019 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 98 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
كۗهٰيٰعۗصۗ ڗ 1
ڪاف ها يا عين صاد (حقيقي معنيٰ الله ۽ ان جو رسول صلي الله عليه وآله وسلم ئي بهتر ڄاڻن ٿا).
— مولانا طاھر القادريذِكْرُ رَحْمَتِ رَبِّكَ عَبْدَهٗ زَكَرِيَّا ڻ 2
هي توهان جي رب جي رحمت جو ذڪر آهي (جيڪا ان) پنهنجي (چونڊيل) ٻانهي زڪريا (عليه السلام) تي (فرمائي هئي).
— مولانا طاھر القادرياِذْ نَادٰى رَبَّهٗ نِدَاۗءً خَفِيًّا 3
جڏهن ان پنهنجي رب کي (ادب ڀري) دٻيل آواز سان پڪاريو.
— مولانا طاھر القادريقَالَ رَبِّ اِنِّىْ وَهَنَ الْعَظْمُ مِنِّيْ وَاشْتَعَلَ الرَّاْسُ شَيْبًا وَّلَمْ اَكُنْۢ بِدُعَاۗىِٕكَ رَبِّ شَقِيًّا 4
عرض ڪيائين: اي منهنجا رب! منهنجي جسم جون هڏيون ڪمزور ٿي ويون آهن ۽ پوڙهائپ جي ڪري مٿو باهه جي شعلي وانگر سفيد ٿي ويو آهي ۽ اي منهنجا پالڻهار! آئون توکان گهري ڪڏهن به محروم نه رهيس.
— مولانا طاھر القادريوَاِنِّىْ خِفْتُ الْمَوَالِيَ مِنْ وَّرَاۗءِيْ وَكَانَتِ امْرَاَتِيْ عَاقِرًا فَهَبْ لِيْ مِنْ لَّدُنْكَ وَلِيًّا 5ۙ
۽ آئون پنهنجي (موڪلائڻ) کان پوءِ (بي دين) مائٽن کان ڊڄان ٿو (ته اُهي دين جي نعمت ضايع ڪري نه ويهن) ۽ منهنجي گهرواري (به) سنڍ آهي سو تون مون کي پنهنجي (خاص) بارگاهه مان هڪ وارث (پٽ) عطا فرما.
— مولانا طاھر القادرييَّرِثُنِيْ وَيَرِثُ مِنْ اٰلِ يَعْقُوْبَ ڰ وَاجْعَلْهُ رَبِّ رَضِيًّا 6
جيڪو (آسماني نعمت ۾) منهنجو (به) وارث بڻجي ۽ يعقوب (عليه السلام) جي اولاد (جي نبوت جي سلسلي) جو (به) وارث هجي اي منهنجا رب! تون (به) ان کي پنهنجي رضا جو حامل بناءِ.
— مولانا طاھر القادرييٰزَكَرِيَّآ اِنَّا نُبَشِّرُكَ بِغُلