029 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 69 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
الۗمّۗ 1ۚ
الف لام ميم (حقيقي معنيٰ الله ۽ رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم ئي بهتر ڄاڻن ٿا).
— مولانا طاھر القادرياَحَسِبَ النَّاسُ اَنْ يُّتْرَكُوْٓا اَنْ يَّقُوْلُوْٓا اٰمَنَّا وَهُمْ لَا يُفْتَنُوْنَ 2
ڇا ماڻهو اهو ٿا سمجهن ته (صرف) انهن جي (ايترو) چوڻ سان ته اسان ايمان آندو آهي ڇڏي ڏنا ويندا ۽ انهن جو امتحان نه ورتو ويندو؟
— مولانا طاھر القادريوَلَقَدْ فَتَنَّا الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ فَلَيَعْلَمَنَّ اللّٰهُ الَّذِيْنَ صَدَقُوْا وَلَيَعْلَمَنَّ الْكٰذِبِيْنَ 3
۽ بيشڪ اسان انهن ماڻهن کي (به) آزمايو هو جيڪي انهن کان اڳ ۾ هئا سو يقيناً الله انهن ماڻهن کي ضرور (آزمائش جي ذريعي) نمايان فرمائيندو جيڪي (ايمان جي دعويٰ ۾) سچا آهن ۽ ڪوڙن کي (به) ضرور ظاهر ڪندو.
— مولانا طاھر القادرياَمْ حَسِبَ الَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ السَّـيِّاٰتِ اَنْ يَّسْبِقُوْنَا ۭ سَاۗءَ مَا يَحْكُمُوْنَ 4
ڇا اُهي ماڻهو جيڪي برا ڪم ڪن ٿا اهو گمان ڪيو اٿن ته اُهي اسان جي (قابو) مان ٻاهر نڪري ويندا؟ ڪهڙو نه برو آهي جيڪو اُهي (پنهنجي ذهنن ۾) فيصلو ڪن ٿا.
— مولانا طاھر القادريمَنْ كَانَ يَرْجُوْا لِقَاۗءَ اللّٰهِ فَاِنَّ اَجَلَ اللّٰهِ لَاٰتٍ ۭ وَهُوَ السَّمِيْعُ الْعَلِيْمُ 5
جيڪو الله جي ملاقات جي اميد رکي ٿو ته بيشڪ الله جو مقرر ڪيل وقت ضرور اچڻ وارو آهي، ۽ اُهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.
— مولانا طاھر القادريوَمَنْ جَاهَدَ فَاِنَّـمَا يُجَاهِدُ لِنَفْسِهٖ ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَغَنِيٌّ عَنِ الْعٰلَمِيْنَ 6
جيڪو شخص (حق جي واٽ ۾) جدوجهد ڪري ٿو اُهو پنهنجي ئي (فائدي جي) لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪري ٿو، بيشڪ الله سڀني جهانن (جي اطاعتن، ڪوششن ۽ مجاهدن) کان بي نياز آهي.
— مولانا طاھر القادريوَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَنُكَفِّرَنَّ عَنْهُمْ سَـيِّاٰتِهِمْ وَلَنَجْزِيَنَّهُمْ اَحْسَنَ الَّذِيْ كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 7
۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪندا رهيا ته اسان انهن جون سموريون خطائون سندن (اعمالنامي) مان مٽائي ڇڏينداسين ۽ اسان يقيناً انهن کي ان کان بهتر جزا عطا فرمائينداسين جيڪو عمل اُهي (واقعي) ڪندا رهيا هئا.
— مولانا طاھر القادريوَوَصَّيْنَا الْاِنْسَانَ بِوَالِدَيْهِ حُسْـنًا ۭ وَاِنْ جَاهَدٰكَ لِتُشْرِكَ بِيْ مَا لَيْسَ لَكَ بِهٖ عِلْمٌ فَلَا تُطِعْهُمَا ۭ اِلَيَّ مَرْجِعُكُمْ فَاُنَبِّئُكُمْ بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ 8
۽ اسان انسان کي سندس ماءُ پيءُ سان سٺو ورتاءُ جو حڪم فرمايو ۽ جيڪڏهن اُهي توتي (اها) ڪوشش ڪن ته تون مون سان ان شيءِ کي شريڪ ڪر جنهن جي توکي ڪابه ڄاڻ نه آهي ته انهن جي اطاعت نه ڪر، مون ڏانهن ئي توهان (سڀني) کي موٽڻو آهي پوءِ آئون توهان کي انهن (ڪمن) کان آگاهه ڪندس جيڪي توهان (دنيا ۾) ڪندا هئا.
