030 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 60 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
الۗمّۗ 1ۚ
الف لام ميم (حقيقي معنيٰ الله ۽ رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم ئي بهتر ڄاڻن ٿا).
— مولانا طاھر القادريغُلِبَتِ الرُّوْمُ 2ۙ
روم وارا (فارس کان) مغلوب ٿي ويا.
— مولانا طاھر القادريفِيْٓ اَدْنَى الْاَرْضِ وَهُمْ مِّنْۢ بَعْدِ غَلَبِهِمْ سَيَغْلِبُوْنَ 3ۙ
ويجهي ملڪ ۾، ۽ اهي پنهنجي مغلوب ٿيڻ کان پوءِ جلدئي غالب ٿي ويندا.
— مولانا طاھر القادريفِيْ بِضْعِ سِنِيْنَ ڛ لِلّٰهِ الْاَمْرُ مِنْ قَبْلُ وَمِنْۢ بَعْدُ ۭ وَيَوْمَىِٕذٍ يَّفْرَحُ الْمُؤْمِنُوْنَ 4ۙ
چند ئي سالن ۾ (يعني ڏهن سالن کان گهٽ جي عرصي ۾)، حڪم ته الله جو ئي آهي پهرين (فارس جي غلبي ۾) به ۽ پوءِ (روم جي غلبي ۾) به، ۽ ان وقت ايمان وارا خوش ٿيندا.
— مولانا طاھر القادريبِنَصْرِ اللّٰهِ ۭ يَنْصُرُ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الرَّحِيْمُ 5ۙ
الله جي مدد سان، هو جنهن جي گهري ٿو مدد فرمائي ٿو، ۽ اهو غالب آهي مهربان آهي.
— مولانا طاھر القادريوَعْدَ اللّٰهِ ۭ لَا يُخْلِفُ اللّٰهُ وَعْدَهٗ وَلٰكِنَّ اَكْثَرَ النَّاسِ لَا يَعْلَمُوْنَ 6
(هي ته) الله جو وعدو آهي، الله پنهنجي وعدي جي خلاف نٿو ڪري، پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن.
— مولانا طاھر القادرييَعْلَمُوْنَ ظَاهِرًا مِّنَ الْـحَيٰوةِ الدُّنْيَا ښ وَهُمْ عَنِ الْاٰخِرَةِ هُمْ غٰفِلُوْنَ 7
اُهي (ته) دنيا جي ظاهري زندگي کي (ئي) ڄاڻن ٿا ۽ اهي ماڻهو آخرت (جي حقيقي زندگيءَ) کان غافل ۽ بي خبر آهن.
— مولانا طاھر القادرياَوَلَمْ يَتَفَكَّرُوْا فِيْٓ اَنْفُسِهِمْ ۣ مَا خَلَقَ اللّٰهُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَآ اِلَّا بِالْـحَقِّ وَاَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ وَاِنَّ كَثِيْرًا مِّنَ النَّاسِ بِلِقَاۗئِ رَبِّهِمْ لَكٰفِرُوْنَ 8
ڇا انهن پنهنجي من ۾ ڪڏهن غور ناهي ڪيو ته الله آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪو ڪجهه انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي پيدا ناهي فرمايو مگر حق (جي نظام) ۽ مقرر مدت (جي دورانيي) سان گڏ، ۽ بيشڪ گهڻا ماڻهو پنهنجي رب جي ملاقات جا انڪاري آهن.
— مولانا طاھر القادرياَوَلَمْ يَسِيْرُوْا فِي الْاَرْضِ فَيَنْظُرُوْا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ ۭ كَانُوْٓا اَشَدَّ مِنْهُمْ قُوَّةً وَّاَثَارُوا الْاَرْضَ وَعَـمَرُوْهَآ اَكْثَرَ مِـمَّا عَـمَرُوْهَا وَجَاۗءَتْهُمْ رُسُلُهُمْ بِالْبَيِّنٰتِ ۭ فَـمَا كَانَ اللّٰهُ لِيَظْلِمَهُمْ وَلٰكِنْ كَانُوْٓا اَنْفُسَهُمْ يَظْلِمُوْنَ 9ۭ
ڇا انهن ماڻهن زمين ۾ سير سفر نه ڪئي ته جيئن اُهي ڏسن ها ته اُنهن ماڻهن جو انجام ڇا ٿيو جيڪي انهن کان پهرين هئا، اُهي انهن کان وڌيڪ طاقتور هئا، ۽ انهن زمين ۾ پوکي ڪئي هئي ۽ ان کي آباد ڪيو هو، ان کان گهڻو وڌيڪ جيتري قدر هنن زمين کي آباد ڪيو آهي، پوءِ انهن وٽ سندن پيغمبر چٽيون نشانيون کڻي آيا هئا، سو الله اهڙو نه هو جو مٿن ظلم ڪري ها، پر اُهي پاڻ ئي پنهنجي جانين تي ظلم ڪري رهيا هئا.
