024 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 64 آيتون ۽ 9 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
سُوْرَةٌ اَنْزَلْنٰهَا وَفَرَضْنٰهَا وَاَنْزَلْنَا فِيْهَآ اٰيٰتٍۢ بَيِّنٰتٍ لَّعَلَّكُمْ تَذَكَّرُوْنَ 1
(هي) هڪ (عظيم) سورت آهي جنهن کي اسان نازل ڪيو آهي ۽ اسان هن (جي احڪامن) کي فرض ڪيو آهي ۽ اسان هن ۾ پڌريون آيتون نازل فرمايون آهن ته جيئن توهان نصيحت حاصل ڪريو.
— مولانا طاھر القادرياَلزَّانِيَةُ وَالزَّانِيْ فَاجْلِدُوْا كُلَّ وَاحِدٍ مِّنْهُمَا مِائَةَ جَلْدَةٍ ۠ وَّلَا تَاْخُذْكُمْ بِهِمَا رَاْفَةٌ فِيْ دِيْنِ اللّٰهِ اِنْ كُنْتُمْ تُؤْمِنُوْنَ بِاللّٰهِ وَالْيَوْمِ الْاٰخِرِ ۚ وَلْيَشْهَدْ عَذَابَهُمَا طَاۗىِٕفَةٌ مِّنَ الْمُؤْمِنِيْنَ 2
بدڪار عورت ۽ بدڪار مرد (جيڪڏهن غير شادي شده هجن) ته انهن ٻنهي مان هر هڪ کي (حد جي شرطن سان گڏ زنا جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي) سؤ (سؤ) ڦٽڪا هڻو (جڏهن ته شادي شده مرد ۽ عورت جي بدڪاري تي سزا رجم آهي ۽ اها سزاءِ موت آهي) ۽ توهان کي انهن ٻنهي تي الله جي دين جو حڪم جاري ڪرڻ ۾ ٿورو ترس نه اچڻ گهرجي جيڪڏهن توهان الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکو ٿا، ۽ کپي ته انهن ٻنهي جي سزا (جي موقعي) تي مسلمانن جي (هڪ چڱي خاصي) جماعت موجود هجي.
— مولانا طاھر القادرياَلزَّانِيْ لَا يَنْكِحُ اِلَّا زَانِيَةً اَوْ مُشْرِكَةً ۡ وَّالزَّانِيَةُ لَا يَنْكِحُهَآ اِلَّا زَانٍ اَوْ مُشْرِكٌ ۚ وَحُرِّمَ ذٰلِكَ عَلَي الْمُؤْمِنِيْنَ 3
بدڪار مرد سواءِ بدڪار عورت يا مشرڪ عورت جي (ڪنهن پاڪباز عورت سان) نڪاح (ڪرڻ پسند) نٿو ڪري ۽ بدڪار عورت سان (به) سواءِ بدڪار مرد يا مشرڪ جي (ڪو نيڪ شخص) نڪاح (ڪرڻ پسند) نٿو ڪري ۽ اهو (زنا جو فعل) مسلمانن تي حرام ڪيو ويو آهي.
— مولانا طاھر القادريوَالَّذِيْنَ يَرْمُوْنَ الْمُحْصَنٰتِ ثُـمَّ لَمْ يَاْتُوْا بِاَرْبَعَةِ شُهَدَاۗءَ فَاجْلِدُوْهُمْ ثَمٰنِيْنَ جَلْدَةً وَّلَا تَــقْبَلُوْا لَهُمْ شَهَادَةً اَبَدًا ۚ وَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْفٰسِقُوْنَ 4ۙ
۽ جيڪي ماڻهو پاڪدامن عورتن تي (بدڪاري جي) تهمت هڻن پوءِ چار شاهد پيش نه ڪري سگهن ته توهان انهن کي (تهمت هڻڻ جي سزا جي طور تي) اسي ڦٽڪا هڻو ۽ ڪڏهن به انهن جي شاهدي قبول نه ڪريو، ۽ اهي ماڻهو بدڪردار آهن.
— مولانا طاھر القادرياِلَّا الَّذِيْنَ تَابُوْا مِنْۢ بَعْدِ ذٰلِكَ وَاَصْلَحُوْا ۚ فَاِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 5
۽ سواءِ انهن جي جن ان (تهمت هڻڻ) کانپوءِ توبه ڪئي ۽ (پنهنجي) اصلاح ڪين، ته بيشڪ الله وڏو بخشيندڙ نهايت مهربان آهي (انهن جو شمار فاسقن ۾ نه ٿيندو پر ان کان حد قذف معاف نه ٿيندي).
