025 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 77 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
تَبٰرَكَ الَّذِيْ نَزَّلَ الْفُرْقَانَ عَلٰي عَبْدِهٖ لِيَكُوْنَ لِلْعٰلَمِيْنَ نَذِيْرَا 1ۙ
(اُهو الله) وڏي برڪت وارو آهي جنهن (حق ۽ باطل ۾ فرق ۽) فيصلو ڪرڻ وارو (قرآن) پنهنجي (محبوب ۽ مقرب) ٻانهي تي نازل فرمايو ته جيئن اُهو تمام جهانن کي ڊيڄاريندڙ هجي.
— مولانا طاھر القادريۨالَّذِيْ لَهٗ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَلَمْ يَتَّخِذْ وَلَدًا وَّلَمْ يَكُنْ لَّهُ شَرِيْكٌ فِي الْمُلْكِ وَخَلَقَ كُلَّ شَيْءٍ فَقَدَّرَهٗ تَقْدِيْرًا 2
اُهو (الله) آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي ان جي ئي لاءِ آهي ۽ جنهن نه (پنهنجي لاءِ) ڪو اولاد بڻايو آهي ۽ نه بادشاهي ۾ ان جو ڪو شريڪ آهي ۽ ان ئي هر شيءِ کي پيدا فرمايو آهي پوءِ ان (جي بقا ۽ ترقي جي هر مرحلي تي ان جي خاصيتن، افعال ۽ مدي، مقصد ته هر شيءِ) کي هڪ مقرر اندازي تي بيهاريو آهي.
— مولانا طاھر القادريوَاتَّخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اٰلِهَةً لَّا يَـخْلُقُوْنَ شَـيْـــــًٔا وَّهُمْ يُخْلَقُوْنَ وَلَا يَمْلِكُوْنَ لِاَنْفُسِهِمْ ضَرًّا وَّلَا نَفْعًا وَّلَا يَمْلِكُوْنَ مَوْتًا وَّلَا حَيٰوةً وَّلَا نُشُوْرًا 3
۽ انهن (مشرڪن) الله کي ڇڏي ٻيا معبود بڻايا اٿن جيڪي ڪابه شيءِ پيدا نٿا ڪري سگهن بلڪه اُهي پاڻ پيدا ڪيا ويا آهن ۽ نه ئي اُهي پنهنجي لاءِ ڪنهن نقصان جا مالڪ آهن ۽ نه نفعي جا ۽ نه اُهي موت جا مالڪ آهن ۽ نه حياتي جا ۽ نه (ئي مرڻ کانپوءِ) اٿاري گڏ ڪرڻ جو (اختيار رکن ٿا).
— مولانا طاھر القادريوَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا ٓ اِنْ ھٰذَآ اِلَّآ اِفْكُ ۨافْتَرٰىهُ وَاَعَانَهٗ عَلَيْهِ قَوْمٌ اٰخَرُوْنَ ڔ فَقَدْ جَاۗءُوْ ظُلْمًا وَّزُوْرًا ڔ 4
۽ ڪافر چون ٿا ته هي (قرآن) رڳو ڪوڙ آهي جنهن کي هن (رسالت جي دعويدار) گهڙيو آهي ۽ ان (جي گهڙڻ) تي ٻين ماڻهن هن جي مدد ڪئي آهي بيشڪ ڪافر ظلم ۽ ڪوڙ تي (لهي) پيا آهن.
— مولانا طاھر القادريوَقَالُوْٓا اَسَاطِيْرُ الْاَوَّلِيْنَ اكْتَتَبَهَا فَهِيَ تُمْلٰى عَلَيْهِ بُكْرَةً وَّاَصِيْلًا 5
۽ چون ٿا: (هي قرآن) اڳين جون آکاڻيون آهن جنهن کي هن شخص لکرائي رکيو آهي پوءِ اُهي (آکاڻيون) کيس صبح ۽ شام پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون (ته جيئن انهن کي ياد ڪري اڳتي ٻڌائي سگهي).
— مولانا طاھر القادريقُلْ اَنْزَلَهُ الَّذِيْ يَعْلَمُ السِّرَّ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ اِنَّهٗ كَانَ غَفُوْرًا رَّحِيْمًا 6
فرمايو: هن (قرآن کي) ان (الله) نازل فرمايو آهي جيڪو آسمانن ۽ زمين ۾ (موجود) سڀئي راز ڄاڻي ٿو، بيشڪ اُهو وڏو بخشيندڙ مهربان آهي.