— مولانا طاھر القادريثُـمَّ كَانَ عَاقِبَةَ الَّذِيْنَ اَسَاۗءُوا السُّوْۗآٰى اَنْ كَذَّبُوْا بِاٰيٰتِ اللّٰهِ وَكَانُوْا بِهَا يَسْتَهْزِءُوْنَ ۧ10
پوءِ انهن ماڻهن جو انجام تمام برو ٿيو جن برائيءَ ڪئي اِن ڪري جو اُهي الله جي آيتن کي ڪوڙو چوندا ۽ انهن تان ٺٺوليون ڪندا هئا.
— مولانا طاھر القادرياَللّٰهُ يَبْدَؤُا الْـخَــلْقَ ثُـمَّ يُعِيْدُهٗ ثُـمَّ اِلَيْهِ تُرْجَعُوْنَ 11
الله مخلوق کي پهريون ڀيرو پيدا فرمائي ٿو پوءِ (اهو ئي) ان کي ٻيهر پيدا فرمائيندو، پوءِ توهان ان جي طرف موٽايا ويندؤ.
— مولانا طاھر القادريوَيَوْمَ تَقُوْمُ السَّاعَةُ يُبْلِسُ الْمُجْرِمُوْنَ 12
۽ جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي ته ڏوهاري مايوس ٿي ويندا.
— مولانا طاھر القادريوَلَمْ يَكُنْ لَّهُمْ مِّنْ شُرَكَاۗىِٕهِمْ شُفَعٰۗـــؤُا وَكَانُوْا بِشُرَكَاۗىِٕهِمْ كٰفِرِيْنَ 13
۽ انهن جي (پنهنجي ٺاهيل) شريڪن مان انهن جي لاءِ سفارش ڪرڻ وارا نه هوندا ۽ اهي (نيٺ) پنهنجي شريڪن جا (ئي) منڪر ٿي ويندا.
— مولانا طاھر القادريوَيَوْمَ تَقُوْمُ السَّاعَةُ يَوْمَىِٕذٍ يَّتَفَرَّقُوْنَ 14
۽ جنهن ڏينهن قيامت برپا ٿيندي ان ڏينهن ماڻهو (نفسا نفسي ۾) الڳ الڳ ٿي ويندا.
— مولانا طاھر القادريفَاَمَّا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَهُمْ فِيْ رَوْضَةٍ يُّحْبَرُوْنَ 15
پوءِ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪندا رهيا ته اهي جنت جي باغن ۾ خوشحال، مسرور ڪيا ويندا.
— مولانا طاھر القادريوَاَمَّا الَّذِيْنَ كَفَرُوْا وَكَذَّبُوْا بِاٰيٰتِنَا وَلِقَاۗئِ الْاٰخِرَةِ فَاُولٰۗىِٕكَ فِي الْعَذَابِ مُـحْضَرُوْنَ 16
۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ۽ آخرت جي حاضري کي ڪوڙو چيو ته اِهي ئي ماڻهو عذاب ۾ حاضر ڪيا ويندا.
— مولانا طاھر القادريفَسُــبْحٰنَ اللّٰهِ حِيْنَ تُمْسُوْنَ وَحِيْنَ تُصْبِحُوْنَ 17
پوءِ توهان الله جي تسبيح ڪريو جڏهن توهان شام ڪريو (يعني سانجهيءَ ۽ سومهڻيءَ جي وقت) ۽ جڏهن توهان صبح ڪريو (يعني فجر جي وقت).
— مولانا طاھر القادريوَلَهُ الْحَمْــدُ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَعَشِـيًّا وَّحِيْنَ تُظْهِرُوْنَ 18
۽ سڀ تعريفون آسمانن ۽ زمين ۾ ان جي لاءِ آهن ۽ (توهان تسبيح ڪريو) ٽيپهريءَ جو به (يعني وچينءَ جي وقت) ۽ جڏهن توهان منجهد ڪريو (يعني اڳين جي وقت).
— مولانا طاھر القادرييُخْرِجُ الْـحَيَّ مِنَ الْمَيِّتِ وَيُخْرِجُ الْمَيِّتَ مِنَ الْـحَيِّ وَيُـحْيِ الْاَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَا ۭ وَكَذٰلِكَ تُـخْرَجُوْنَ ۧ19
اهو ئي مئل مان جيئري کي ڪڍي ٿو ۽ جيئري مان مئل کي ڪڍي ٿو ۽ زمين کي ان جي مرڻ کان پوءِ زندهه، شاداب فرمائي ٿو، ۽ توهان (به) اهڙي ريت (قبرن مان) ڪڍيا ويندؤ.
— مولانا طاھر القادريوَمِنْ اٰيٰتِهٖٓ اَنْ خَلَقَكُمْ مِّنْ تُرَابٍ ثُـمَّ اِذَآ اَنْتُمْ بَشَرٌ تَنْتَشِرُوْنَ 20
۽ هي اُن جي نشانين مان آهي ته ان توهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو پوءِ هاڻي توهان انسان آهيو جيڪي (زمين ۾) پکڙيل آهيو.
— مولانا طاھر القادري