026 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 227 آيتون ۽ 11 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
طٰسۗمّۗ 1
طا سين ميم. (حقيقي معنيٰ الله ۽ سندس رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم ئي بهتر ڄاڻن ٿا).
— مولانا طاھر القادريتِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ 2
هي (حق کي) کولي بيان ڪندڙ ڪتاب جون آيتون آهن.
— مولانا طاھر القادريلَعَلَّكَ بَاخِعٌ نَّفْسَكَ اَلَّا يَكُوْنُوْا مُؤْمِنِيْنَ 3
(اي حبيب مڪرم!) شايد توهان (انهيءَ غم ۾) پنهنجي (پياري) جان ئي ڏيئي ويهندؤ ته اُهي ايمان نٿا آڻين.
— مولانا طاھر القادرياِنْ نَّشَاْ نُنَزِّلْ عَلَيْهِمْ مِّنَ السَّمَاۗءِ اٰيَةً فَظَلَّتْ اَعْنَاقُهُمْ لَهَا خٰضِعِيْنَ 4
جيڪڏهن اسان گهرون ته مٿن آسمان کان (اهڙي) نشاني لاهيون جو انهن جا ڪنڌ ان جي آڏو جهڪيل رهجي وڃن.
— مولانا طاھر القادريوَمَا يَاْتِيْهِمْ مِّنْ ذِكْرٍ مِّنَ الرَّحْمٰنِ مُحْدَثٍ اِلَّا كَانُوْا عَنْهُ مُعْرِضِيْنَ 5
۽ وٽن (خدا) رحمان جي طرفان ڪابه نئين نصيحت نٿي اچي مگر اُهي ان کان منهن موڙي ٿا وڃن.
— مولانا طاھر القادريفَقَدْ كَذَّبُوْا فَسَيَاْتِيْهِمْ اَنْۢبٰۗـؤُا مَا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ 6
سو بيشڪ اُهي (حق کي) ڪوڙو چئي چڪا پوءِ ستت ئي کين ان مامري جون خبرون پهچي وينديون جنهن تي اُهي ٽوڪون ڪندا هئا.
— مولانا طاھر القادرياَوَلَمْ يَرَوْا اِلَى الْاَرْضِ كَمْ اَنْۢبَـتْنَا فِيْهَا مِنْ كُلِّ زَوْجٍ كَرِيْمٍ 7
۽ ڇا انهن زمين جي طرف نه ڏٺو ته اسان ان ۾ ڪيتريون ئي نفيس شيون اُپايون آهن.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيَةً ۭ وَمَا كَانَ اَكْثَرُهُمْ مُّؤْمِنِيْنَ 8
بيشڪ ان ۾ ضرور (قدرتِ الاهي جي) نشاني آهي، ۽ انهن مان گهڻا ماڻهو ايمان آڻڻ وارا نه آهن.
— مولانا طاھر القادريوَاِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ الْعَزِيْزُ الرَّحِيْمُ 9ۧ
۽ يقيناً توهان جو رب ئي ته غالب، مهربان آهي.
— مولانا طاھر القادريوَاِذْ نَادٰي رَبُّكَ مُوْسٰٓي اَنِ ائْتِ الْقَوْمَ الظّٰلِمِيْنَ ۙ10
۽ (اهو واقعو ياد ڪريو) جڏهن توهان جي رب موسيٰ (عليه السلام) کي سڏيو ته تون ظالمن جي قوم وٽ وڃ.
— مولانا طاھر القادريقَوْمَ فِرْعَوْنَ ۭ اَلَا يَتَّقُوْنَ 11
(يعني) فرعون جي قوم وٽ، ڇا اُهي (الله کان) نٿا ڊڄن.
— مولانا طاھر القادريقَالَ رَبِّ اِنِّىْٓ اَخَافُ اَنْ يُّكَذِّبُوْنِ ۭ12
موسيٰ (عليه السلام) عرض ڪيو: اي پالڻهار! آئون ڊڄان ٿو ته اُهي مون کي ڪوڙو چوندا.
— مولانا طاھر القادريوَيَضِيْقُ صَدْرِيْ وَلَا يَنْطَلِقُ لِسَانِيْ فَاَرْسِلْ اِلٰى هٰرُوْنَ 13
۽ (اهڙي ناسازگار ماحول ۾) منهنجو سينو تنگ ٿي وڃي ٿو ۽ منهنجي زبان (رواني سان) نٿي هلي سو هارون (عليه السلام) ڏانهن (به جبرائيل عليه السلام کي وحي ڏيئي) موڪل (ته جيئن اُهو منهنجو مددگار بڻجي).
— مولانا طاھر القادريوَلَهُمْ عَلَيَّ ذَنْۢبٌ فَاَخَافُ اَنْ يَّقْتُلُوْنِ ۚ14
۽ انهن جو مون تي (قبطي کي مارڻ جو) هڪ الزام به آهي سو آئون ڊڄان ٿو ته اُهي مون کي قتل ڪري ڇڏيندا.
— مولانا طاھر القادريقَالَ كَلَّا ۚ فَاذْهَبَا بِاٰيٰتِنَآ اِنَّا مَعَكُمْ مُّسْتَمِعُوْنَ 15
ارشاد ٿيو هرگز نه، پوءِ توهان ٻئي اسان جون نشانيون کڻي وڃو بيشڪ اسان توهان سان گڏ (هر ڳالهه) ٻڌڻ وارا آهيون.
— مولانا طاھر القادريفَاْتِيَا فِرْعَوْنَ فَقُوْلَآ اِنَّا رَسُوْلُ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ ۙ16
پوءِ توهان ٻئي فرعون وٽ وڃو ۽ چئوس: اسان سمورن جهانن جي پروردگار جا (موڪليل) رسول آهيون.
— مولانا طاھر القادرياَنْ اَرْسِلْ مَعَنَا بَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ ۭ17
(اسان جي دعويٰ اها آهي) ته تون بني اسرائيل کي (آزاد ڪري) اسان سان گڏ روانو ڪر.
— مولانا طاھر القادريقَالَ اَلَمْ نُرَبِّكَ فِيْنَا وَلِيْدًا وَّلَبِثْتَ فِيْنَا مِنْ عُمُرِكَ سِـنِيْنَ ۙ18
(فرعون) چيو: ڇا اسان توکي پاڻ وٽ ننڍپڻ جي حالت ۾ پاليو نه هو ۽ تو پنهنجي عمر جا ڪيترائي سال اسان وٽ گذاريا هئا.
— مولانا طاھر القادريوَفَعَلْتَ فَعْلَتَكَ الَّتِيْ فَعَلْتَ وَاَنْتَ مِنَ الْكٰفِرِيْنَ 19
۽ (پوءِ) تو پنهنجو اهو ڪم ڪري ڇڏيو جيڪو تو ڪيو هو (يعني هڪ قبطي کي قتل ڪيو) ۽ تون ناشڪر گذارن مان آهين (اسان جي پرورش ۽ احسانن کي وساري ڇڏيئي).
— مولانا طاھر القادريقَالَ فَعَلْتُهَآ اِذًا وَّاَنَا مِنَ الضَّاۗلِّيْنَ ۭ20
(موسيٰ عليه السلام) فرمايو: جڏهن مون اهو ڪم ڪيو آئون بي خبر هئس (ته ڇا هڪ ٺونشي سان ان جو موت به واقع ٿي سگهي ٿو؟).
— مولانا طاھر القادري