022 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 78 آيتون ۽ 10 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
يٰٓاَيُّهَا النَّاسُ اتَّقُوْا رَبَّكُمْ ۚ اِنَّ زَلْزَلَةَ السَّاعَةِ شَيْءٌ عَظِيْمٌ 1
اي ماڻهؤ! پنهنجي رب کان ڊڄندا رهو. بيشڪ قيامت جو زلزلو وڏي سخت شيءِ آهي.
— مولانا طاھر القادرييَوْمَ تَرَوْنَهَا تَذْهَلُ كُلُّ مُرْضِعَةٍ عَمَّآ اَرْضَعَتْ وَتَضَعُ كُلُّ ذَاتِ حَمْلٍ حَمْلَهَا وَتَرَى النَّاسَ سُكٰرٰي وَمَا هُمْ بِسُكٰرٰي وَلٰكِنَّ عَذَابَ اللّٰهِ شَدِيْدٌ 2
جنهن ڏينهن توهان ان کي ڏسندؤ هر کير پيارڻ واري (ماءُ) ان (ٻار) کي وساري ڇڏيندي جنهن کي اُها کير پياري رهي هئي ۽ هر حمل واري عورت پنهنجو حمل ڪيرائي ڇڏيندي ۽ (اي ڏسڻ وارا!) تون ماڻهن کي نشي (جي حالت) ۾ ڏسندين حالانڪه اُهي (حقيقت ۾) نشي ۾ نه هوندا پر الله جو عذاب (ئي ايترو) سخت هوندو (جو هر شخص وائڙو ٿي ويندو).
— مولانا طاھر القادريوَمِنَ النَّاسِ مَنْ يُّجَادِلُ فِي اللّٰهِ بِغَيْرِ عِلْمٍ وَّيَتَّبِـعُ كُلَّ شَيْطٰنٍ مَّرِيْدٍ 3ۙ
۽ ڪجهه ماڻهو (اهڙا) آهن جيڪي الله جي باري ۾ بنا علم ۽ عقل جي جهڳڙو ڪن ٿا ۽ هر سرڪش شيطان جي پيروي ڪن ٿا.
— مولانا طاھر القادريكُتِبَ عَلَيْهِ اَنَّهٗ مَنْ تَوَلَّاهُ فَاَنَّهٗ يُضِلُّهٗ وَيَهْدِيْهِ اِلٰى عَذَابِ السَّعِيْرِ 4
جنهن (شيطان) جي باري ۾ لکيو ويو آهي ته جيڪو ان کي دوست رکندو تنهن کي هو گمراهه ڪري ڇڏيندو ۽ ان کي دوزخ جي عذاب جو رستو ڏيکاريندو.
— مولانا طاھر القادرييٰٓاَيُّهَا النَّاسُ اِنْ كُنْتُمْ فِيْ رَيْبٍ مِّنَ الْبَعْثِ فَاِنَّا خَلَقْنٰكُمْ مِّنْ تُرَابٍ ثُـمَّ مِنْ نُّطْفَةٍ ثُـمَّ مِنْ عَلَقَةٍ ثُـمَّ مِنْ مُّضْغَةٍ مُّخَلَّقَةٍ وَّغَيْرِ مُخَلَّقَةٍ لِّنُبَيِّنَ لَكُمْ ۭ وَنُقِرُّ فِي الْاَرْحَامِ مَا نَشَاۗءُ اِلٰٓى اَجَلٍ مُّسَمًّى ثُـمَّ نُخْرِجُكُمْ طِفْلًا ثُـمَّ لِتَبْلُغُوْٓا اَشُدَّكُمْ ۚ وَمِنْكُمْ مَّنْ يُّتَوَفّٰى وَمِنْكُمْ مَّنْ يُّرَدُّ اِلٰٓى اَرْذَلِ الْعُمُرِ لِكَيْلَا يَعْلَمَ مِنْۢ بَعْدِ عِلْمٍ شَيْــــًٔا ۭ وَتَرَى الْاَرْضَ هَامِدَةً فَاِذَآ اَنْزَلْنَا عَلَيْهَا الْمَاۗءَ اهْتَزَّتْ وَرَبَتْ وَاَنْۢبَتَتْ مِنْ كُلِّ زَوْجٍۢ بَهِيْجٍ 5