— مولانا طاھر القادريوَالَّذِيْنَ يَرْمُوْنَ اَزْوَاجَهُمْ وَلَمْ يَكُنْ لَّهُمْ شُهَدَاۗءُ اِلَّآ اَنْفُسُهُمْ فَشَهَادَةُ اَحَدِهِمْ اَرْبَعُ شَهٰدٰتٍۢ بِاللّٰهِ ۙ اِنَّهٗ لَمِنَ الصّٰدِقِيْنَ 6
۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي زالن تي (بدڪاري جي) تهمت لڳائن ۽ وٽن پنهنجي ذات کانسواءِ ڪي شاهد نه هجن ته اهڙي ڪنهن به هڪ شخص جي شاهدي اها آهي ته (هو پاڻ) چار ڀيرا الله جو قسم کڻي شاهدي ڏي ته اُهو (الزام لڳائڻ ۾) سچو آهي.
— مولانا طاھر القادريوَالْخَامِسَةُ اَنَّ لَعْنَتَ اللّٰهِ عَلَيْهِ اِنْ كَانَ مِنَ الْكٰذِبِيْنَ 7
۽ پنجين ڀيري اهو (چوي) ته مٿس الله جي لعنت هجي جيڪڏهن اهو ڪوڙو آهي.
— مولانا طاھر القادريوَيَدْرَؤُا عَنْهَا الْعَذَابَ اَنْ تَشْهَدَ اَرْبَعَ شَهٰدٰتٍۢ بِاللّٰهِ ۙ اِنَّهٗ لَمِنَ الْكٰذِبِيْنَ 8ۙ
۽ (اهڙي طرح) اِها ڳالهه ان (عورت) کان (به) سزا کي ٽاري سگهي ٿي ته اُها چار ڀيرا الله جو قسم کڻي (پاڻ) شاهدي ڏي ته اُهو (مرد انهيءَ تهمت لڳائڻ ۾) ڪوڙو آهي.
— مولانا طاھر القادريوَالْخَامِسَةَ اَنَّ غَضَبَ اللّٰهِ عَلَيْهَآ اِنْ كَانَ مِنَ الصّٰدِقِيْنَ 9
۽ پنجون ڀيرو اهو (چوي) ته هن تي (يعني مون تي) الله جو ڏمر ٿئي جيڪڏهن (اهو مرد هن الزام هڻڻ ۾) سچو آهي.
— مولانا طاھر القادريوَلَوْلَا فَضْلُ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَتُهٗ وَاَنَّ اللّٰهَ تَوَّابٌ حَكِيْمٌ ۧ10
۽ جيڪڏهن توهان تي الله جو فضل ۽ ان جي رحمت نه هجي ها (ته توهان اهڙين حالتن ۾ وڌيڪ پريشان ٿيو ها) ۽ بيشڪ الله تمام وڏو توبه قبول فرمائيندڙ وڏي حڪمت وارو آهي.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ الَّذِيْنَ جَاۗءُوْ بِالْاِفْكِ عُصْبَةٌ مِّنْكُمْ ۭ لَا تَحْسَبُوْهُ شَرًّا لَّكُمْ ۭ بَلْ هُوَ خَيْرٌ لَّكُمْ ۭ لِكُلِّ امْرِۍ مِّنْهُمْ مَّا اكْتَسَبَ مِنَ الْاِثْمِ ۚ وَالَّذِيْ تَوَلّٰى كِبْرَهٗ مِنْهُمْ لَهٗ عَذَابٌ عَظِيْمٌ 11
بيشڪ جن ماڻهن (عائشه صديقه طيبه طاهره رضي الله عنها تي) تهمت لڳائي هئي (اُها به) توهان مان ئي هڪ جماعت هئي، توهان ان (تهمت جي واقعي) کي پنهنجي حق ۾ برو نه سمجهو بلڪه اُهو توهان جي حق ۾ بهتر (ٿي ويو) آهي، انهن مان هر هڪ جي لاءِ ايترو ئي گناهه آهي جيترو ان ڪمايو، ۽ انهن مان جنهن هن (تهمت) ۾ سڀ کان وڌيڪ حصو ورتو ان جي لاءِ زبردست عذاب آهي.
— مولانا طاھر القادريلَوْلَآ اِذْ سَمِعْتُمُوْهُ ظَنَّ الْمُؤْمِنُوْنَ وَالْمُؤْمِنٰتُ بِاَنْفُسِهِمْ خَيْرًا ۙ وَّقَالُوْا ھٰذَآ اِفْكٌ مُّبِيْنٌ 12
ائين ڇو نه ٿيو ته جڏهن توهان ان (تهمت) کي ٻڌو هو ته مومن مرد مومن عورتون پنهنجن باري ۾ سٺو گمان ڪن ها ۽ اهو چئي ڇڏين ها ته هي پڌري (ڪوڙ تي ٻڌل) بهتان آهي.
— مولانا طاھر القادريلَوْلَا جَاۗءُوْ عَلَيْهِ بِاَرْبَعَةِ شُهَدَاۗءَ ۚ فَاِذْ لَمْ يَاْتُوْا بِالشُّهَدَاۗءِ فَاُولٰۗىِٕكَ عِنْدَ اللّٰهِ هُمُ الْكٰذِبُوْنَ 13
انهن (تهمت هڻڻ وارن) انهيءَ (طوفان) تي چار شاهد ڇونه آندا، پوءِ جڏهن اُهي شاهد نه آڻي سگهيا ته اِهي ئي الله وٽ ڪوڙا آهن.
