031 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 34 آيتون ۽ 4 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
الۗمّۗ 1ۚ
الف لام ميم (حقيقي معنيٰ الله ۽ رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم ئي بهتر ڄاڻن ٿا).
— مولانا طاھر القادريتِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْـحَكِيْمِ 2ۙ
هي حڪمت واري ڪتاب جون آيتون آهن.
— مولانا طاھر القادريهُدًى وَّرَحْــمَةً لِّلْمُحْسِنِيْنَ 3ۙ
جيڪو نيڪن جي لاءِ رهنمائي ۽ رحمت آهي.
— مولانا طاھر القادريالَّذِيْنَ يُقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَيُؤْتُوْنَ الزَّكٰوةَ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ يُوْقِنُوْنَ 4ۭ
جيڪي نماز قائم ڪن ٿا ۽ زڪواة ڏين ٿا ۽ اهي جيڪي آخرت تي يقين رکن ٿا.
— مولانا طاھر القادرياُولٰۗىِٕكَ عَلٰي هُدًى مِّنْ رَّبِّهِمْ وَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 5
اهي ئي ماڻهو پنهنجي پاليندڙ جي طرفان هدايت تي آهن ۽ اهي ئي ڇوٽڪارو ماڻيندڙ آهن.
— مولانا طاھر القادريوَمِنَ النَّاسِ مَنْ يَّشْتَرِيْ لَهْوَ الْـحَدِيْثِ لِيُضِلَّ عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ بِغَيْرِ عِلْمٍ ڰ وَّيَتَّخِذَهَا هُزُوًا ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ عَذَابٌ مُّهِيْنٌ 6
۽ ماڻهن مان ڪي اهڙا به آهن جيڪي بيهودا ڪلام خريد ڪن ٿا ته جيئن بنا سڌ ٻڌ جي ماڻهن کي الله جي واٽ کان ڀٽڪائن ۽ ان (واٽ) جو مذاق اڏائين ٿا، انهن ئي ماڻهن جي لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي.
— مولانا طاھر القادريوَاِذَا تُتْلٰى عَلَيْهِ اٰيٰتُنَا وَلّٰى مُسْتَكْبِرًا كَاَنْ لَّمْ يَسْمَعْهَا كَاَنَّ فِيْٓ اُذُنَيْهِ وَقْرًا ۚ فَبَشِّرْهُ بِعَذَابٍ اَلِيْـمٍ 7
۽ جڏهن اُن کي اسان جون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته اهو آڪڙ ڪندي منهن ڦيري ٿو ڄڻ ان اُهي ٻڌيون ئي ڪونه، جهڙوڪ ان جي ڪنن ۾ (ٻوڙائي جي) ڳرائي آهي، پوءِ توهان انهن کي دردناڪ عذاب جي خبر ٻڌايو.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُمْ جَنّٰتُ النَّعِيْمِ 8ۙ
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪندا رهيا انهن جي لاءِ نعمتن واريون جنتون آهن.
— مولانا طاھر القادريخٰلِدِيْنَ فِيْهَا ۭ وَعْدَ اللّٰهِ حَقًّا ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 9
(اهي) انهن ۾ هميشه رهندا، الله جو وعدو سچو آهي، ۽ اهو غالب آهي حڪمت وارو آهي.
— مولانا طاھر القادريخَلَقَ السَّمٰوٰتِ بِغَيْرِ عَـمَدٍ تَرَوْنَهَا وَاَلْقٰى فِي الْاَرْضِ رَوَاسِيَ اَنْ تَـمِيْدَ بِكُمْ وَبَثَّ فِيْهَا مِنْ كُلِّ دَاۗبَّةٍ ۭ وَاَنْزَلْنَا مِنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءً فَاَنْۢبَتْنَا فِيْهَا مِنْ كُلِّ زَوْجٍ كَرِيْمٍ 10
ان آسمانن کي بنا ٿنڀن جي ٺاهيائين (جيئن) توهان انهن کي ڏسي رهيا آهيو ۽ ان زمين ۾ اُوچا مضبوط جبل بيهاريائين ته جيئن توهان کي کڻي (گردش جي دوران) نه لُڏي ۽ اُن انهيءَ ۾ هر قسم جا جانور پکيڙيائين، ۽ اسان آسمان کان پاڻي لاٿو ۽ اسان ان ۾ هر قسم جا اعليٰ ۽ فائديمند ٻوٽا اُپايا.