— مولانا طاھر القادريوَقَالُوْا مَالِ ھٰذَا الرَّسُوْلِ يَاْكُلُ الطَّعَامَ وَيَمْشِيْ فِي الْاَسْوَاقِ ۭ لَوْلَآ اُنْزِلَ اِلَيْهِ مَلَكٌ فَيَكُوْنَ مَعَهٗ نَذِيْرًا 7
۽ اُهي چون ٿا ته هن رسول کي ڇا ٿيو آهي، هي کاڌو کائي ٿو ۽ بازارن ۾ گهمي ڦري ٿو. هن ڏي ڪو ملائڪ ڇو نه لاٿو ويو جيڪو اُهو هن سان گڏ (ملي) ڊيڄاريندڙ هجي ها.
— مولانا طاھر القادرياَوْ يُلْقٰٓى اِلَيْهِ كَنْزٌ اَوْ تَكُوْنُ لَهٗ جَنَّةٌ يَّاْكُلُ مِنْهَا ۭ وَقَالَ الظّٰلِمُوْنَ اِنْ تَتَّبِعُوْنَ اِلَّا رَجُلًا مَّسْحُوْرًا 8
يا ان ڏي ڪو خزانو لاٿو وڃي ها يا (گهٽ ۾ گهٽ) هن جو ڪو باغ هجي ها جنهن (جي آمدني) مان اُهو کائي ها ۽ ظالم ماڻهو (مسلمانن) کي چون ٿا ته توهان ته صرف هڪ جادو ڪيل شخص جي پيروي ڪري رهيا آهيو.
— مولانا طاھر القادرياُنْظُرْ كَيْفَ ضَرَبُوْا لَكَ الْاَمْثَالَ فَضَلُّوْا فَلَا يَسْتَطِيْعُوْنَ سَبِيْلًا 9ۧ
(اي حبيب مڪرم!) ملاحظه فرمايو هي ماڻهو توهان جي لاءِ ڪهڙا (ڪهڙا) مثال بيان ٿا ڪن پوءِ هي گمراهه ٿي چڪا آهن تنهنڪري هي (هدايت جي) ڪا واٽ نه لهي سگهندا.
— مولانا طاھر القادريتَبٰرَكَ الَّذِيْٓ اِنْ شَاۗءَ جَعَلَ لَكَ خَيْرًا مِّنْ ذٰلِكَ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ۙ وَيَجْعَلْ لَّكَ قُصُوْرًا 10
اُهو وڏي برڪت وارو آهي جيڪڏهن چاهي ته توهان جي لاءِ (دنيا ۾ ئي) هن کان (گهڻائي) بهتر باغ بڻائي ڇڏي جن جي هيٺان نهرون جاري هجن ۽ توهان جي لاءِ عاليشان ماڙيون بڻائي ڇڏي (مگر نبوت ۽ رسالت جي لاءِ اهي شرط ناهن).
— مولانا طاھر القادريبَلْ كَذَّبُوْا بِالسَّاعَةِ ۣ وَاَعْتَدْنَا لِمَنْ كَذَّبَ بِالسَّاعَةِ سَعِيْرًا ۚ11
بلڪه انهن قيامت کي (به) ڪوڙو سمجهيو آهي، ۽ اسان (هر) ان ماڻهو جي لاءِ جيڪو قيامت کي ڪوڙو چوي ٿو (دوزخ جي) ڀڙڪندڙ باههِ تيار ڪري رکي آهي.
— مولانا طاھر القادرياِذَا رَاَتْهُمْ مِّنْ مَّكَانٍۢ بَعِيْدٍ سَمِعُوْا لَهَا تَغَيُّظًا وَّزَفِيْرًا 12
جڏهن اُها (دوزخ جي باهه) پري کان (ئي) انهن جي سامهون هوندي هي ان جي جوش هڻن ۽ گجگوڙ جو آواز ٻڌندا.
— مولانا طاھر القادريوَاِذَآ اُلْقُوْا مِنْهَا مَكَانًا ضَيِّقًا مُّقَرَّنِيْنَ دَعَوْا هُنَالِكَ ثُبُوْرًا ۭ13
۽ جڏهن اُهي ان ۾ ڪنهن سوڙهيءَ جاءِ ۾ زنجيرن سان جڪڙيل (يا پنهنجي شيطانن سان گڏ ٻڌي اڇلايا ويندا ان وقت اُهي (پنهنجي) موت کي سڏيندا.
— مولانا طاھر القادريلَا تَدْعُوا الْيَوْمَ ثُبُوْرًا وَّاحِدًا وَّادْعُوْا ثُبُوْرًا كَثِيْرًا 14
(انهن کي چيو ويندو:) اڄ (صرف) هڪ ئي موت کي نه سڏيو بلڪه گهڻن موتن کي سڏيو.
— مولانا طاھر القادريقُلْ اَذٰلِكَ خَيْرٌ اَمْ جَنَّةُ الْخُلْدِ الَّتِيْ وُعِدَ الْمُتَّقُوْنَ ۭ كَانَتْ لَهُمْ جَزَاۗءً وَّمَصِيْرًا 15
فرمايو: ڇا اِها (حالت) ڀلي آهي يا دائمي جنت (جي زندگي) جنهن جو پرهيزگارن سان وعدو ڪيو ويو آهي، اها انهن (جي عملن) جي بدلو ۽ ٺڪاڻو آهي.
— مولانا طاھر القادريلَهُمْ فِيْهَا مَا يَشَاۗءُوْنَ خٰلِدِيْنَ ۭ كَانَ عَلٰي رَبِّكَ وَعْدًا مَّسْـُٔـوْلًا 16
انهن جي لاءِ انهن (جنتن) ۾ اهو سڀ ڪجهه ميسر) هوندو جيڪو اُهي چاهيندا (ان ۾) هميشه رهندا اهو توهان جي رب جي ذمي (ڪرم) تي گهريل وعدو آهي (جيڪو ضرور پورو ٿيندو).
— مولانا طاھر القادريوَيَوْمَ يَحْشُرُهُمْ وَمَا يَعْبُدُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ فَيَقُوْلُ ءَ اَنْتُمْ اَضْلَلْتُمْ عِبَادِيْ هٰٓؤُلَاۗءِ اَمْ هُمْ ضَلُّوا السَّبِيْلَ ۭ17
۽ ان ڏينهن الله انهن کي ۽ جن جي اُهي الله کانسواءِ پوڄا ڪندا هئا، انهن کي گڏ ڪندو، پوءِ فرمائيندو: ڇا توهان ئي منهنجي هنن ٻانهن کي گمراهه ڪيو هو يا اُهي (پاڻ) ئي رستي کان ڀٽڪي ويا هئا.
— مولانا طاھر القادريقَالُوْا سُـبْحٰنَكَ مَا كَانَ يَنْۢبَغِيْ لَنَآ اَنْ نَّتَّخِذَ مِنْ دُوْنِكَ مِنْ اَوْلِيَاۗءَ وَلٰكِنْ مَّتَّعْتَهُمْ وَاٰبَاۗءَهُمْ حَتّٰي نَسُوا الذِّكْرَ ۚ وَكَانُوْا قَوْمًۢا بُوْرًا 18
اُهي چوندا: تنهنجي ذات پاڪ آهي اسان کي (ته) اِها ڳالهه (به) نٿي سونهي ته اسان توکان سواءِ ٻين کي دوست (ئي) بڻايون (چه جائيڪه اسان انهن کي تنهنجي غير جي عبادت جو چئون ها) پر (اي مولا!) تو انهن کي ۽ انهن جي ابن ڏاڏن کي (دنيوي مال ۽ اسباب سان) ايترو نوازيو، تانجو اُنهن کي تنهنجي ياد (به) وسري وين، ۽ اهي (بدبخت) هلاڪ ٿيڻ وارا (ئي) هئا.
— مولانا طاھر القادريفَقَدْ كَذَّبُوْكُمْ بِـمَا تَقُوْلُوْنَ ۙ فَـمَا تَسْتَطِيْعُوْنَ صَرْفًا وَّلَا نَصْرًا ۚ وَمَنْ يَّظْلِمْ مِّنْكُمْ نُذِقْهُ عَذَابًا كَبِيْرًا 19
سو (اي ڪافرو!) هنن (ته) انهن ڳالهين ۾ توهان کي ڪوڙو ڪري ڇڏيو آهي جيڪي توهان چئو ٿا پوءِ (هاڻي) توهان نه ته عذاب ڦيرڻ جي طاقت رکو ٿا ۽ نه (پنهنجي) مدد جي، ۽ (ٻڌو!) توهان مان جيڪو (به) ظلم ڪري ٿو اسان ان کي وڏي عذاب جو مزو چکائينداسين.
— مولانا طاھر القادريوَمَآ اَرْسَلْنَا قَبْلَكَ مِنَ الْمُرْسَلِيْنَ اِلَّآ اِنَّهُمْ لَيَاْكُلُوْنَ الطَّعَامَ وَيَمْشُوْنَ فِي الْاَسْوَاقِ ۭ وَجَعَلْنَا بَعْضَكُمْ لِبَعْضٍ فِتْنَةً ۭ اَتَصْبِرُوْنَ ۚ وَكَانَ رَبُّكَ بَصِيْرًا ۧ20
۽ اسان توهان کان اڳ ۾ رسول نه موڪلياسين مگر (هي ته) اُهي کاڌو (به) يقيناً کائيندا هئا ۽ بازان ۾ به (ضرورت جي مطابق) گهمندا ڦرندا هئا ۽ اسان توهان کي هڪ ٻئي جي لاءِ آزمائش بڻايو آهي، ڇا توهان (آزمائش تي) صبر ڪندؤ؟ ۽ توهان جو رب خوب ڏسڻ وارو آهي.
— مولانا طاھر القادري