032 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 30 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
الۗمّۗ 1ۚ
الف لام ميم (حقيقي معنيٰ الله ۽ رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم ئي بهتر ڄاڻن ٿا).
— مولانا طاھر القادريتَنْزِيْلُ الْكِتٰبِ لَا رَيْبَ فِيْهِ مِنْ رَّبِّ الْعٰلَمِيْنَ 2ۭ
هن ڪتاب جو نازل ٿيڻ، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته تمام جهانن جي پالڻهار جي طرفان آهي.
— مولانا طاھر القادرياَمْ يَقُوْلُوْنَ افْتَرٰىهُ ۚ بَلْ هُوَ الْـحَـقُّ مِنْ رَّبِّكَ لِتُنْذِرَ قَوْمًا مَّآ اَتٰىهُمْ مِّنْ نَّذِيْرٍ مِّنْ قَبْلِكَ لَعَلَّهُمْ يَهْتَدُوْنَ 3
ڇا ڪافر ۽ مشرڪ اهو چون ٿا ته ان کي هن (رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) ٺاهيو آهي. بلڪه اهو توهان جي رب جي طرفان حق آهي ته جيئن توهان ان قوم کي ڊيڄاريو جن وٽ توهان کان اڳ ڪوبه ڊيڄاريندڙ ڪونه آيو ته جيئن اُهي هدايت لهن.
— مولانا طاھر القادرياَللّٰهُ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا فِيْ سِـتَّةِ اَيَّامٍ ثُـمَّ اسْتَوٰي عَلَي الْعَرْشِ ۭ مَا لَكُمْ مِّنْ دُوْنِهٖ مِنْ وَّلِيٍّ وَّلَا شَفِيْعٍ ۭ اَفَلَا تَتَذَكَّرُوْنَ 4
الله ئي آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪو ڪجهه انهن جي وچ ۾ آهي (ان کي) ڇهن ڏينهن (يعني ڇهن مدتن) ۾ پيدا فرمايو پوءِ (ڪائنات جي نظام جي اقتدار جي) عرش تي (پنهنجي شان مطابق) جلوه افروز ٿيو، توهان جي لاءِ ان کي ڇڏي نه ڪو ڪارساز آهي ۽ نه ڪو سفارشي، پوءِ ڇا توهان نصيحت قبول نٿا ڪريو؟
— مولانا طاھر القادرييُدَبِّرُ الْاَمْرَ مِنَ السَّمَاۗءِ اِلَى الْاَرْضِ ثُـمَّ يَعْرُجُ اِلَيْهِ فِيْ يَوْمٍ كَانَ مِقْدَارُهٗ ٓ اَلْفَ سَـنَةٍ مِّـمَّا تَعُدُّوْنَ 5
اهو آسمان کان زمين تائين (حڪومت جي نظام) جو انتظام فرمائي ٿو پوءِ اهو حڪم ان ڏانهن هڪ ڏينهن ۾ چڙهي ٿو (۽ چڙهندو) جنهن جو مقدار هڪ هزار سال آهي ان (حساب) سان جيڪو توهان شمار ڪريو ٿا.
— مولانا طاھر القادريذٰلِكَ عٰلِمُ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ الْعَزِيْزُ الرَّحِيْمُ 6ۙ
اهو ئي لڪل ۽ ظاهر جو ڄاڻندر آهي، غالب ۽ مهربان آهي.
— مولانا طاھر القادريالَّذِيْٓ اَحْسَنَ كُلَّ شَيْءٍ خَلَقَهٗ وَبَدَاَ خَلْقَ الْاِنْسَانِ مِنْ طِيْنٍ 7ۚ
اهو ئي آهي جنهن سٺائي ۽ سونهن بخشي هر ان شيءِ کي جنهن کي ان پيدا فرمايو ۽ ان انساني تخليق جي شروعات مٽي (يعني اڻ وڌندڙ مادي) مان ڪئي.
— مولانا طاھر القادريثُـمَّ جَعَلَ نَسْلَهٗ مِنْ سُلٰلَةٍ مِّنْ مَّاۗءٍ مَّهِيْنٍ 8ۚ
پوءِ ان جي نسل کي حقير پاڻي جي نچوڙ (يعني مني جي ڦڙي) مان هلايائين.