— مولانا طاھر القادريوَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَــنُدْخِلَنَّهُمْ فِي الصّٰلِحِيْنَ 9
۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪندا رهيا ته اسان انهن کي ضرور نيڪن (جي ٽولي) ۾ داخل فرمائينداسين.
— مولانا طاھر القادريوَمِنَ النَّاسِ مَنْ يَّقُوْلُ اٰمَنَّا بِاللّٰهِ فَاِذَآ اُوْذِيَ فِي اللّٰهِ جَعَلَ فِتْنَةَ النَّاسِ كَعَذَابِ اللّٰهِ ۭ وَلَىِٕنْ جَاۗءَ نَصْرٌ مِّنْ رَّبِّكَ لَيَقُوْلُنَّ اِنَّا كُنَّا مَعَكُمْ ۭ اَوَلَيْسَ اللّٰهُ بِاَعْلَمَ بِـمَا فِيْ صُدُوْرِ الْعٰلَمِيْنَ 10
۽ ماڻهن ۾ اهڙا شخص (به) هوندا آهن جيڪي (زبان سان) چون ٿا ته ته اسان الله تي ايمان آندو پوءِ جڏهن انهن کي الله جي واٽ ۾ (ڪا) تڪليف پهچائي وڃي ٿي ته اُهي ماڻهن جي آزمائش کي الله جي عذاب وانگر سمجهن ٿا، ۽ جيڪڏهن توهان جي رب جي طرفان ڪا مدد اچي ٿي ته اُهي يقيناً اِهو چوندا ته اسين ته توهان سان گڏ ئي آهيون، ڇا الله انهن (ڳالهين) کي نٿو ڄاڻي جيڪي جهان وارن جي سينن ۾ (لڪل) آهن.
— مولانا طاھر القادريوَلَيَعْلَمَنَّ اللّٰهُ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَلَيَعْلَمَنَّ الْمُنٰفِقِيْنَ 11
۽ الله ضرور اهڙن ماڻهن کي ممتاز فرمائيندو جن (سچي دل سان) ايمان آندو آهي ۽ منافقن کي (به) ضرور ظاهر ڪندو.
— مولانا طاھر القادريوَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لِلَّذِيْنَ اٰمَنُوا اتَّبِعُوْا سَبِيْلَنَا وَلْنَحْمِلْ خَطٰيٰكُمْ ۭ وَمَا هُمْ بِحٰمِلِيْنَ مِنْ خَطٰيٰهُمْ مِّنْ شَيْءٍ ۭ اِنَّهُمْ لَكٰذِبُوْنَ 12
۽ ڪافر ايمان وارن کي چون ٿا ته توهان اسان جي واٽ جي پيروي ڪريو ۽ اسان توهان جي گناهن (جي بار) کي کڻنداسين، حالانڪه اُهي انهن جي گناهن جو ڪجهه به (بار) کڻڻ وارا ناهن بيشڪ اُهي ڪوڙا آهن.
— مولانا طاھر القادريوَلَيَحْمِلُنَّ اَثْــقَالَهُمْ وَاَثْــقَالًا مَّعَ اَثْقَالِهِمْ ۡ وَلَيُسْـَٔــلُنَّ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ عَـمَّا كَانُوْا يَفْتَرُوْنَ ۧ13
اهي يقيناً پنهنجي (گناهن جا) بار کڻندا ۽ پنهنجي بارن سان گڏ گهڻا (ٻيا) بار (به مٿن لڏيل هوندا) ۽ انهن کان قيامت جي ڏينهن انهن (بهتانن) جي ضرور پڇا ڪئي ويندي جيڪي اُهي گهڙيندا هئا.
— مولانا طاھر القادريوَلَقَدْ اَرْسَلْنَا نُوْحًا اِلٰى قَوْمِهٖ فَلَبِثَ فِيْهِمْ اَلْفَ سَنَةٍ اِلَّا خَمْسِيْنَ عَامًا ۭ فَاَخَذَهُمُ الطُّوْفَانُ وَهُمْ ظٰلِمُوْنَ 14
۽ بيشڪ اسان نوح (عليه السلام) کي ان جي قوم ڏانهن موڪليو ته اُهو انهن ۾ پنجاهه گهٽ هڪ هزار سال رهيو پوءِ انهن ماڻهن کي طوفان اچي ورايو ان حال ۾ جو اُهي ظالم هئا.
