020 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 135 آيتون ۽ 8 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
طٰهٰ 1ۚ
طا ها (حقيقي معنيٰ الله ۽ رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم ئي بهتر ڄاڻن ٿا).
— مولانا طاھر القادريمَآ اَنْزَلْنَا عَلَيْكَ الْقُرْاٰنَ لِتَشْقٰٓي 2ۙ
(اي محبوبِ مڪرم!) اسان توهان تي قرآن (ان لاءِ) نازل نه فرمايو آهي ته توهان تڪليف ۾ پئو.
— مولانا طاھر القادرياِلَّا تَذْكِرَةً لِّمَنْ يَّخْشٰى 3ۙ
مگر (هن کي) ان ماڻهو جي لاءِ نصيحت (بڻائي لاٿو) آهي جيڪو (پنهنجي رب کان) ڊڄي ٿو.
— مولانا طاھر القادريتَنْزِيْلًا مِّمَّنْ خَلَقَ الْاَرْضَ وَالسَّمٰوٰتِ الْعُلٰى 4ۭ
(هي) ان (الله) جي طرفان نازل ٿيل آهي جنهن زمين ۽ مٿانهان آسمان پيدا فرمايا.
— مولانا طاھر القادرياَلرَّحْمَنُ عَلَي الْعَرْشِ اسْتَوٰى 5
(اُهو) نهايت رحمت وارو (آهي) جيڪو عرش (يعني مڪمل نظام ڪائنات جي اقتدار) تي (پنهنجي شان مطابق) متمڪن ٿيو.
— مولانا طاھر القادريلَهٗ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا وَمَا تَـحْتَ الثَّرٰى 6
(پوءِ) جيڪو ڪجهه آسمانن (جي بالائي نوري ڪائناتن ۽ خلائي مادي ڪائناتن) ۾ آهي ۽ جيڪو ڪجهه زمين ۾ آهي ۽ جيڪو ڪجهه انهن ٻنهي جي وچ (فضائي ۽ هوائي گولن ۾) آهي ۽ جيڪو ڪجهه زميني سطح جي هيٺان آخري تهه تائين آهي سڀ انهيءَ جي ئي (نظام ۽ قدرت جي تابع) آهن.
— مولانا طاھر القادريوَاِنْ تَجْــهَرْ بِالْقَوْلِ فَاِنَّهٗ يَعْلَمُ السِّرَّ وَاَخْفٰي 7
۽ جيڪڏهن توهان ذڪر ۽ دعا ۾ جهر (يعني وڏو آواز) ڪريو (ته به ڪو حرج ناهي) اُهو ته سِرّ (يعني دلين جي رازن) ۽ اخفيٰ (يعني سڀ کان زياده ڳجهن رازن) کي به ڄاڻي ٿو (ته وڏين التجائن کي ڇونه ٻڌندو).
— مولانا طاھر القادرياَللّٰهُ لَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ ۭ لَهُ الْاَسْمَاۗءُ الْحُسْنٰى 8
الله (ان جو ئي اسم ذات) آهي جنهن کان سواءِ ڪوبه معبود ناهي (ڄڻ توهان ان جو ئي اثبات ڪريو ۽ باقي سڀني ڪوڙن معبودن جي نفي ڪري ڇڏيو) ان جي لاءِ (ٻيا به) ڪيترائي خوبصورت نالا آهن (جيڪي ان جي حسين ۽ جميل صفتن جو پتو ڏين ٿا).
— مولانا طاھر القادريوَهَلْ اَتٰىكَ حَدِيْثُ مُوْسٰى 9ۘ
۽ ڇا توهان وٽ موسيٰ (عليه السلام) جي خبر اچي چڪي آهي؟
— مولانا طاھر القادرياِذْ رَاٰ نَارًا فَقَالَ لِاَهْلِهِ امْكُـثُوْٓا اِنِّىْٓ اٰنَسْتُ نَارًا لَّعَلِّيْٓ اٰتِيْكُمْ مِّنْهَا بِقَبَسٍ اَوْ اَجِدُ عَلَي النَّارِ هُدًى 10
جڏهن موسيٰ (عليه السلام مدين کان واپس مصر ايندي) هڪ باهه ڏٺي ته ان پنهنجي گهروارن کي چيو توهان هتي ترسو مون هڪ باهه ڏٺي آهي (يا مون هڪ باهه ۾ محبت جو شعلو ڏٺو آهي) شايد آئون ان مان ڪا چڻنگ توهان جي لاءِ (به) کڻي اچان يا آئون ان باهه تان (اُها) رهنمائي حاصل ڪريان (جنهن جي ڳولا ۾ پريشان آهيان).
