027 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 93 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
طٰسۗ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْقُرْاٰنِ وَكِتَابٍ مُّبِيْنٍ 1ۙ
طا سين (حقيقي معنيٰ الله ۽ رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم ئي بهتر ڄاڻن ٿا)، هي قرآن ۽ روشن ڪتاب جون آيتون آهن.
— مولانا طاھر القادريهُدًى وَّبُشْرٰي لِلْمُؤْمِنِيْنَ 2ۙ
(جيڪو) هدايت آهي ۽ (اهڙن) ايمان وارن جي لاءِ خوشخبري آهي.
— مولانا طاھر القادريالَّذِيْنَ يُقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَيُؤْتُوْنَ الزَّكٰوةَ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ يُوْقِنُوْنَ 3
جيڪي نماز قائم ڪن ٿا ۽ زڪواة ادا ڪن ٿا ۽ اُهي ئي آهن جيڪي آخرت تي (به) يقين رکن ٿا.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ الَّذِيْنَ لَا يُؤْمِنُوْنَ بِالْاٰخِرَةِ زَيَّنَّا لَهُمْ اَعْـمَالَهُمْ فَهُمْ يَعْمَهُوْنَ 4ۭ
بيشڪ جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان نٿا رکن اسان انهن جا (برا) عمل (سندن نگاهن ۾) سهڻا ڪري ڇڏيا آهن سو اُهي (گمراهي ۾) ڀٽڪندا رهن ٿا.
— مولانا طاھر القادرياُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ لَهُمْ سُوْۗءُ الْعَذَابِ وَهُمْ فِي الْاٰخِرَةِ هُمُ الْاَخْسَرُوْنَ 5
اِهي ئي اُهي ماڻهو آهن جن جي لاءِ بڇڙو عذاب آهي ۽ اهي ئي ماڻهو آخرت ۾ (سڀني کان) وڌيڪ نقصان کڻڻ وارا آهن.
— مولانا طاھر القادريوَاِنَّكَ لَتُلَقَّى الْقُرْاٰنَ مِنْ لَّدُنْ حَكِيْمٍ عَلِيْمٍ 6
بيشڪ توهان کي (هي) قرآن وڏي حڪمت واري، علم واري (رب) جي طرفان سيکاريو پيو وڃي.
— مولانا طاھر القادرياِذْ قَالَ مُوْسٰي لِاَهْلِهٖٓ اِنِّىْٓ اٰنَسْتُ نَارًا ۭ سَاٰتِيْكُمْ مِّنْهَا بِخَــبَرٍ اَوْ اٰتِيْكُمْ بِشِهَابٍ قَبَسٍ لَّعَلَّكُمْ تَصْطَلُوْنَ 7
(اهو واقعو ياد ڪريو) جڏهن موسيٰ (عليه السلام) پنهنجي گهرواري کي فرمايو ته مون هڪ باهه ڏٺي آهي (يا مون کي باهه ۾ هڪ محبت ۽ ورونهه جو چمڪو نظر آيو آهي)، اجهو مان توهان وٽ ان مان وٽس پتو وٺي ٿو اچان (جنهن جي لاءِ مدتن کان رڻ پٽن ۾ ڦرون پيا ٿا) يا توهان کي (به ان مان) ڪو چمڪندڙ ٽانڊو ٿو آڻي ڏيان ته جيئن توهان (به ان جي گرمي کان) تپي پئو.
— مولانا طاھر القادريفَلَمَّا جَاۗءَهَا نُوْدِيَ اَنْۢ بُوْرِكَ مَنْ فِي النَّارِ وَمَنْ حَوْلَهَا ۭ وَسُـبْحٰنَ اللّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ 8
پوءِ جڏهن اُهو ان وٽ اچي پهتو ته آواز ڏنو ويو ته برڪت وارو آهي جيڪو هن باهه ۾ (پنهنجي حجابِ نور جي تجلي فرمائي رهيو) آهي ۽ اُهو (به) جيڪو ان جي چوڌاري (خدائي جلون جي روشني ۾) آهي، ۽ الله (هر قسم جي جسم ۽ مثال کان) پاڪ آهي جيڪو سڀني جهانن جو رب آهي.
— مولانا طاھر القادرييٰمُوْسٰٓي اِنَّهٗ ٓ اَنَا اللّٰهُ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 9ۙ
اي موسيٰ! بيشڪ اُهو (جلوي فرمائڻ وارو) آئون ئي الله آهيان جيڪو نهايت غالب حڪمت وارو آهي.
— مولانا طاھر القادريوَاَلْقِ عَصَاكَ ۭ فَلَمَّا رَاٰهَا تَهْتَزُّ كَاَنَّهَا جَاۗنٌّ وَّلّٰى مُدْبِرًا وَّلَمْ يُعَقِّبْ ۭ يٰمُوْسٰي لَا تَخَفْ ۣ اِنِّىْ لَا يَخَافُ لَدَيَّ الْمُرْسَلُوْنَ ڰ 10
۽ (اي موسيٰ!) پنهنجي لٺ (زمين تي) اڇلاءِ، پوءِ جڏهن (موسيٰ عليه السلام لٺ کي زمين تي اڇلائڻ کانپوءِ) ان کي ڏٺائين ته نانگ وانگر تيز چرپر ڪري رهي آهي ته (فطري رد عمل طور) پٺ ڏيئي ڀڳا ۽ پوئتي مڙي (به) نه ڏٺائون (ارشاد ٿيو): اي موسيٰ! ڊپ نه ڪر بيشڪ پيغمبر منهنجي حضور ڊڄندا ناهن.
— مولانا طاھر القادرياِلَّا مَنْ ظَلَمَ ثُـمَّ بَدَّلَ حُسْـنًۢا بَعْدَ سُوْۗءٍ فَاِنِّىْ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 11
مگر جنهن ظلم ڪيو پوءِ برائي کانپوءِ (ان کي) نيڪي سان تبديل ڪيائين ته بيشڪ آئون وڏو بخشيندڙ نهايت مهربان آهيان.
— مولانا طاھر القادريوَاَدْخِلْ يَدَكَ فِيْ جَيْبِكَ تَخْرُجْ بَيْضَاۗءَ مِنْ غَيْرِ سُوْۗءٍ ۣ فِيْ تِسْعِ اٰيٰتٍ اِلٰى فِرْعَوْنَ وَقَوْمِهٖ ۭ اِنَّهُمْ كَانُوْا قَوْمًا فٰسِقِيْنَ 12
۽ تون پنهنجو هٿ پنهنجي گريبان ۾ وجهه اُهو بنا ڪنهن عيب جي اڇو چمڪدار (ٿي) نڪرندو (اِهي ٻئي الله جي انهن) نوَ نشانين مان آهن (سي کڻي) فرعون ۽ ان جي قوم وٽ وڃ. بيشڪ اهي نافرمان قوم آهن.
— مولانا طاھر القادريفَلَمَّا جَاۗءَتْهُمْ اٰيٰتُنَا مُبْصِرَةً قَالُوْا ھٰذَا سِحْرٌ مُّبِيْنٌ ۚ13
پوءِ جڏهن انهن وٽ اسان جون نشانيون پڌريون ۽ روشن ٿي پهتيون ته اُهي چوڻ لڳا ته هي پڌرو جادو آهي.
— مولانا طاھر القادريوَجَحَدُوْا بِهَا وَاسْتَيْقَنَتْهَآ اَنْفُسُهُمْ ظُلْمًا وَّعُلُوًّا ۭ فَانْظُرْ كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُفْسِدِيْنَ ۧ14
۽ انهن ظلم ۽ وڏائي سبب انهن جو سراسر انڪار ڪري ڇڏيو حالانڪه انهن جون دليون انهن (نشانين جي حق هجڻ) جو يقين ڪري چڪيون هيون. پوءِ توهان ڏسو ته فساد برپا ڪرڻ وارن جو ڪهڙو (برو) انجام ٿيو.
— مولانا طاھر القادريوَلَقَدْ اٰتَيْنَا دَاوٗدَ وَسُلَيْمٰنَ عِلْمًا ۚ وَقَالَا الْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْ فَضَّلَنَا عَلٰي كَثِيْرٍ مِّنْ عِبَادِهِ الْمُؤْمِنِيْنَ 15
۽ بيشڪ اسان داؤد ۽ سليمان (عليهما السلام) کي (غير معمولي) علم عطا ڪيو، ۽ ٻنهي چيو ته سڀ تعريفون الله جي ئي لاءِ آهن جنهن اسان کي پنهنجي گهڻن مومن ٻانهن تي فضيلت بخشي آهي.