— مولانا طاھر القادريوَلَوْلَا فَضْلُ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَتُهٗ فِي الدُّنْيَا وَالْاٰخِرَةِ لَمَسَّكُمْ فِيْ مَآ اَفَضْتُمْ فِيْهِ عَذَابٌ عَظِيْمٌ ښ 14
۽ جيڪڏهن توهان تي دنيا ۽ آخرت ۾ الله جو فضل ۽ ان جي رحمت نه هجي ها ته جنهن (تهمت جي) چرچي ۾ توهان پئجي ويا هئا ان تي توهان کي زبردست عذاب رسي ها.
— مولانا طاھر القادرياِذْ تَلَقَّوْنَهٗ بِاَلْسِنَتِكُمْ وَتَــقُوْلُوْنَ بِاَفْوَاهِكُمْ مَّا لَيْسَ لَكُمْ بِهٖ عِلْمٌ وَّتَحْسَبُوْنَهٗ هَيِّنًا ڰ وَّهُوَ عِنْدَ اللّٰهِ عَظِيْمٌ 15
جڏهن توهان انهيءَ (ڳالهه) کي (هڪٻئي کان ٻڌي) پنهنجي زبانن تي آڻيندا رهيا ۽ پنهنجي منهن سان اُهو ڪجهه چوندا رهيا جنهن جي (خود) توهان کي ئي ڪا ڄاڻ ئي نه هئي ۽ انهيءَ (چرچي) کي معمولي ڳالهه پئي سمجهيو، حالانڪه اها الله جي درٻار ۾ تمام وڏي (جسارت ٿي رهي) هئي.
— مولانا طاھر القادريوَلَوْلَآ اِذْ سَمِعْتُمُوْهُ قُلْتُمْ مَّا يَكُوْنُ لَنَآ اَنْ نَّتَكَلَّمَ بِھٰذَا ڰ سُـبْحٰنَكَ ھٰذَا بُهْتَانٌ عَظِيْمٌ 16
۽ جڏهن توهان اها (تهمت) ٻڌي هئي ته توهان (انهيءَ وقت) اهو ڇو نه چيو ته اسان جي لاءِ اهو (جائز ئي) نه آهي ته اسان ان کي زبان تي آڻيون (بلڪه توهان اهو چئو هئا ته اي الله!) تون پاڪ آهين (انهيءَ ڳالهه کان ته اهڙي عورت کي پنهنجي حبيب مڪرم صلي الله عليه وآلہٖ وسلم جي محبوب گهرواري بڻائين) اها تمام وڏي تهمت آهي.
— مولانا طاھر القادرييَعِظُكُمُ اللّٰهُ اَنْ تَعُوْدُوْا لِمِثْلِهٖٓ اَبَدًا اِنْ كُنْتُمْ مُّؤْمِنِيْنَ ۚ17
الله توهان کي نصيحت ٿو فرمائي ته وري ڪڏهن به اهڙي ڳالهه (سڄي عمر) نه ڪجو جيڪڏهن توهان ايمان وارا آهيو.
— مولانا طاھر القادريوَيُبَيِّنُ اللّٰهُ لَكُمُ الْاٰيٰتِ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 18
۽ الله توهان جي لاءِ آيتن کي واضح طور تي بيان فرمائي ٿو، ۽ الله خوب ڄاڻندڙ وڏي حڪمت وارو آهي.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ الَّذِيْنَ يُـحِبُّوْنَ اَنْ تَشِيْعَ الْفَاحِشَةُ فِي الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَهُمْ عَذَابٌ اَلِيْمٌ ۙ فِي الدُّنْيَا وَالْاٰخِرَةِ ۭ وَاللّٰهُ يَعْلَمُ وَاَنْتُمْ لَا تَعْلَمُوْنَ 19
بيشڪ جيڪي ماڻهو انهيءَ ڳالهه کي پسند ڪن ٿا ته مسلمانن ۾ بي حيائي پکيڙين انهن جي لاءِ دنيا ۽ آخرت ۾ دردناڪ عذاب آهي، ۽ الله (اهڙن ماڻهن جي ارادن کي) ڄاڻي ٿو ۽ توهان نٿا ڄاڻو.
— مولانا طاھر القادريوَلَوْلَا فَضْلُ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَتُهٗ وَاَنَّ اللّٰهَ رَءُوْفٌ رَّحِيْمٌ ۧ20
۽ جيڪڏهن توهان تي (ان رسول مڪرم صلي الله عليه وآلہٖ وسلم جي صدقي ۾) الله جو فضل ۽ ان جي رحمت نه هجي ها ته (توهان به اڳين امتن وانگر تباهه ڪيا وڃو ها) مگر الله وڏو مهربان وڏو رحم فرمائيندڙ آهي.
— مولانا طاھر القادري