— مولانا طاھر القادريھٰذَا خَلْقُ اللّٰهِ فَاَرُوْنِيْ مَاذَا خَلَقَ الَّذِيْنَ مِنْ دُوْنِهٖ ۭ بَلِ الظّٰلِمُوْنَ فِيْ ضَلٰلٍ مُّبِيْنٍ ۧ11
هي الله جي مخلوق آهي پوءِ (اي مشرڪو!) مون کي ڏيکاريو جيڪو الله کانسواءِ ٻين پيدا ڪيو هجي پر ظالم پڌري گمراهيءَ ۾ آهن.
— مولانا طاھر القادريوَلَقَدْ اٰتَيْنَا لُقْمٰنَ الْحِكْمَةَ اَنِ اشْكُرْ لِلّٰهِ ۭ وَمَنْ يَّشْكُرْ فَاِنَّـمَا يَشْكُرُ لِنَفْسِهٖ ۚ وَمَنْ كَفَرَ فَاِنَّ اللّٰهَ غَنِيٌّ حَمِيْدٌ 12
۽ بيشڪ اسان لقمان کي حڪمت ۽ دانائي عطا ڪئي، (۽ ان کي فرمايو) ته الله جو شڪر ادا ڪر ۽ جيڪو شڪر ڪري ٿو اهو پنهنجي ئي فائدي جي لاءِ شڪر ڪري ٿو ۽ جيڪو ناشڪري ڪري ٿو ته بيشڪ الله بي پرواهه آهي (پاڻ ئي) تعريف جي لائق آهي.
— مولانا طاھر القادريوَاِذْ قَالَ لُقْمٰنُ لِابْنِهٖ وَهُوَ يَعِظُهٗ يٰبُنَيَّ لَا تُشْرِكْ بِاللّٰهِ ڼ اِنَّ الشِّرْكَ لَظُلْمٌ عَظِيْمٌ 13
۽ (ياد ڪريو) جڏهن لقمان پنهنجي پٽ کي چيو ۽ اهو کيس نصيحت ڪري رهيو هو، اي منهنجا پٽ! الله سان شرڪ نه ڪجانءِ، بيشڪ شرڪ تمام وڏو ظلم آهي.
— مولانا طاھر القادريوَوَصَّيْنَا الْاِنْسَانَ بِوَالِدَيْهِ ۚ حَمَلَتْهُ اُمُّهٗ وَهْنًا عَلٰي وَهْنٍ وَّفِصٰلُهٗ فِيْ عَامَيْنِ اَنِ اشْكُرْ لِيْ وَلِوَالِدَيْكَ ۭ اِلَيَّ الْمَصِيْرُ 14
۽ اسان انسان کي سندس ماءُ پيءُ جي باري ۾ (نيڪيءَ جو) تاڪيد سان حڪم فرمايو، جنهن کي ان جي ماءُ تڪليف مٿان تڪليف جي حالت ۾ (پنهنجي پيٽ ۾) برداشت ڪندي رهي ۽ جنهن جي ٿڃ ڇڏڻ به ٻن سالن ۾ آهي (ان کي هي حڪم ڏنو) ته منهنجو (به) شڪر ادا ڪر ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ جو به. (توکي) مون ڏانهن ئي موٽي اچڻو آهي.
— مولانا طاھر القادريوَاِنْ جَاهَدٰكَ عَلٰٓي اَنْ تُشْرِكَ بِيْ مَا لَيْسَ لَكَ بِهٖ عِلْمٌ ۙفَلَا تُطِعْهُمَا وَصَاحِبْهُمَا فِي الدُّنْيَا مَعْرُوْفًا ۡ وَّاتَّبِعْ سَبِيْلَ مَنْ اَنَابَ اِلَيَّ ۚ ثُـمَّ اِلَيَّ مَرْجِعُكُمْ فَاُنَبِّئُكُمْ بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ 15
۽ جيڪڏهن اُهو ٻئي توتي ان ڳالهه جي ڪوشش ڪن ته تون مون سان ان شيءِ کي شريڪ ڪرين جنهن (جي حقيقت) جي توکي ڪجهه خبر نه آهي ته سندن تابعداري نه ڪجانءِ، ۽ دنيا (جي ڪمن) ۾ انهن جو سهڻي نموني سان ساٿ ڏجان، ۽ (عقيدي ۽ آخرت جي ڪمن ۾) ان شخص جي پيروي ڪجانءِ جنهن مون ڏانهن توبه ۽ فرمانبرداري جو سلوڪ اختيار ڪيو. پوءِ مون ڏانهن ئي موٽي اچڻو آهي پوءِ آئون توهان کي اُهي ڪم ٻڌائيندس جيڪي توهان ڪندا رهيا هئا.
