023 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 118 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
قَدْ اَفْلَحَ الْمُؤْمِنُوْنَ 1ۙ
بيشڪ ايمان وارن مراد ماڻي.
— مولانا طاھر القادريالَّذِيْنَ هُمْ فِيْ صَلَاتِهِمْ خٰشِعُوْنَ 2ۙ
جيڪي پنهنجي نمازن ۾ عاجزي ۽ نوڙت ڪن ٿا.
— مولانا طاھر القادريوَالَّذِيْنَ هُمْ عَنِ اللَّغْوِ مُعْرِضُوْنَ 3ۙ
۽ جيڪي اجاين ڳالهين کان (هر وقت) پري رهن ٿا.
— مولانا طاھر القادريوَالَّذِيْنَ هُمْ لِلزَّكٰوةِ فٰعِلُوْنَ 4ۙ
۽ جيڪي (هميشه) زڪواة ادا (ڪري پنهنجي جان ۽ مال کي پاڪ) ڪندا رهن ٿا.
— مولانا طاھر القادريوَالَّذِيْنَ هُمْ لِفُرُوْجِهِمْ حٰفِظُوْنَ 5ۙ
۽ جيڪي (هميشه) پنهنجي اوگهڙن جي حفاظت ڪندا رهن ٿا.
— مولانا طاھر القادرياِلَّا عَلٰٓي اَزْوَاجِهِمْ اَوْ مَا مَلَكَتْ اَيْمَانُهُمْ فَاِنَّهُمْ غَيْرُ مَلُوْمِيْنَ 6ۚ
سواءِ پنهنجي زالن جي يا انهن ٻانهين جي جيڪي انهن جي هٿن جي ملڪيت آهن، بيشڪ (شريعت جي احڪامن مطابق انهن وٽ وڃڻ ۾) مٿن ڪا ملامت ناهي.
— مولانا طاھر القادريفَمَنِ ابْتَغٰى وَرَاۗءَ ذٰلِكَ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْعٰدُوْنَ 7ۚ
پوءِ جيڪو انهن (حلال عورتن) کانسواءِ ڪنهن ٻي جو خواهشمند ٿيو ته اهڙا ماڻهو ئي حد اورانگهڻ وارا (نافرمان) آهن.
— مولانا طاھر القادريوَالَّذِيْنَ هُمْ لِاَمٰنٰتِهِمْ وَعَهْدِهِمْ رٰعُوْنَ 8ۙ
۽ جيڪي پنهنجي امانتن ۽ پنهنجي وعدن جي رعايت ڪندڙ آهن.
— مولانا طاھر القادريوَالَّذِيْنَ هُمْ عَلٰي صَلَوٰتِهِمْ يُحَافِظُوْنَ 9ۘ
۽ جيڪي پنهنجي نمازن جي (هميشگي سان) حفاظت ڪندڙ آهن.
— مولانا طاھر القادرياُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْوٰرِثُوْنَ ۙ10
اِهي ئي ماڻهو (جنت جا) وارث آهن.
— مولانا طاھر القادريالَّذِيْنَ يَرِثُوْنَ الْفِرْدَوْسَ ۭ هُمْ فِيْهَا خٰلِدُوْنَ 11
اِهي ماڻهو جنت جي سڀ کان اعليٰ باغن (جتي تمام نعمتن، راحتن ۽ قربِ الاهي جي لذتن جي ڪثرت هوندي انهن) جي وراثت (به) ماڻيندا، اُهي ان ۾ سدائين رهندا.
— مولانا طاھر القادريوَلَقَدْ خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ مِنْ سُلٰـلَـةٍ مِّنْ طِيْنٍ ۚ12
۽ بيشڪ اسان انهن جي تخليق (جي شروعات) مٽي (جي ڪيميائي جزن) جي نچوڙ مان فرمائي.
— مولانا طاھر القادريثُـمَّ جَعَلْنٰهُ نُطْفَةً فِيْ قَرَارٍ مَّكِيْنٍ ۠13
پوءِ ان کي نطفو (پيدا ڪندڙ ڦڙو) بڻائي هڪ مضبوط جڳهه (ماءُ جي رحم) ۾ رکيو.