— مولانا طاھر القادريفَاَنْجَيْنٰهُ وَاَصْحٰبَ السَّفِيْنَةِ وَجَعَلْنٰهَآ اٰيَةً لِّــلْعٰلَمِيْنَ 15
پوءِ اسان نوح (عليه السلام) کي ۽ (ساڻس گڏ) ٻيڙيءَ وارن کي نجات ڏني ۽ اسان ان (ٻيڙيءَ ۽ واقعي) کي سڀني جهان وارن جي لاءِ نشاني بڻايو.
— مولانا طاھر القادريوَاِبْرٰهِيْمَ اِذْ قَالَ لِقَوْمِهِ اعْبُدُوا اللّٰهَ وَاتَّــقُوْهُ ۭ ذٰلِكُمْ خَيْرٌ لَّكُمْ اِنْ كُنْتُمْ تَعْلَمُوْنَ 16
۽ ابراهيم (عليه السلام) کي (ياد ڪريو) جڏهن ان پنهنجي قوم کي فرمايو ته توهان الله جي عبادت ڪريو ۽ ان کان ڊڄو، اهو ئي توهان جي حق ۾ بهتر آهي جيڪڏهن توهان (حقيقت کي) ڄاڻو ٿا.
— مولانا طاھر القادرياِنَّـمَا تَعْبُدُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ اَوْثَانًا وَّتَخْلُقُوْنَ اِفْكًا ۭ اِنَّ الَّذِيْنَ تَعْبُدُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ لَا يَمْلِكُوْنَ لَكُمْ رِزْقًا فَابْتَغُوْا عِنْدَ اللّٰهِ الرِّزْقَ وَاعْبُدُوْهُ وَاشْكُرُوْا لَهٗ ۭ اِلَيْهِ تُرْجَعُوْنَ 17
توهان ته الله کانسواءِ بتن جي پوڄا ڪريو ٿا ۽ رڳو ڪوڙ ٺاهيو ٿا، بيشڪ توهان الله کانسواءِ جن جي پوڄا ڪريو ٿا اُهي توهان جي لاءِ رزق جا مالڪ نه آهن پوءِ توهان الله جي بارگاهه مان رزق گهرو ۽ ان جي ئي عبادت ڪريو ۽ ان جو ئي شڪر بجا آڻيو، توهان کي انهيءَ جي طرف موٽايو ويندؤ.
— مولانا طاھر القادريوَاِنْ تُكَذِّبُوْا فَقَدْ كَذَّبَ اُمَمٌ مِّنْ قَبْلِكُمْ ۭ وَمَا عَلَي الرَّسُوْلِ اِلَّا الْبَلٰــغُ الْمُبِيْنُ 18
۽ جيڪڏهن توهان (منهنجي ڳالهين کي) ڪوڙو چيو ته يقيناً توهان کان اڳ ۾ (به) ڪيئي امتون (حق کي) ڪوڙو چئي چڪيون آهن، ۽ رسول تي واضح طريقي سان (احڪام) پهچائڻ کانسواءِ (ڪجهه لازم) نه آهي.
— مولانا طاھر القادرياَوَلَمْ يَرَوْا كَيْفَ يُبْدِئُ اللّٰهُ الْـخَــلْقَ ثُـمَّ يُعِيْدُهٗ ۭ اِنَّ ذٰلِكَ عَلَي اللّٰهِ يَسِيْرٌ 19
ڇا انهن نه ڏٺو (يعني غور نه ڪيو) ته الله ڪيئن خلقڻ جي ابتدا فرمائي ٿو پوءِ (اهڙي طرح) ان جو اعادو فرمائي ٿو. بيشڪ اهو (ڪم) الله تي آسان آهي.
— مولانا طاھر القادريقُلْ سِيْرُوْا فِي الْاَرْضِ فَانْظُرُوْاكَيْفَ بَدَاَ الْـخَــلْقَ ثُـمَّ اللّٰهُ يُنْشِئُ النَّشْاَةَ الْاٰخِرَةَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ ۚ20
فرمايو: توهان زمين ۾ (ڪائناتي زندگي جي مطالعي لاءِ) گهمو ڦرو، پوءِ ڏسو (يعني غور ۽ تحقيق ڪريو) ته ان مخلوق جي (زندگي جي) شروعات ڪيئن فرمائي پوءِ اُهو ٻي زندگيءَ کي ڪيئن کڻي (ترقيءَ جي مرحلن مان گذاريندي) وڌائي وڏو ڪري ٿو. بيشڪ الله هر شيءِ تي وڏي قدرت رکندڙ آهي.
— مولانا طاھر القادري