هو.
— مولانا طاھر القادرييَحْسَبُوْنَ الْاَحْزَابَ لَمْ يَذْهَبُوْا ۚ وَاِنْ يَّاْتِ الْاَحْزَابُ يَوَدُّوْا لَوْ اَنَّهُمْ بَادُوْنَ فِي الْاَعْرَابِ يَسْاَلُوْنَ عَنْ اَنْۢبَاۗىِٕكُمْ ۭ وَلَوْ كَانُوْا فِيْكُمْ مَّا قٰتَلُوْٓا اِلَّا قَلِيْلًا ۧ20
هي ماڻهو (اڃان تائين اهو) گمان ڪن ٿا ته ڪافرن جا لشڪر (واپس) ڪونه ويا آهن ۽ جيڪڏهن اُهي لشڪر (ٻيهر) اچن ته هي چاهيندا ته ڪاش! اُهي ٻهراڙيءَ وارن ۾ وڃي بدوين سان گڏ ويهن (۽) توهان جون خبرون پڇندا رهن، ۽ جيڪڏهن اُهي توهان جي اندر موجود هجن تڏهن به تمام ٿورن ماڻهن کان سواءِ اُهي جنگ نه ڪندا.
— مولانا طاھر القادري