028 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 88 آيتون ۽ 9 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
طٰسۗمّۗ 1
طا سين ميم (حقيقي معنيٰ الله ۽ رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم ئي بهتر ڄاڻن ٿا).
— مولانا طاھر القادريتِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ 2
هي روشن ڪتاب جون آيتون آهن.
— مولانا طاھر القادرينَتْلُوْا عَلَيْكَ مِنْ نَّبَاِ مُوْسٰى وَفِرْعَوْنَ بِالْـحَقِّ لِقَوْمٍ يُّؤْمِنُوْنَ 3
(اي حبيب مڪرم!) اسان توهان تي موسيٰ (عليه السلام) ۽ فرعون جي حقيقت تي مشتمل حال مان انهن ماڻهن جي لاءِ ڪجهه پڙهي ٻڌايون ٿا جيڪي ايمان رکن ٿا.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ فِرْعَوْنَ عَلَا فِي الْاَرْضِ وَجَعَلَ اَهْلَهَا شِيَعًا يَّسْتَضْعِفُ طَاۗىِٕفَةً مِّنْهُمْ يُذَ بِّحُ اَبْنَاۗءَهُمْ وَيَسْتَحْيٖ نِسَاۗءَهُمْ ۭ اِنَّهٗ كَانَ مِنَ الْمُفْسِدِيْنَ 4
بيشڪ فرعون زمين ۾ سرڪش ۽ متڪبّر (يعني آمرِ مطلق) ٿي ويو هو ۽ ان پنهنجي (ملڪ جي) رهاڪن کي (مختلف) فرقن (۽ ٽولن) ۾ ورهائي ڇڏيو هو ان انهن مان هڪ ٽولي (يعني بني اسرائيل جي عوام) کي ڪمزور ڪري ڇڏيو هو جو انهن جي ڇوڪرن کي (انهن جي مستقبل جي طاقت چٿڻ جي لاءِ) ذبح ڪري ڪندو ۽ انهن جي عورتن کي جيئرو ڇڏي ڏيندو هو (ته جيئن مردن کان سواءِ انهن جو انگ وڌي ۽ انهن جي اخلاقي ڇڙواڳي ۾ اضافو ٿئي)، بيشڪ اُهو فسادي ماڻهن مان هو.
— مولانا طاھر القادريوَنُرِيْدُ اَنْ نَّمُنَّ عَلَي الَّذِيْنَ اسْتُضْعِفُوْا فِي الْاَرْضِ وَنَجْعَلَهُمْ اَىِٕمَّةً وَّنَجْعَلَهُمُ الْوٰرِثِيْنَ 5ۙ
۽ اسان چاهيون ٿا ته اسان اهڙن ماڻهن تي احسان ڪريون جيڪي زمين ۾ (حقن ۽ آزادي کان محروم ۽ ظلم و استحصال جي ڪري) ڪمزور ڪيا ويا هئا ۽ انهن کي (مظلوم قوم جا) رهبر ۽ اڳواڻ بڻايون ۽ انهن کي (ملڪي تخت جو) وارث بڻايون.
— مولانا طاھر القادريوَنُمَكِّنَ لَهُمْ فِي الْاَرْضِ وَنُرِيَ فِرْعَوْنَ وَهَامٰنَ وَجُنُوْدَهُمَا مِنْهُمْ مَّا كَانُوْا يَحْذَرُوْنَ 6
۽ اسان انهن کي ملڪ ۾ حڪومت ۽ اقتدار بخشيون ۽ فرعون ۽ هامان ۽ انهن ٻنهي جي فوجن کي اُهو (انقلاب) ڏيکاريون جنهن کان اُهي ڊنا ٿي.
