003 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 200 آيتون ۽ 20 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
الۗـۗمَّ 1ۙ
الف لام ميم (حقيقي معنيٰ الله ۽ رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم ئي بهتر ڄاڻن ٿا).
— مولانا طاھر القادرياللّٰهُ لَآ اِلٰهَ اِلَّا ھُوَ ۙ الْـحَيُّ الْقَيُّوْمُ 2ۭ
الله، ان کانسواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي (اُهو) هميشه زنده رهڻ وارو آهي (سموري جهان کي پنهنجي تدبير سان) قائم رکندڙ آهي.
— مولانا طاھر القادرينَزَّلَ عَلَيْكَ الْكِتٰبَ بِالْـحَقِّ مُصَدِّقًا لِّمَا بَيْنَ يَدَيْهِ وَاَنْزَلَ التَّوْرٰىةَ وَالْاِنْـجِيْلَ 3ۙ
(اي محبوب!) اُن ئي (هي) ڪتاب توهان تي حق سان نازل ڪيو آهي (هي) انهن (سڀني ڪتابن) جي تصديق ڪندڙ آهي جيڪي هن کان اڳي نازل ٿيا آهن ۽ اُن ئي توريت ۽ انجيل نازل ڪيو آهي.
— مولانا طاھر القادريمِنْ قَبْلُ ھُدًى لِّلنَّاسِ وَاَنْزَلَ الْفُرْقَانَ ڛ اِنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِاٰيٰتِ اللّٰهِ لَھُمْ عَذَابٌ شَدِيْدٌ ۭ وَاللّٰهُ عَزِيْزٌ ذُو انْتِقَامٍ 4
(جيئن) هن کان پهرئين ماڻهن جي رهنمائي جي لاءِ (ڪتاب نازل ڪيا ويا) ۽ (هاڻي اهڙي طرح) ان حق ۽ باطل ۾ فرق ڪندڙ (قرآن) نازل فرمايو آهي، بيشڪ جيڪي ماڻهو الله جي آيتن جو انڪار ڪن ٿا انهن جي لاءِ سخت عذاب آهي، ۽ الله وڏو غالب بدلو وٺڻ وارو آهي.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ اللّٰهَ لَا يَـخْفٰى عَلَيْهِ شَيْءٌ فِي الْاَرْضِ وَلَا فِي السَّمَاۗءِ 5ۭ
يقيناً الله تي زمين ۽ آسمان جي ڪابه شيءِ لڪيل ناهي.
— مولانا طاھر القادريھُوَ الَّذِيْ يُصَوِّرُكُمْ فِي الْاَرْحَامِ كَيْفَ يَشَاۗءُ ۭ لَآ اِلٰهَ اِلَّا ھُوَ الْعَزِيْزُ الْـحَكِيْمُ 6
اُهوئي آهي جيڪو (مائرن جي) ٻچيدانين ۾ توهان جون صورتون جيئن گهري ٿو ٺاهي ٿو، ان کانسوءِ ڪوبه بندگي جي لائق نه آهي (اهو) وڏو غالب وڏي حڪمت وارو آهي.