اي ماڻهؤ! جيڪڏهن توهان کي (مرڻ کانپوءِ) جيئرو ٿيڻ ۾ شڪ آهي ته (پنهنجي پيدائش ۽ واڌ ويجھ تي غور ڪريو) اسان توهان جي پيدائش (جي ڪيميائي ابتداءَ) مٽيءَ سان ڪئي پوءِ (حياتياتي ابتداءَ) هڪ پيدا ڪندڙ ڦڙي سان پوءِ (ماءُ جي رحم جي اندر ڄور جي صورت ۾) لٽڪيل وجود سان پوءِ هڪ (اهڙي) گوشت جي ٻوٽي سان جيڪو ڏندن سان چٻاڙيل ٿو لڳي، جنهن ۾ ڪجهه عضون جي ابتدائي تخليق نمايان ٿي چڪي آهي ۽ ڪجھ (عضون) جي تخليق اڃا عمل ۾ نه آئي آهي ته جيئن اسان توهان لاءِ (پنهنجي قدرت ۽ پنهنجي ڪلام جي حقانيت) ظاهر ڪريون، ۽ اسان جنهن کي گهرون ٿا رحمن ۾ مقرر مدت تائين رهايون ٿا پوءِ اسان توهان کي ٻار بڻائي ڪڍون ٿا، پوءِ (توهان جي پرورش ڪريون ٿا) ته جيئن توهان پنهنجي جواني کي پهچو، ۽ توهان مان اُهي به آهن جيڪي (جلدي) وفات ڪري وڃن ٿا ۽ ڪجهه اُهي آهن جيڪي انتهائي ناڪاره عمر تائين موٽايا وڃن ٿا ته جيئن اُهو (شخص اهو منظر به ڏسي وٺي ته) سڀ ڪجهه ڄاڻڻ کانپوءِ (هاڻي وري) ڪجهه (به) نٿو ڄاڻي ۽ تون زمين کي بلڪل سُڪل (مُئل) ڏسين ٿو پوءِ جڏهن اسان ان تي پاڻي وسايون ٿا ته ان ۾ تازگي ۽ شادابي جي حرڪت اچي وڃي ٿي ۽ اُها وڌڻ ويجهڻ لڳي ٿي ۽ وڻندڙ ٻوٽن مان هر قسم جا جوڙا اُپايون ٿا.
— مولانا طاھر القادريذٰلِكَ بِاَنَّ اللّٰهَ هُوَ الْـحَقُّ وَاَنَّهٗ يُـحْيِ الْمَوْتٰى وَاَنَّهٗ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 6ۙ
اِهو (سڀ ڪجهه) ان ڪري (ٿيندو رهندو) آهي ته الله ئي سچو (خالق ۽ رب) آهي ۽ بيشڪ اُهوئي مئلن (بي جان) کي زندهه (جاندار) ڪري ٿو ۽ يقيناً اُهوئي هر شيءِ تي وڏو قادر آهي.
— مولانا طاھر القادريوَّاَنَّ السَّاعَةَ اٰتِيَةٌ لَّا رَيْبَ فِيْهَا ۙ وَاَنَّ اللّٰهَ يَبْعَثُ مَنْ فِي الْقُبُوْرِ 7
۽ بيشڪ قيامت اچڻ واري آهي ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ۽ يقيناً الله انهن ماڻهن کي جيئرا ڪري اٿاريندو جيڪي قبرن ۾ هوندا.
— مولانا طاھر القادريوَمِنَ النَّاسِ مَنْ يُّجَادِلُ فِي اللّٰهِ بِغَيْرِ عِلْمٍ وَّلَا هُدًى وَّلَا كِتٰبٍ مُّنِيْرٍ 8ۙ
۽ ماڻهن مان ڪجهه اهڙا به آهن جيڪي الله (جي ذات ۽ صفات ۽ قدرتن) جي باري ۾ جهڳڙا ڪندا رهن ٿا بنا علم ۽ سمجهه جي ۽ بنا ڪنهن هدايت ۽ دليل جي ۽ بنا ڪنهن روشن ڪتاب جي (جيڪو آسمان کان لٿو هجي).