— مولانا طاھر القادريوَاَوْحَيْنَآ اِلٰٓى اُمِّ مُوْسٰٓى اَنْ اَرْضِعِيْهِ ۚ فَاِذَا خِفْتِ عَلَيْهِ فَاَلْقِيْهِ فِي الْيَمِّ وَلَا تَخَافِيْ وَلَا تَحْـزَنِيْ ۚ اِنَّا رَاۗدُّوْهُ اِلَيْكِ وَجَاعِلُوْهُ مِنَ الْمُرْسَلِيْنَ 7
۽ اسان موسيٰ (عليه السلام) جي امڙ جي دل ۾ اها ڳالهه وڌي ته تون ان کي کير پياريندي رهه پوءِ جڏهن توکي ان تي (قتل ڪئي وڃڻ جو) ڊپ ٿئي ته ان کي درياءُ ۾ وجهي ڇڏ ۽ نه تون (انهيءَ صورتحال کان) خوف ڪر ۽ نه غمگين ٿئي بيشڪ اسان ان کي تو ڏانهن واپس موٽائڻ وارا آهيون ۽ انهن کي رسولن ۾ (شامل) ڪرڻ وارا آهيون.
— مولانا طاھر القادريفَالْتَقَطَهٗ ٓ اٰلُ فِرْعَوْنَ لِيَكُوْنَ لَهُمْ عَدُوًّا وَّحَزَنًا ۭ اِنَّ فِرْعَوْنَ وَهَامٰنَ وَجُنُوْدَهُمَا كَانُوْا خٰطِـــــِٕيْنَ 8
پوءِ فرعون جي گهروارن ان کي (درياءُ مان) کڻي ورتو ته جيئن اُهي (الله جي مرضي سان) انهن جي لاءِ دشمن ۽ غم (جو سبب) ثابت ٿين. بيشڪ فرعون ۽ هامان ۽ انهن ٻنهي جون فوجون سڀ ڏوهاري هئا.
— مولانا طاھر القادريوَقَالَتِ امْرَاَتُ فِرْعَوْنَ قُرَّةُ عَيْنٍ لِّيْ وَلَكَ ۭ لَا تَقْتُلُوْهُ ڰ عَسٰٓى اَنْ يَّنْفَعَنَآ اَوْ نَتَّخِذَهٗ وَلَدًا وَّهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ 9
۽ فرعون جي زال (موسيٰ عليه السلام کي ڏسي) چيو ته (هي ٻار) منهنجي ۽ تنهنجي اکين جو ٺار آهي. هن کي قتل نه ڪر، شايد هي اسان کي فائدو پهچائي يا اسان هن کي پٽ بڻايون ۽ اُهو (ان تجويز جي نتيجي کان) بي خبر هو.
— مولانا طاھر القادريوَاَصْبَحَ فُؤَادُ اُمِّ مُوْسٰى فٰرِغًا ۭ اِنْ كَادَتْ لَتُبْدِيْ بِهٖ لَوْلَآ اَنْ رَّبَطْنَا عَلٰي قَلْبِهَا لِتَكُوْنَ مِنَ الْمُؤْمِنِيْنَ 10
۽ موسيٰ (عليه السلام) جي امڙ جي دل (صبر کان) خالي ٿي ويئي، قريب هو جو اُها (پنهنجي بي قراري جي ڪري) ان راز کي ظاهر ڪري ويهي ها جيڪڏهن اسان سندس دل تي صبر ۽ سڪون جي سگھ نه لاهيون ها ته جيئن اُها (الله جي وعدي تي) يقين رکڻ وارن مان رهي.
— مولانا طاھر القادريوَقَالَتْ لِاُخْتِهٖ قُصِّيْهِ ۡ فَبَصُرَتْ بِهٖ عَنْ جُنُبٍ وَّهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ ۙ11
۽ (موسيٰ عليه السلام جي امڙ) ان جي ڀيڻ کي چيو ته (ان جو حال معلوم ڪرڻ جي لاءِ) ان جي پويان وڃ پوءِ اُها ان کي پري کان ڏسندي رهي ۽ اُهي ماڻهو (بلڪل) بي خبر هئا.