— مولانا طاھر القادريھُوَ الَّذِيْٓ اَنْزَلَ عَلَيْكَ الْكِتٰبَ مِنْهُ اٰيٰتٌ مُّـحْكَـمٰتٌ ھُنَّ اُمُّ الْكِتٰبِ وَاُخَرُ مُتَشٰبِهٰتٌ ۭ فَاَمَّا الَّذِيْنَ فِيْ قُلُوْبِهِمْ زَيْغٌ فَيَتَّبِعُوْنَ مَا تَشَابَهَ مِنْهُ ابْتِغَاۗءَ الْفِتْنَةِ وَابْتِغَاۗءَ تَاْوِيْلِهٖ څ وَمَا يَعْلَمُ تَاْوِيْلَهٗ ٓ اِلَّا اللّٰهُ ڤ وَالرّٰسِـخُوْنَ فِي الْعِلْمِ يَقُوْلُوْنَ اٰمَنَّا بِهٖ ۙ كُلٌّ مِّنْ عِنْدِ رَبِّنَا ۚ وَمَا يَذَّكَّرُ اِلَّآ اُولُوا الْاَلْبَابِ 7
اهوئي آهي جنهن توهان تي ڪتاب نازل ڪيو جنهن مان ڪجهه آيتون محڪم (يعني ظاهري طور تي به صاف ۽ پڌري معنٰي رکندڙ) آهن اهي ئي ڪتاب جي (احڪام) جو بنياد آهن ۽ ٻيون آيتون متشابه (يعني معنٰي ۾ ڪئي احتمال ۽ شبها (رکندڙ) آهن سو اُهي ماڻهو جن جي دلين ۾ ڏنگائي آهي انهن مان صرف متشابهات جي پيروي ڪن ٿا (صرف) فتنو پکيڙڻ جي خواهش جي اثر هيٺ ۽ اصل مراد جي بدران من پسند معنٰي مراد وٺڻ جي ارادي سان، ۽ ان جي اصل مراد کي الله کان سواءِ ڪوبه نٿو ڄاڻي، ۽ علم ۾ مڪمل پختگي رکڻ وارا چون ٿا ته اسان ان تي ايمان آندو، سمورو (ڪتاب) اسان جي رب جي طرفان لٿو آهي، ۽ نصيحت صرف عقل وارن کي ئي نصيب ٿئي ٿي.
— مولانا طاھر القادريرَبَّنَا لَا تُزِغْ قُلُوْبَنَا بَعْدَ اِذْ ھَدَيْتَنَا وَھَبْ لَنَا مِنْ لَّدُنْكَ رَحْـمَةً ۚ اِنَّكَ اَنْتَ الْوَھَّابُ 8
(۽ عرض ڪن ٿا) اي اسان جا رب! اسان جي دلين ۾ کوٽ پيدا نه ڪر ان کان پوءِ جو تو اسان کي هدايت سان نوازيو آهي ۽ اسان کي خاص پنهنجي طرفان رحمت عطا فرماءِ، بيشڪ تون ئي وڏو عطا ڪندڙ آهين.
— مولانا طاھر القادريرَبَّنَآ اِنَّكَ جَامِعُ النَّاسِ لِيَوْمٍ لَّا رَيْبَ فِيْهِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَا يُـخْلِفُ الْمِيْعَادَ 9ۧ
اي اسان جا رب! بيشڪ تون ان ڏينهن جنهن ۾ ڪوبه شڪ نه آهي سڀني ماڻهن کي گڏ ڪندڙ آهين يقيناً الله (پنهنجي) وعدي جي خلاف نٿو ڪري.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَنْ تُغْنِىَ عَنْھُمْ اَمْوَالُھُمْ وَلَآ اَوْلَادُھُمْ مِّنَ اللّٰهِ شَـيْـــــًٔـا وَاُولٰۗىِٕكَ ھُمْ وَقُوْدُ النَّارِ ۙ10
بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو نه انهن جو مال کين الله (جي عذاب) کان ڪجهه بچائي سگهندو ۽ نه انهن جو اولاد، ۽ اهي ئي ماڻهو جهنم جو ٻارڻ آهن.
— مولانا طاھر القادريكَدَاْبِ اٰلِ فِرْعَوْنَ ۙ وَالَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ ۭ كَذَّبُوْا بِاٰيٰتِنَا ۚ فَاَخَذَھُمُ اللّٰهُ بِذُنُوْبِهِمْ وَاللّٰهُ شَدِيْدُ الْعِقَابِ 11
(انهن جو به) فرعون جي قوم ۽ ان کان اڳين قومن جهڙو طريقو آهي، جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو سڏيو ته الله انهن جي گناهن جي ڪري کين پڪڙيو، ۽ الله سخت عذاب ڏيندڙ آهي.
— مولانا طاھر القادريقُلْ لِّـلَّذِيْنَ كَفَرُوْا سَـتُغْلَبُوْنَ وَتُـحْشَرُوْنَ اِلٰى جَهَنَّمَ ۭ وَبِئْسَ الْمِهَادُ 12
ڪافرن کي فرمايو: توهان عنقريب مغلوب ٿي ويندؤ ۽ جهنم جي طرف هڪليا ويندؤ، ۽ اهو انتهائي برو ٺڪاڻو آهي.