— مولانا طاھر القادريثَانِيَ عِطْفِهٖ لِيُضِلَّ عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ ۭ لَهٗ فِي الدُّنْيَا خِزْيٌ وَّنُذِيْقُهٗ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ عَذَابَ الْحَرِيْقِ 9
پنهنجي ڪنڌ کي (وڏائي مان) مروڙيندي ته جيئن (ٻين کي به) الله جي راهه کان ڦيري، ان جي لاءِ دنيا ۾ (به) خواري آهي ۽ قيامت جي ڏينهن اسان ان کي ساڙيندڙ عذاب جو مزو چکائينداسون.
— مولانا طاھر القادريذٰلِكَ بِـمَا قَدَّمَتْ يَدٰكَ وَاَنَّ اللّٰهَ لَيْسَ بِظَلَّامٍ لِّـلْعَبِيْدِ ۧ10
هي توهان جي انهن عملن جي ڪري آهي جيڪي توهان جا هٿ اڳتي موڪلي چڪا آهن ۽ بيشڪ الله پنهنجي ٻانهن تي بلڪل ظلم ڪرڻ وارو نه آهي.
— مولانا طاھر القادريوَمِنَ النَّاسِ مَنْ يَّعْبُدُ اللّٰهَ عَلٰي حَرْفٍ ۚ فَاِنْ اَصَابَهٗ خَيْرُ ۨاطْـمَاَنَّ بِهٖ ۚ وَاِنْ اَصَابَتْهُ فِتْنَةُ ۨانْقَلَبَ عَلٰي وَجْهِهٖ ڗ خَسِرَ الدُّنْيَا وَالْاٰخِرَةَ ۭ ذٰلِكَ هُوَ الْخُسْرَانُ الْمُبِيْنُ 11
۽ ماڻهن مان ڪو اهڙو به هوندو آهي جيڪو (بلڪل دين جي) ڪناري تي (رهي) الله جي عبادت ڪندو آهي پوءِ جيڪڏهن ان کي ڪا (دنيا جي) ڀلائي پهچندي آهي ته اُهو ان (دين) کان مطمئن ٿي ويندو آهي ۽ جيڪڏهن کيس ڪا آزمائش پهچندي آهي ته پنهنجي منهن ڀر (دين کان) ڦري ويندو آهي، ان دنيا ۾ (به) نقصان کنيو ۽ آخرت ۾ (به)، اهوئي ته واضح (طور تي) وڏو نقصان آهي.
— مولانا طاھر القادرييَدْعُوْا مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ مَا لَا يَضُرُّهٗ وَمَا لَا يَنْفَعُهٗ ۭ ذٰلِكَ هُوَ الضَّلٰلُ الْبَعِيْدُ ۚ12
اُهو (ماڻهو) الله کي ڇڏي ان (بت) جي عبادت ڪري ٿو جيڪو نه کيس نقصان پهچائي سگهي ۽ نه ئي ان کي نفع پهچائي سگهي اِهائي ته (تمام) پري جي گمراهي آهي.
— مولانا طاھر القادرييَدْعُوْا لَمَنْ ضَرُّهٗ ٓ اَقْرَبُ مِنْ نَّفْعِهٖ ۭ لَبِئْسَ الْمَوْلٰى وَلَبِئْسَ الْعَشِيْرُ 13
هو ان کي پوڄي ٿو جنهن جو نقصان ان جي نفعي کان وڌيڪ ويجهو آهي، اُهو ڪهڙو نه برو مددگار آهي ۽ ڪهڙو نه برو ساٿي آهي.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ اللّٰهَ يُدْخِلُ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يَفْعَلُ مَا يُرِيْدُ 14
بيشڪ الله انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪندا رهيا جنت ۾ داخل فرمائيندو جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون، يقيناً الله جيڪو ارادو فرمائيندو آهي ڪري ڇڏيندو آهي.
— مولانا طاھر القادريمَنْ كَانَ يَظُنُّ اَنْ لَّنْ يَّنْصُرَهُ اللّٰهُ فِي الدُّنْيَا وَالْاٰخِرَةِ فَلْيَمْدُدْ بِسَبَبٍ اِلَى السَّمَاۗءِ ثُـمَّ لْيَقْطَعْ فَلْيَنْظُرْ هَلْ يُذْهِبَنَّ كَيْدُهٗ مَا يَغِيْظُ 15
جيڪو اهو گمان ڪري ٿو ته الله پنهنجي (محبوب ۽ برگزيده) رسول جي دنيا ۽ آخرت ۾ هرگز مدد نه ڪندو ان کي کپي ته (گهر جي) ڇت سان هڪ رسي ٻڌي لٽڪي پوي ۽ (پاڻ کي) ڦاهي ڏئي پوءِ ڏسي ڇا سندس اها تدبير ان (الله جي مدد) کي پري ڪري ٿي جنهن تي ڪاوڙجي پيو.