— مولانا طاھر القادريفَلَمَّآ اَتٰىهَا نُوْدِيَ يٰمُوْسٰى ۭ11
پوءِ جڏهن اُهو ان (باهه) وٽ پهتو ته سڏ ٿيو ته اي موسيٰ!
— مولانا طاھر القادرياِنِّىْٓ اَنَا رَبُّكَ فَاخْلَعْ نَعْلَيْكَ ۚ اِنَّكَ بِالْوَادِ الْمُقَدَّسِ طُوًى ۭ12
بيشڪ آئون ئي تنهنجو رب آهيان پوءِ تون پنهنجي جُتي لاههِ ، بيشڪ تون طويٰ جي مقدس وادي ۾ آهين.
— مولانا طاھر القادريوَاَنَا اخْتَرْتُكَ فَاسْتَمِعْ لِمَا يُوْحٰى 13
۽ مون توکي (پنهنجي رسالت جي لاءِ) چونڊيو آهي پوءِ تون پوري ڌيان سان ٻڌ جيڪو توکي وحي ڪيو پيو وڃي.
— مولانا طاھر القادرياِنَّنِيْٓ اَنَا اللّٰهُ لَآ اِلٰهَ اِلَّآ اَنَا فَاعْبُدْنِيْ ۙ وَاَ قِمِ الصَّلٰوةَ لِذِكْرِيْ 14
بيشڪ آئون ئي الله آهيان مون کانسواءِ ڪوبه معبود ناهي سو تون منهنجي عبادت ڪر ۽ منهنجي ياد جي لاءِ نماز قائم ڪر.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ السَّاعَةَ اٰتِيَةٌ اَكَادُ اُخْفِيْهَا لِتُجْزٰى كُلُّ نَفْسٍۢ بِـمَا تَسْعٰي 15
بيشڪ قيامت جي گهڙي اچڻ واري آهي، آئون ان کي ڳجهه رکڻ چاهيان ٿو ته جيئن هر جان کي ان (عمل) جو بدلو ڏنو وڃي جنهن جي لاءِ هو ڪوشش ڪندڙ آهي.
— مولانا طاھر القادريفَلَا يَصُدَّنَّكَ عَنْهَا مَنْ لَّا يُؤْمِنُ بِهَا وَاتَّبَعَ هَوٰىهُ فَتَرْدٰى 16
پوءِ توکي اُهو شخص انهيءَ (جي ڌيان) کان نه روڪي رکي جيڪو (پاڻ) ان تي ايمان نٿو رکي ۽ پنهنجي (نفساني) خواهش جو پيروڪار آهي نه ته تون (به) تباهه ٿي ويندين.
— مولانا طاھر القادريوَمَا تِلْكَ بِيَمِيْنِكَ يٰمُوْسٰى ١7
۽ هي تنهنجي ساڄي هٿ ۾ ڇا آهي؟ اي موسيٰ!
— مولانا طاھر القادريقَالَ هِىَ عَصَايَ ۚ اَتَـوَكَّؤُا عَلَيْهَا وَاَهُشُّ بِهَا عَلٰي غَنَمِيْ وَلِيَ فِيْهَا مَاٰرِبُ اُخْرٰى 18
اُن چيو هي منهنجي لٺ آهي، آئون هن تي ٽيڪ لڳايان ٿو ۽ آئون هن سان پنهنجي ٻڪرين جي لاءِ پَن ڇاڻيان ٿو ۽ هن ۾ منهنجي لاءِ ڪيئي ٻيا فائدا به آهن.
— مولانا طاھر القادريقَالَ اَلْقِهَا يٰمُوْسٰى 19
ارشاد ٿيو: اي موسيٰ! ان کي (زمين تي) اڇلاءِ.
— مولانا طاھر القادريفَاَلْقٰىهَا فَاِذَا هِىَ حَيَّةٌ تَسْعٰي 20
پوءِ هن ان کي (زمين تي) اڇلايو ته اوچتو نانگ ٿي پيئي (جيڪو هيڏي هوڏي) ڊوڙڻ لڳو.
— مولانا طاھر القادري