021 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 112 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
اِقْتَرَبَ لِلنَّاسِ حِسَابُهُمْ وَهُمْ فِيْ غَفْلَةٍ مُّعْرِضُوْنَ 1ۚ
ماڻهن جي لاءِ سندن حساب جو وقت ويجهو اچي پهتو مگر اُهي غفلت ۾ (پئجي فرمانبرداري کان) منهن موڙيا ويٺا آهن.
— مولانا طاھر القادريمَا يَاْتِيْهِمْ مِّنْ ذِكْرٍ مِّنْ رَّبِّهِمْ مُّحْدَثٍ اِلَّا اسْتَـمَعُوْهُ وَهُمْ يَلْعَبُوْنَ 2ۙ
انهن وٽ سندن رب جي طرفان جڏهن به ڪا نصيحت اچي ٿي ته اُهي ان کي ائين (بي پرواهيءَ سان) ٻڌن ٿا ڄڻ اُهي راند روند ۾ لڳل آهن.
— مولانا طاھر القادريلَاهِيَةً قُلُوْبُهُمْ ۭ وَاَسَرُّوا النَّجْوَي ڰ الَّذِيْنَ ظَلَمُوْا ڰ هَلْ ھٰذَآ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ ۚ اَفَتَاْتُوْنَ السِّحْرَ وَاَنْتُمْ تُبْصِرُوْنَ 3
انهن جون دليون غافل ٿي چڪيون آهن، ۽ (هي) ظالم (توهان جي خلاف) هوريان هوريان سرٻاٽون ڪن ٿا ته، هي ته صرف توهان جهڙو ئي هڪ بشر آهي، ڇا پوءِ (به) توهان (هن جي) جادو وٽ وڃو ٿا حالانڪه توهان ڏسي رهيا آهيو.
— مولانا طاھر القادريقٰلَ رَبِّيْ يَعْلَمُ الْقَوْلَ فِي السَّمَاۗءِ وَالْاَرْضِ ۡ وَهُوَ السَّمِيْعُ الْعَلِيْمُ 4
(نبي معظم صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) فرمايو ته منهنجو رب آسمان ۽ زمين ۾ چئي وڃڻ واري (هر) ڳالهه کي ڄاڻي ٿو ۽ اُهو خوب ٻڌندڙ خوب ڄاڻندڙ آهي.
— مولانا طاھر القادريبَلْ قَالُـوْٓا اَضْغَاثُ اَحْلَامٍۢ بَلِ افْتَرٰىهُ بَلْ هُوَ شَاعِرٌ ښ فَلْيَاْتِنَا بِاٰيَةٍ كَـمَآ اُرْسِلَ الْاَوَّلُوْنَ 5
بلڪه (ظالمن ايستائين) چيو ته هي (قرآن) پريشان خوابن (۾ ڏٺل ڳالهيون) آهن بلڪه هن (رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) ان کي (پاڻ ئي) گهڙيو آهي بلڪه (اهو ته) هو شاعر آهي (جيڪڏهن هي سچو آهي) ته هي (به) اسان وٽ ڪا نشاني کڻي اچي جيئن اڳوڻا (رسول نشانين سان گڏ) موڪليا ويا هئا.
— مولانا طاھر القادريمَآ اٰمَنَتْ قَبْلَهُمْ مِّنْ قَرْيَةٍ اَهْلَكْنٰهَا ۚ اَفَهُمْ يُؤْمِنُوْنَ 6
انهن کان اڳ ۾ اسان جنهن به ڳوٺ کي برباد ڪيو ان (انهن نشانين تي) ايمان نه آندو هو ته ڇا هي ايمان آڻيندا.
— مولانا طاھر القادريوَمَآ اَرْسَلْنَا قَبْلَكَ اِلَّا رِجَالًا نُّوْحِيْٓ اِلَيْهِمْ فَسْــَٔـلُوْٓا اَهْلَ الذِّكْرِ اِنْ كُنْتُمْ لَا تَعْلَمُوْنَ 7
۽ (اي حبيب مڪرم!) اسان توهان کان اڳ ۾ (به) مردن کي ئي (رسول بڻائي) موڪليو هو اسان انهن ڏانهن وحي موڪليندا هئاسين (ماڻهو!) توهان اهل ذڪر کان پڇندا ڪريو جيڪڏهن توهان (پاڻ) نٿا ڄاڻو.
— مولانا طاھر القادريوَمَا جَعَلْنٰهُمْ جَسَدًا لَّا يَاْكُلُوْنَ الطَّعَامَ وَمَا كَانُوْا خٰلِدِيْنَ 8
۽ اسان انهن (نبين) کي اهڙي جسم وارو نه بڻايو هو جو اُهي کاڌو نه کائيندا هجن ۽ نه ئي اُهي (دنيا ۾ ظاهري حياتي سان) هميشه رهڻ وارا هئا.
— مولانا طاھر القادريثُـمَّ صَدَقْنٰهُمُ الْوَعْدَ فَاَنْجَيْنٰهُمْ وَمَنْ نَّشَاۗءُ وَاَهْلَكْنَا الْمُسْرِفِيْنَ 9
پوءِ اسان انهن کي پنهنجو وعدو سچو ڪري ڏيکاريو پوءِ اسان انهن کي ۽ جن کي اسان گهريو ڇوٽڪارو ڏنو ۽ اسان حد کان وڌڻ وارن کي برباد ڪري ڇڏيو.