— مولانا طاھر القادريوَوَرِثَ سُلَيْمٰنُ دَاوٗدَ وَقَالَ يٰٓاَيُّهَا النَّاسُ عُلِّمْنَا مَنْطِقَ الطَّيْرِ وَاُوْتِيْنَا مِنْ كُلِّ شَيْءٍ ۭ اِنَّ ھٰذَا لَهُوَ الْفَضْلُ الْمُبِيْنُ 16
۽ سليمان (عليه السلام)، داؤد (عليه السلام) جا جانشين ٿيا ۽ ان چيو: اي ماڻهؤ! اسان کي پکين جي ٻولي (به) سيکاري ويئي آهي ۽ اسان کي هر شيءِ عطا ڪئي ويئي آهي. بيشڪ اهو (الله جو) چٽو فضل آهي.
— مولانا طاھر القادريوَحُشِرَ لِسُلَيْمٰنَ جُنُوْدُهٗ مِنَ الْجِنِّ وَالْاِنْسِ وَالطَّيْرِ فَهُمْ يُوْزَعُوْنَ 17
۽ سليمان (عليه السلام) جي لاءِ ان جا لشڪر جنن ۽ انسانن ۽ پکين (جي تمام جنسن) مان گڏ ڪيا ويا هئا، اهڙي طرح اهي انتظام ۽ تربيت جي لاءِ (انهن جي خدمت ۾) روڪيا ويندا هئا.
— مولانا طاھر القادريحَتّىٰٓ اِذَآ اَتَوْا عَلٰي وَادِ النَّمْلِ ۙ قَالَتْ نَمْــلَةٌ يّـٰٓاَيُّهَا النَّمْلُ ادْخُلُوْا مَسٰكِنَكُمْ ۚ لَا يَحْطِمَنَّكُمْ سُلَيْمٰنُ وَجُنُوْدُهٗ ۙ وَهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ 18
تانجو جڏهن اُهو (لشڪر) ماڪوڙين جي ميدان تي پهتو ته هڪ ماڪوڙي چوڻ لڳي: اي ماڪوڙيؤ! پنهنجي گهرن ۾ داخل ٿي وڃو متان سليمان (عليه السلام) ۽ ان جو لشڪر توهان کي لتاڙي نه ڇڏين ان حال ۾ ته کين خبر به نه هجي.
— مولانا طاھر القادريفَتَبَسَّمَ ضَاحِكًا مِّنْ قَوْلِهَا وَقَالَ رَبِّ اَوْزِعْنِيْٓ اَنْ اَشْكُرَ نِعْمَتَكَ الَّتِيْٓ اَنْعَمْتَ عَلَيَّ وَعَلٰي وَالِدَيَّ وَاَنْ اَعْمَلَ صَالِحًا تَرْضٰىهُ وَاَدْخِلْنِيْ بِرَحْمَتِكَ فِيْ عِبَادِكَ الصّٰلِحِيْنَ 19
ته اُهو (يعني سليمان عليه السلام) ان (ماڪوڙيءَ) جي ڳالهه تي کلندي مشڪيا ۽ عرض ڪيائين: اي منهنجا پالڻهار! مون کي پنهنجي توفيق سان ان ڳالهه تي قائم رک ته آئون تنهنجي ان نعمت جو شڪر بجا آڻيندو رهان جيڪا تو مون تي ۽ منهنجي والدين تي انعام فرمائي آهي ۽ آئون اهڙا نيڪ عمل ڪندو رهان جنهن سان تون راضي ٿئين ٿو ۽ مون کي پنهنجي رحمت سان پنهنجي خاص قرب وارن نيڪ ٻانهن ۾ داخل فرماءِ.
— مولانا طاھر القادريوَتَفَقَّدَ الطَّيْرَ فَقَالَ مَا لِيَ لَآ اَرَى الْهُدْهُدَ ڮ اَمْ كَانَ مِنَ الْغَاۗىِٕـبِيْنَ 20
۽ سليمان (عليه السلام) پکين جو جائزو ورتو ته چوڻ لڳا: مون کي ڇا ٿيو آهي جو آئون هُد هُد کي ڪونه پيو ڏسان يا اُهو (واقعي) غائب ٿي ويو آهي.
— مولانا طاھر القادري