— مولانا طاھر القادريوَحَرَّمْنَا عَلَيْهِ الْمَرَاضِعَ مِنْ قَبْلُ فَقَالَتْ هَلْ اَدُلُّكُمْ عَلٰٓي اَهْلِ بَيْتٍ يَّكْفُلُوْنَهٗ لَكُمْ وَهُمْ لَهٗ نٰصِحُوْنَ 12
۽ اسان اڳيئي موسيٰ (عليه السلام) تي دائين جو کير حرام ڪري ڇڏيو هو پوءِ (موسيٰ عليه السلام جي ڀيڻ) چيو: ڇا مان توهان کي اهڙو گهراڻو ڏسيان جيڪي توهان جي لاءِ هن (ٻار) جي پالتا ڪن ۽ اُهي هن جا گهڻگهرا (به) هجن.
— مولانا طاھر القادريفَرَدَدْنٰهُ اِلٰٓى اُمِّهٖ كَيْ تَــقَرَّ عَيْنُهَا وَلَا تَحْزَنَ وَلِتَعْلَمَ اَنَّ وَعْدَ اللّٰهِ حَقٌّ وَّلٰكِنَّ اَكْثَرَهُمْ لَا يَعْلَمُوْنَ ۧ13
پوءِ اسان موسيٰ (عليه السلام) کي (ائين) سندن امر وٽ موٽايوسين ته جيئن ان جي اک ٿڌي رهي ۽ اُها غمگين نه ٿئي ۽ ته جيئن اُها (يقين سان) ڄاڻي ته الله جو وعدو سچو آهي پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن.
— مولانا طاھر القادريوَلَمَّا بَلَغَ اَشُدَّهٗ وَاسْتَوٰٓى اٰتَيْنٰهُ حُكْمًا وَّعِلْمًا ۭ وَكَذٰلِكَ نَجْزِي الْمُحْسِنِيْنَ 14
۽ جڏهن موسيٰ (عليه السلام) پنهنجي جواني کي پهتا ۽ اعتدال (جي عمر) تي آيا ته اسان کين حڪمِ (نبوت) ۽ علم و دانش سان نوازيو، ۽ اسان نيڪن کي اهڙي طرح صلو ڏيندا آهيون.
— مولانا طاھر القادريوَدَخَلَ الْمَدِيْنَةَ عَلٰي حِيْنِ غَفْلَةٍ مِّنْ اَهْلِهَا فَوَجَدَ فِيْهَا رَجُلَيْنِ يَـقْتَتِلٰنِ ڭ هٰذَا مِنْ شِيْعَتِهٖ وَهٰذَا مِنْ عَدُوِّه ٖ ۚ فَاسْتَغَاثَهُ الَّذِيْ مِنْ شِيْعَتِهٖ عَلَي الَّذِيْ مِنْ عَدُوِّهٖ ۙ فَوَكَزَهٗ مُوْسٰى فَقَضٰى عَلَيْهِ ڭ قَالَ هٰذَا مِنْ عَمَلِ الشَّيْطٰنِ ۭ اِنَّهٗ عَدُوٌّ مُّضِلٌّ مُّبِيْنٌ 15
۽ موسيٰ (عليه السلام) (مصر جي) شهر ۾ داخل ٿيا ان حال ۾ ته شهر جا رهواسي (ننڊ ۾) غافل پيا هئا. ته هن ان ۾ ٻن مردن کي پاڻ ۾ وڙهندي ڏٺائين هي (هڪ) ته ان جي (پنهنجي) جماعت (بني اسرائيل) مان هو ۽ هي (ٻيو) ان جي دشمنن (فرعون جي قوم) مان هو پوءِ ان شخص جيڪو انهن جي جماعت مان هو کانئن ان شخص جي خلاف مدد گهريائين جيڪو سندن دشمنن مان هو پوءِ موسيٰ (عليه السلام) ان کي مُڪ هنئي ته ان جو ڪم ڪري ڇڏيائين (پوءِ) فرمائڻ لڳا هي شيطان جو ڪم آهي (جيڪو مون کان سرزد ٿيو آهي)، بيشڪ اهو پڌرو برغلائيندڙ دشمن آهي.