— مولانا طاھر القادريلَقَدْ اَنْزَلْنَآ اِلَيْكُمْ كِتٰبًا فِيْهِ ذِكْرُكُمْ ۭ اَفَلَا تَعْقِلُوْنَ ۧ10
بيشڪ اسان توهان ڏانهن اهڙو ڪتاب نازل فرمايو آهي جنهن ۾ توهان جي نصيحت (جو سامان) آهي، ڇا توهان عقل نٿا رکو.
— مولانا طاھر القادريوَكَمْ قَصَمْنَا مِنْ قَرْيَةٍ كَانَتْ ظَالِمَةً وَّاَنْشَاْنَا بَعْدَهَا قَوْمًا اٰخَرِيْنَ 11
۽ اسان ڪيترين ئي وستين کي تباهه و برباد ڪري ڇڏيو جيڪي ظالم هيون ۽ انهن کانپوءِ اسان ٻين قومن کي پيدا فرمايو.
— مولانا طاھر القادريفَلَمَّآ اَحَسُّوْا بَاْسَنَآ اِذَا هُمْ مِّنْهَا يَرْكُضُوْنَ ۭ12
پوءِ جڏهن انهن اسان جي عذاب (جي آمد) کي محسوس ڪيو ته اُهي هتان کان تيزي سان ڀڄڻ لڳا.
— مولانا طاھر القادريلَا تَرْكُضُوْا وَارْجِعُوْٓا اِلٰى مَآ اُتْرِفْتُمْ فِيْهِ وَمَسٰكِنِكُمْ لَعَلَّكُمْ تُسْــَٔـلُوْنَ 13
(انهن کي چيو ويو:) توهان جلدي نه ڀڄو ۽ انهيءَ جڳهه ڏانهن موٽي وڃو جنهن ۾ توهان کي سهولتون ڏنيون ويون هيون ۽ پنهنجي (عيش ۽ عشرت وارن) گهرن ڏانهن (موٽي وڃو) شايد توهان کان پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي.
— مولانا طاھر القادريقَالُوْا يٰوَيْلَنَآ اِنَّا كُنَّا ظٰلِمِيْنَ 14
اُهي چوڻ لڳا: هاءِ بدقسمتي! بيشڪ اسان ظالم هئاسين.
— مولانا طاھر القادريفَـمَا زَالَتْ تِّلْكَ دَعْوٰىهُمْ حَتّٰى جَعَلْنٰهُمْ حَصِيْدًا خٰمِدِيْنَ 15
پوءِ هميشه انهن جو اِهوئي فرياد رهيو ايستائين جو اسان انهن کي لڻيل فصل (۽) وساميل باهه (جي ڍير) وانگر بڻائي ڇڏيو.
— مولانا طاھر القادريوَمَا خَلَقْنَا السَّمَاۗءَ وَالْاَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا لٰعِبِيْنَ 16
۽ اسان آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي ڪجهه انهن جي وچ ۾ آهي راند روند طور (بيڪار) نه بڻايو آهي.
— مولانا طاھر القادريلَـوْ اَرَدْنَآ اَنْ نَّتَّخِذَ لَهْوًا لَّاتَّخَذْنٰهُ مِنْ لَّدُنَّآ ڰ اِنْ كُنَّا فٰعِلِيْنَ 17
جيڪڏهن اسان ڪو کيل تماشو اختيار ڪرڻ چاهيون ها ته ان کي پنهنجي ئي طرفان اختيار ڪريون ها جيڪڏهن اسان (ائين) ڪرڻ وارا هجون ها.
— مولانا طاھر القادريبَلْ نَقْذِفُ بِالْـحَقِّ عَلَي الْبَاطِلِ فَيَدْمَغُهٗ فَاِذَا هُوَ زَاهِقٌ ۭ وَلَـكُمُ الْوَيْلُ مِـمَّا تَصِفُوْنَ 18
بلڪه اسان حق سان باطل تي پوري قوت سان چوٽ لڳايون ٿا پوءِ حق ان کي چٿي ڇڏي ٿو پوءِ اُهو (باطل) تباهه ٿي وڃي ٿو، ۽ توهان جي لاءِ انهن ڳالهين جي ڪري تباهي آهي جيڪي توهان بيان ڪريو ٿا.
— مولانا طاھر القادريوَ لَهٗ مَنْ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَ مَنْ عِنْدَهٗ لَا يَسْـتَكْبِرُوْنَ عَنْ عِبَادَتِهٖ وَ لَا يَسْتَحْسِرُوْنَ ۚ19
۽ جيڪو آسمانن ۽ زمين ۾ آهي ان جو ئي (ٻانهو ۽ مملوڪ) آهي، ۽ جيڪي (ملائڪ) ان جي قربت ۾ (رهندا) آهن اُهي نه ته ان جي عبادت کان وڏائي ٿا ڪن ۽ نه اُهي (سندس فرمانبرداري بجا آڻيندي) ٿڪجن ٿا.
— مولانا طاھر القادرييُسَبِّحُوْنَ الَّيْلَ وَالنَّهَارَ لَايَفْتُرُوْنَ 20
اُهي رات ڏينهن (سندس) تسبيح ڪندا رهن ٿا ۽ معمولي وقفو به نٿا ڪن.
— مولانا طاھر القادري