— مولانا طاھر القادرييٰبُنَيَّ اِنَّهَآ اِنْ تَكُ مِثْقَالَ حَبَّةٍ مِّنْ خَرْدَلٍ فَتَكُنْ فِيْ صَـخْـرَةٍ اَوْ فِي السَّمٰوٰتِ اَوْ فِي الْاَرْضِ يَاْتِ بِهَا اللّٰهُ ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَطِيْفٌ خَبِيْرٌ 16
(لقمان چيو) اي منهنجا پٽ جيڪڏهن ڪا شيءِ اهر جي داڻي برابر هجي، پوءِ کڻي اها ڪنهن جبل ۾ (لڪل) هجي يا آسمانن ۾ يا زمين ۾ (تڏهن به) الله ان کي (قيامت جي ڏينهن حساب جي لاءِ) پيش ڪندو. بيشڪ الله باريڪ ڏسندڙ (به) آهي آگاهه، خبر رکندڙ (به) آهي.
— مولانا طاھر القادرييٰبُنَيَّ اَقِـمِ الصَّلٰوةَ وَاْمُرْ بِالْمَعْرُوْفِ وَانْهَ عَنِ الْمُنْكَرِ وَاصْبِرْ عَلٰي مَآ اَصَابَكَ ۭ اِنَّ ذٰلِكَ مِنْ عَزْمِ الْاُمُوْرِ ۚ17
اي منهنجا پٽ! نماز قائم رک ۽ نيڪيءَ جو حڪم ڏي ۽ برائي کان منع ڪر ۽ جيڪا تڪليف توکي پهچي ان تي صبر ڪر، بيشڪ هي وڏي همت جا ڪم آهن.
— مولانا طاھر القادريوَلَا تُصَعِّرْ خَدَّكَ لِلنَّاسِ وَلَا تَـمْشِ فِي الْاَرْضِ مَرَحًا ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَا يُـحِبُّ كُلَّ مُـخْـتَالٍ فَـخُــوْرٍ ۚ18
۽ ماڻهن کان (وڏائيءَ ڪندي) پنهنجو منهن نه موڙ، ۽ زمين تي آڪڙ ڪري نه هل، بيشڪ الله هر پاڻ پڏائيندڙ آڪڙجي هلڻ واري کي پسند نٿو فرمائي.
— مولانا طاھر القادريوَاقْصِدْ فِيْ مَشْيِكَ وَاغْضُضْ مِنْ صَوْتِكَ ۭ اِنَّ اَنْكَرَ الْاَصْوَاتِ لَصَوْتُ الْـحَمِيْرِ ۧ19
۽ پنهنجي هلڻ ۾ وچٿرائيءَ اختيار ڪر، ۽ پنهنجي آواز کي ڪجهه جهڪو رک، بيشڪ سڀ کان بڇڙو آواز گڏهه جو آواز آهي.
— مولانا طاھر القادرياَلَمْ تَرَوْا اَنَّ اللّٰهَ سَـخَّرَ لَكُمْ مَّا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ وَاَسْبَغَ عَلَيْكُمْ نِعَمَهٗ ظَاهِرَةً وَّبَاطِنَةً ۭ وَمِنَ النَّاسِ مَنْ يُّجَادِلُ فِي اللّٰهِ بِغَيْرِ عِلْمٍ وَّلَا هُدًى وَّلَا كِتٰبٍ مُّنِيْرٍ 20
(اي ماڻهؤ!) ڇا توهان نه ڏٺو ته الله توهان جي لاءِ انهن سڀني شين کي تابع ڪري ڇڏيو آهي جيڪي آسمانن ۾ آهن ۽ جيڪي زمين ۾ آهن، ۽ ان پنهنجون ظاهري ۽ لڪل نعمتون توهان تي مڪمل ڪري ڇڏيون آهن. ۽ ماڻهن مان ڪي اهڙا (به) آهن جيڪي الله جي باري ۾ جهڳڙو ڪن ٿا بنا علم جي ۽ بنا هدايت جي ۽ بنا روشن ڪتاب (جي دليل) جي.
— مولانا طاھر القادري