— مولانا طاھر القادريقَالَ رَبِّ اِنِّىْ ظَلَمْتُ نَفْسِيْ فَاغْفِرْ لِيْ فَغَفَرَ لَهٗ ۭ اِنَّهٗ هُوَ الْغَفُوْرُ الرَّحِيْمُ 16
(موسيٰ عليه السلام) عرض ڪرڻ لڳا: اي منهنجا رب! بيشڪ مون پنهنجي جان تي ظلم ڪيو پوءِ تون مون کي معاف فرماءِ پوءِ ان کيس معاف فرمايو، بيشڪ اهو وڏو بخشيندڙ نهايت مهربان آهي.
— مولانا طاھر القادريقَالَ رَبِّ بِـمَآ اَنْعَمْتَ عَلَيَّ فَلَنْ اَكُوْنَ ظَهِيْرًا لِّلْمُجْرِمِيْنَ 17
(وڌيڪ) عرض ڪرڻ لڳو: اي منهنجا پالڻهار! ان سببان جو تو مون تي (پنهنجي معافي جي ذريعي) احسان فرمايو آهي هاڻي آئون هرگز ڏوهارين جو مددگار نه ٿيندس.
— مولانا طاھر القادريفَاَصْبَحَ فِي الْمَدِيْنَةِ خَاۗىِٕفًا يَّتَرَقَّبُ فَاِذَا الَّذِي اسْتَـنْصَرَهٗ بِالْاَمْسِ يَسْتَــصْرِخُهٗ ۭ قَالَ لَهٗ مُوْسٰٓى اِنَّكَ لَغَوِيٌّ مُّبِيْنٌ 18
پوءِ موسيٰ (عليه السلام) ان شهر ۾ ڊڄندي صبح ڪيو انهيءَ انتظار ۾ (ته هاڻي ڇا ٿيندو؟) ته اوچتو اهو ئي شخص جنهن کانئن گذريل ڏينهن مدد گهري هئي کين (ٻيهر) مدد جي لاءِ سڏي رهيو آهي ته موسيٰ (عليه السلام) کيس چيو: بيشڪ تون پڌرو گمراهه آهين.
— مولانا طاھر القادريفَلَمَّآ اَنْ اَرَادَ اَنْ يَّبْطِشَ بِالَّذِيْ هُوَ عَدُوٌّ لَّهُمَا ۙ قَالَ يٰمُوْسٰٓى اَتُرِيْدُ اَنْ تَــقْتُلَنِيْ كَـمَا قَتَلْتَ نَفْسًۢا بِالْاَمْسِ ڰ اِنْ تُرِيْدُ اِلَّآ اَنْ تَكُوْنَ جَبَّارًا فِي الْاَرْضِ وَمَا تُرِيْدُ اَنْ تَكُوْنَ مِنَ الْمُصْلِحِيْنَ 19
سو جڏهن ان ارادو ڪيو ته ان شخص کي پڪڙي جيڪو انهن ٻنهي جو دشمن آهي ته اُهو چوڻ لڳو: اي موسيٰ! ڇا تون مون کي (به) قتل ڪرڻ چاهين ٿو جيئن تو ڪالهه هڪ شخص کي قتل ڪري ڇڏيو هو. تون صرف اهو ئي چاهين ٿو ته ملڪ ۾ وڏو جابر بڻجي وڃين ۽ تون اهو نٿو چاهين ته سڌارو ڪندڙن مان ٿئين.
— مولانا طاھر القادريوَجَاۗءَ رَجُلٌ مِّنْ اَقْصَا الْمَدِيْنَةِ يَسْعٰى ۡ قَالَ يٰمُوْسٰٓى اِنَّ الْمَلَاَ يَاْتَمِرُوْنَ بِكَ لِيَقْتُلُوْكَ فَاخْرُجْ اِنِّىْ لَكَ مِنَ النّٰصِحِيْنَ 20
۽ شهر جي آخري ڇيڙي کان هڪ شخص ڊوڙندو آيو ان چيو: اي موسيٰ! (فرعون جي قوم جا) سردار توهان جي باري ۾ مشورو ڪري رهيا آهن ته اُهي توهان کي قتل ڪن سو توهان (هتان کان) نڪري وڃو بيشڪ آئون توهان جي خيرخواهن مان آهيان.
— مولانا طاھر القادري