— مولانا طاھر القادريثُـمَّ خَلَقْنَا النُّطْفَةَ عَلَقَةً فَخَـلَقْنَا الْعَلَقَةَ مُضْغَةً فَخَـلَقْنَا الْمُضْغَةَ عِظٰمًا فَكَسَوْنَا الْعِظٰمَ لَحْــمًا ۤ ثُـمَّ اَنْشَاْنٰهُ خَلْقًا اٰخَرَ ۭ فَتَبٰرَكَ اللّٰهُ اَحْسَنُ الْخٰلِقِيْنَ ۭ14
پوءِ اسان ان نطفي کي (ماءُ جي رحم ۾ ڄؤر جي صورت ۾) لٽڪيل وجود بڻايو، پوءِ اسان ان لٽڪيل وجود کي هڪ (اهڙي) گوشت جي ٻوٽي بڻايو جيڪا ڏندن سان چٻاڙيل لڳي ٿي، پوءِ اسان ان ٻوٽي مان هڏين جو ڍانچو بڻايو، پوءِ اسان انهن هڏين تي گوشت (۽ پٺا) چاڙهيا پوءِ اسان ان کي تخليق جي ٻي صورت ۾ (بدلائي آهستي آهستي) واڌ ويجهه ڏني، پوءِ (ان) الله (کيس) وڌائي (مضبوط وجود بڻائي) ڇڏيو جيڪو سڀني کان بهتر پيدا فرمائڻ وارو آهي.
— مولانا طاھر القادريثُـمَّ اِنَّكُمْ بَعْدَ ذٰلِكَ لَمَيِّتُوْنَ ۙ15
پوءِ بيشڪ توهان هن (زندگي) کانپوءِ ضرور مرڻ وارا آهيو.
— مولانا طاھر القادريثُـمَّ اِنَّكُمْ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ تُبْعَثُوْنَ 16
پوءِ بيشڪ توهان قيامت جي ڏينهن (جيئرا ڪري) اٿاريا ويندؤ.
— مولانا طاھر القادريوَلَقَدْ خَلَقْنَا فَوْقَكُمْ سَبْعَ طَرَاۗىِٕقَ ڰ وَمَا كُنَّا عَنِ الْـخَلْقِ غٰفِلِيْنَ 17
۽ بيشڪ اسان توهان جي مٿان (زميني گولي جي چوڌاري ڪشادي فضا ۾ ڪائناتي نظام جي حفاظت لاءِ) ست رستا (يعني ست مقناطيسي پٽيون يا ميدان) بڻايا آهن ۽ اسان (ڪائنات جي) تخليق (۽ ان جي حفاظت جي گهرجن) کان بي خبر نه هئاسين.
— مولانا طاھر القادريوَاَنْزَلْنَا مِنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءًۢ بِقَدَرٍ فَاَسْكَنّٰهُ فِي الْاَرْضِ ڰ وَاِنَّا عَلٰي ذَهَابٍۢ بِهٖ لَقٰدِرُوْنَ ۚ18
۽ اسان هڪ اندازي مطابق (وڏي عرصي تائين) ڪڪرن مان پاڻي وسائيندا رهياسين، پوءِ (جڏهن زمين ٿڌي ٿي ويئي ته) اسان ان پاڻي کي زمين (جي لاهي وارين جڳهن) ۾ بيهاريوسين (جنهن سان شروعاتي سمنڊ وجود ۾ آيا) ۽ بيشڪ اسان ان کي (بخارات بڻائي) اُڏائڻ تي به قدرت رکون ٿا.
— مولانا طاھر القادريفَاَنْشَاْنَا لَكُمْ بِهٖ جَنّٰتٍ مِّنْ نَّخِيْلٍ وَّاَعْنَابٍ ۘلَكُمْ فِيْهَا فَوَاكِهُ كَثِيْرَةٌ وَّمِنْهَا تَاْكُلُوْنَ ۙ19
پوءِ اسان توهان جي لاءِ ان مان (مرحليوار يعني پهرين شروعاتي ٻوٽا پوءِ وڏا ٻوٽا ۽ وڻ وجود ۾ آڻيندي) کجيءَ ۽ انگور جا باغ اُپايا (ان کانسواءِ) توهان جي لاءِ زمين ۾ (ٻيا به) ڪيترائي ميوا ۽ فروٽ (پيدا ڪيا) ۽ (هاڻي) توهان انهن مان کائو ٿا.
— مولانا طاھر القادريوَشَجَــرَةً تَخْــرُجُ مِنْ طُوْرِ سَيْنَاۗءَ تَنْۢبُتُ بِالدُّهْنِ وَصِبْغٍ لِّلْاٰكِلِيْنَ 20
۽ هي وڻ (زيتون به اسان پيدا ڪيو آهي) جيڪو طورِ سينا مان نڪري ٿو (۽) تيل ۽ کائڻ وارن جي لاءِ ٻوڙ نيو ٿو ڦٽي.
— مولانا طاھر القادري