— مولانا طاھر القادريقَدْ كَانَ لَكُمْ اٰيَةٌ فِيْ فِئَتَيْنِ الْتَقَتَا ۭ فِئَةٌ تُقَاتِلُ فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ وَاُخْرٰى كَافِرَةٌ يَّرَوْنَھُمْ مِّثْلَيْهِمْ رَاْيَ الْعَيْنِ ۭ وَاللّٰهُ يُؤَيِّدُ بِنَصْرِهٖ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَعِبْرَةً لِّاُولِي الْاَبْصَارِ 13
بيشڪ توهان جي لاءِ انهن ٻن جماعتن ۾ هڪ نشاني آهي (جيڪي بدر جي ميدان ۾) هڪٻئي سان دوبدو ٿيون، هڪ جماعت (يعني اهل ايمان) الله جي واٽ ۾ (دفاعي) جنگ ڪئي ۽ ٻئي ڪافر هئي (يعني مڪي جا ڪافر) جن مديني جي پُرامن مسلمانن تي چڙهائي ڪئي) اُهي انهن کي (پنهنجي) اکين سان پاڻ کان ٻيڻو ڏسي رهيا هئا، ۽ الله پنهنجي مدد سان جنهن کي چاهيندو آهي طاقتور ڪندو آهي، بيشڪ هن واقعي ۾ اکين وارن جي لاءِ (وڏي) عبرت آهي.
— مولانا طاھر القادريزُيِّنَ لِلنَّاسِ حُبُّ الشَّهَوٰتِ مِنَ النِّسَاۗءِ وَالْبَنِيْنَ وَالْقَنَاطِيْرِ الْمُقَنْطَرَةِ مِنَ الذَّھَبِ وَالْفِضَّةِ وَالْـخَيْلِ الْمُسَوَّمَةِ وَالْاَنْعَامِ وَالْـحَرْثِ ۭ ذٰلِكَ مَتَاعُ الْـحَيٰوةِ الدُّنْيَا ۚ وَاللّٰهُ عِنْدَهٗ حُسْنُ الْمَاٰبِ 14
ماڻهن جي لاءِ اِنهن خواهشن جي محبت (خوب) سينگاري ويئي آهي (جن ۾) عورتون ۽ اولاد ۽ سون ۽ چاندي جا گڏ ڪيل خزانا ۽ نشان ڪيل خوبصورت گهوڙا ۽ جانور ۽ ٻنيءَ (شامل آهن)، اهو (سمورو) دنيا جي زندگي جو سامان آهي، ۽ الله وٽ بهتر ٺڪاڻو آهي.
— مولانا طاھر القادريقُلْ اَؤُنَبِّئُكُمْ بِـخَيْرٍ مِّنْ ذٰلِكُمْ ۭ لِلَّذِيْنَ اتَّقَوْا عِنْدَ رَبِّهِمْ جَنّٰتٌ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْهَا وَاَزْوَاجٌ مُّطَهَّرَةٌ وَّرِضْوَانٌ مِّنَ اللّٰهِ ۭ وَاللّٰهُ بَصِيْرٌۢ بِالْعِبَادِ ۚ15
(اي محبوب)! توهان فرمايو: ڇا مان توهان کي انهن سڀني کان ڀلي شيءَ جي خبر ڏيان؟ (هائو) پرهيزگارن جي لاءِ سندن رب وٽ اهڙيون جنتون آهن جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون اُهي ان ۾ هميشه رهندا، (انهن لاءِ) پاڪ زالون هونديون ۽ (سڀ کان وڏي ڳالهه اها ته) الله جي طرفان خوشنودي نصيب ٿيندي ۽ الله ٻانهن کي خوب ڏسندڙ آهي.
— مولانا طاھر القادرياَلَّذِيْنَ يَقُوْلُوْنَ رَبَّنَآ اِنَّنَآ اٰمَنَّا فَاغْفِرْ لَنَا ذُنُوْبَنَا وَقِنَا عَذَابَ النَّارِ ۚ16
(هي اهي ماڻهو آهن) جيڪي چون ٿا اي اسان جا رب! بيشڪ اسان ايمان آندو آهي تنهنڪري اسان جا گناهه معاف فرماءِ ۽ اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچاءِ.