— مولانا طاھر القادريوَكَذٰلِكَ اَنْزَلْنٰهُ اٰيٰتٍۢ بَيِّنٰتٍ ۙ وَّاَنَّ اللّٰهَ يَهْدِيْ مَنْ يُّرِيْدُ 16
۽ اهڙي طرح اسان هن (پوري قرآن کي) روشن دليلن جي صورت ۾ نازل فرمايو آهي ۽ بيشڪ الله جنهن کي ارادو فرمائي ٿو هدايت سان نوازي ٿو.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَالَّذِيْنَ هَادُوْا وَالصّٰبِــِٕــيْنَ وَالنَّصٰرٰي وَالْمَجُوْسَ وَالَّذِيْنَ اَشْرَكُـوْٓا ڰ اِنَّ اللّٰهَ يَفْصِلُ بَيْنَهُمْ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ شَهِيْدٌ 17
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ جيڪي يهودي ٿيا ۽ تارن جا پوڄاري ۽ نصاريٰ (عيسائي) ۽ باهه جا پوڄاري ۽ جيڪي مشرڪ ٿيا يقيناً الله قيامت جي ڏينهن انهن (سڀني) جي وچ ۾ فيصلو فرمائيندو. بيشڪ الله هر شيءِ جو مشاهدو فرمائي رهيو آهي.
— مولانا طاھر القادرياَلَمْ تَرَ اَنَّ اللّٰهَ يَسْجُدُ لَهٗ مَنْ فِي السَّمٰوٰتِ وَمَنْ فِي الْاَرْضِ وَالشَّمْسُ وَالْقَمَرُ وَالنُّجُوْمُ وَالْجِبَالُ وَالشَّجَرُ وَالدَّوَاۗبُّ وَكَثِيْرٌ مِّنَ النَّاسِ ۭ وَكَثِيْرٌ حَقَّ عَلَيْهِ الْعَذَابُ ۭ وَمَنْ يُّهِنِ اللّٰهُ فَـمَا لَهٗ مِنْ مُّكْرِمٍ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يَفْعَلُ مَا يَشَاۗءُ ڍ 18
ڇا توهان نه ڏٺو ته الله جي ئي لاءِ (اُها سموري) مخلوق ڪري ٿي جيڪا آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪا زمين ۾ آهي ۽ سج (به) ۽ چنڊ (به) ۽ تارا (به) ۽ جبل (به) ۽ وڻ (به) ۽ جانور (به) ۽ ڪيترائي انسان (به)، ۽ ڪيترائي (انسان) اهڙا آهن جن تي (سندن ڪفر ۽ شرڪ جي ڪري) عذاب ثابت ٿي چڪو آهي، ۽ الله جنهن کي ذليل ڪري ته ان کي ڪوبه عزت ڏيڻ وارو ناهي. بيشڪ الله جيڪي گهري ٿو ڪري ٿو.
— مولانا طاھر القادريھٰذٰنِ خَصْمٰنِ اخْتَصَمُوْا فِيْ رَبِّهِمْ ۡ فَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا قُطِّعَتْ لَهُمْ ثِيَابٌ مِّنْ نَّارٍ ۭ يُصَبُّ مِنْ فَوْقِ رُءُوْسِهِمُ الْحَمِيْمُ ۚ19
هي ٻه ٽولا آهن جيڪي پنهنجي رب جي باري ۾ جهڳڙو پيا ٿا ڪن پوءِ جيڪي ڪافر ٿي ويا آهن انهن جي لاءِ دوزخ جي باهه جا ڪپڙا ڪٽجي (سبجي) ويا آهن. سندن مٿن تي ٽهڪندڙ پاڻي وڌو ويندو.
— مولانا طاھر القادرييُصْهَرُ بِهٖ مَا فِيْ بُطُوْنِهِمْ وَالْجُلُوْدُ ۭ20
جنهن سان انهن جي پيٽن ۾ جيڪو ڪجهه آهي ڳري ويندو ۽ (انهن جون) کلون به.
— مولانا طاھر القادري