— مولانا طاھر القادريثُـمَّ سَوّٰىهُ وَنَفَخَ فِيْهِ مِنْ رُّوْحِهٖ وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمْعَ وَالْاَبْصَارَ وَالْاَفْـــِٕدَةَ ۭ قَلِيْلًا مَّا تَشْكُرُوْنَ 9
پوءِ ان (۾ عضون) کي ٺيڪ ڪيائين ۽ ان ۾ پنهنجو روحِ (حيات) ڦوڪيائين ۽ توهان جي لاءِ (ماءُ جي رحم ۾ ئي پهرين) ڪن ۽ (پوءِ) اکيون ۽ (پوءِ) دل و دماغ بڻايائين، توهان تمام گهٽ شڪر ادا ڪيو ٿا.
— مولانا طاھر القادريوَقَالُوْٓا ءَاِذَا ضَلَلْنَا فِي الْاَرْضِ ءَاِنَّا لَفِيْ خَلْقٍ جَدِيْدٍ ڛ بَلْ هُمْ بِلِقَاۗئِ رَبِّهِمْ كٰفِرُوْنَ 10
۽ ڪافر چون ٿا ته جڏهن اسان مٽيءَ ۾ ملي گم ٿي وينداسين ته (ڇا) اسان نئين سر پيدا ڪيا وينداسين، بلڪه اِهي پنهنجي پاليندڙ سان ملڻ کي ئي نٿا مڃين.
— مولانا طاھر القادريقُلْ يَتَوَفّٰىكُمْ مَّلَكُ الْمَوْتِ الَّذِيْ وُكِّلَ بِكُمْ ثُـمَّ اِلٰى رَبِّكُمْ تُرْجَعُوْنَ ۧ11
توهان فرمايو ته موت جو ملائڪ جيڪو توهان تي مقرر ڪيو ويو آهي توهان جو روح قبض ڪري ٿو پوءِ توهان پنهنجي پالڻهار ڏي موٽايا ويندؤ.
— مولانا طاھر القادريوَلَوْ تَرٰٓي اِذِ الْمُجْرِمُوْنَ نَاكِسُوْا رُءُوْسِهِمْ عِنْدَ رَبِّهِمْ ۭ رَبَّنَآ اَبْصَرْنَا وَسَمِعْنَا فَارْجِعْنَا نَعْمَلْ صَالِـحًا اِنَّا مُوْقِنُوْنَ 12
۽ جيڪڏهن توهان ڏسو (ته مٿن تعجب ڪريو) ته جڏهن ڏوهاري پنهنجي رب جي آڏو ڪنڌ جهڪائيندڙ هوندا، (۽ چوندا:) اي اسان جا رب اسان ڏٺوسين ۽ اسان ٻڌوسين پوءِ (هاڻي) اسان کي (دنيا ۾) واپس موٽاءِ ته اسان چڱا ڪم ڪريون بيشڪ اسان يقين ڪندڙ آهيون.
— مولانا طاھر القادريوَلَوْ شِئْنَا لَاٰتَيْنَا كُلَّ نَفْسٍ هُدٰىهَا وَلٰكِنْ حَقَّ الْقَوْلُ مِنِّيْ لَاَمْلَئَنَّ جَهَنَّمَ مِنَ الْــجِنَّةِ وَالنَّاسِ اَجْـمَعِيْنَ 13
۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته اسان هر نفس کي سندس هدايت (پاڻهي) ڏيئي ڇڏيون ها پر منهنجي طرفان (هي) فرمان ثابت ٿي چڪو آهي ته آئون ضرور سڀني (نه مڃيندڙ) جنن ۽ انسانن سان دوزخ کي ڀريندس.