— مولانا طاھر القادرياَلصّٰبِرِيْنَ وَالصّٰدِقِيْنَ وَالْقٰنِـتِيْنَ وَالْمُنْفِقِيْنَ وَالْمُسْـتَغْفِرِيْنَ بِالْاَسْـحَارِ 17
(اهي ماڻهو) صبر ڪندڙ آهن ۽ قول ۽ فعل ۾ سچا آهن ۽ ادب و اطاعت ۾ جهڪندڙ آهن ۽ الله جي واٽ ۾ خرچ ڪرڻ وارا آهن ۽ رات جي پوئين پَهر ۾ (اٿي) الله کان معافي گهرڻ وارا آهن.
— مولانا طاھر القادريشَهِدَ اللّٰهُ اَنَّهٗ لَآ اِلٰهَ اِلَّا ھُوَ ۙ وَالْمَلٰۗىِٕكَةُ وَاُولُوا الْعِلْمِ قَاۗىِٕمًۢا بِالْقِسْطِ ۭ لَآ اِلٰهَ اِلَّا ھُوَ الْعَزِيْزُ الْـحَكِيْمُ ۭ18
الله ان ڳالهه تي شاهدي ڏني ته ان کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي ۽ ملائڪن ۽ علم وارن به (۽ گڏ اهو به) ته اُهو هر تدبير انصاف سان فرمائيندڙ آهي ان کانسواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي اهو غالب حڪمت وارو آهي.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ الدِّيْنَ عِنْدَ اللّٰهِ الْاِسْلَامُ ۣ وَمَا اخْتَلَفَ الَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ اِلَّا مِنْۢ بَعْدِ مَا جَاۗءَھُمُ الْعِلْمُ بَغْيًۢا بَيْنَھُمْ ۭ وَمَنْ يَّكْفُرْ بِاٰيٰتِ اللّٰهِ فَاِنَّ اللّٰهَ سَرِيْعُ الْـحِسَابِ 19
بيشڪ دين الله وٽ اسلام ئي آهي ۽ اهل ڪتاب جيڪو وٽن علم اچڻ کان پوءِ اختلاف ڪيو سو صرف هڪ ٻئي سان حسد ۽ دشمني جي ڪري هو، ۽ جيڪو الله جي آيتن جو انڪار ڪري ته بيشڪ الله حساب ۾ جلدي فرمائيندڙ آهي.
— مولانا طاھر القادريفَاِنْ حَاۗجُّوْكَ فَقُلْ اَسْلَمْتُ وَجْهِيَ لِلّٰهِ وَمَنِ اتَّبَعَنِ ۭ وَقُلْ لِّلَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ وَالْاُمِّيّٖنَ ءَاَسْلَمْتُمْ ۭ فَاِنْ اَسْلَمُوْا فَقَدِ اھْتَدَوْا ۚ وَاِنْ تَوَلَّوْا فَاِنَّـمَا عَلَيْكَ الْبَلٰغُ ۭ وَاللّٰهُ بَصِيْرٌۢ بِالْعِبَادِ ۧ20
(اي محبوب)! جيڪڏهن پوءِ به توهان سان جهگڙو ڪن ته فرمايو ته مون ۽ جنهن (به) منهنجي پيروي ڪئي پنهنجي پيشاني الله جي حضور جهڪائي ڇڏي آهي، ۽ توهان اهل ڪتاب ۽ اڻ پڙهيلن کي فرمايو: ڇا توهان به الله جي حضور جهڪو ٿا (يعني اسلام قبول ڪريو ٿا)؟ پوءِ جيڪڏهن اهي فرمانبرداري اختيار ڪن ته انهن حقيقي هدايت ماڻي، ۽ جيڪڏهن منهن موڙين ته توهان جي ذمي فقط حڪم پهچائڻ ئي آهي، ۽ الله ٻانهن کي خوب ڏسندڙ آهي.
— مولانا طاھر القادري