— مولانا طاھر القادريفَذُوْقُوْا بِـمَا نَسِيْتُمْ لِقَاۗءَ يَوْمِكُمْ ھٰذَا ۚ اِنَّا نَسِيْنٰكُمْ وَذُوْقُوْا عَذَابَ الْـخُلْدِ بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ 14
پوءِ (هاڻي) توهان مزو چکو جو توهان پنهنجي هن ڏينهن جي حاضري کي وساري ڇڏيو هو، بيشڪ اسان توهان کي وساري ڇڏيو آهي ۽ توهان پنهنجن انهن عملن جي بدلي جيڪي توهان ڪندا رهيا هئا هميشه جو عذاب چکندا رهو.
— مولانا طاھر القادرياِنَّـمَا يُؤْمِنُ بِاٰيٰتِنَا الَّذِيْنَ اِذَا ذُكِّرُوْا بِهَا خَرُّوْا سُـجَّدًا وَّسَبَّحُوْا بِـحَمْدِ رَبِّهِمْ وَهُمْ لَا يَسْتَكْبِرُوْنَ ۞ 15
پوءِ اسان جي آيتن تي اهي ئي ماڻهو ايمان آڻين ٿا جن کي انهن (آيتن) جي ذريعي نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته اهي سجدو ڪندي ڪِري پون ٿا ۽ پنهنجي رب جي حمد سان گڏ پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ اهي وڏائي نٿا ڪن.
— مولانا طاھر القادريتَـتَجَافٰى جُنُوْبُهُمْ عَنِ الْمَضَاجِـعِ يَدْعُوْنَ رَبَّهُمْ خَوْفًا وَّطَمَعًا ۡ وَّمِـمَّا رَزَقْنٰهُمْ يُنْفِقُوْنَ 16
انهن جا پاسا سندن بسترن کان الڳ رهن ٿا ۽ پنهنجي پالڻهار کي ڊپ ۽ اميد (جي گڏيل ڪيفيت) سان سڏين ٿا ۽ اسان جي عطا ڪيل رزق مان (اسان جي واٽ ۾) خرچ ڪن ٿا.
— مولانا طاھر القادريفَلَا تَعْلَمُ نَفْسٌ مَّآ اُخْفِيَ لَهُمْ مِّنْ قُرَّةِ اَعْيُنٍ ۚ جَزَاۗءًۢ بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 17
سو ڪنهن کي خبر نه آهي جيڪو اکين جو ٺار انهن لاءِ لڪائي رکيو ويو آهي، هي انهن (نيڪ عملن) جو بدلو هوندو جيڪي اهي ڪندا رهيا هئا.
— مولانا طاھر القادرياَفَـمَنْ كَانَ مُؤْمِنًا كَمَنْ كَانَ فَاسِقًا ڼ لَا يَسْـتَوٗنَ ۬18
ڇا ڀلا اهو ماڻهو جيڪو ايمان وارو هجي ان وانگر ٿي سگهي ٿو جيڪو نافرمان هجي، (نه) اِهي (ٻئي) برابر نٿا ٿي سگهن.
— مولانا طاھر القادرياَمَّا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَلَهُمْ جَنّٰتُ الْمَاْوٰي ۡ نُزُلًۢا بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 19
اهڙي طرح جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪندا رهيا انهن جي لاءِ هميشه جي رهڻ جا باغ آهن (الله جي طرفان انهن جي) مهماني، اڪرام ۾ انهن (عملن) جي بدلي جيڪي اهي ڪندا رهيا هئا.
— مولانا طاھر القادريوَاَمَّا الَّذِيْنَ فَسَقُوْا فَمَاْوٰىهُمُ النَّارُ ۭ كُلَّمَآ اَرَادُوْٓا اَنْ يَّخْـرُجُوْا مِنْهَآ اُعِيْدُوْا فِيْهَا وَقِيْلَ لَهُمْ ذُوْقُوْا عَذَابَ النَّارِ الَّذِيْ كُنْتُمْ بِهٖ تُكَذِّبُوْنَ 20
۽ جيڪي نافرمان ٿيا سو انهن جو ٺڪاڻو دوزخ آهي. اُهي جڏهن به ان کان نڪري ڀڄڻ جو ارادو ڪندا ته ان ۾ موٽايا ويندا ۽ کين چيو ويندو ته ان جهنم جي باهه جو عذاب چکندا رهو جنهن کي توهان ڪوڙو سمجهندا هئا.
— مولانا طاھر القادري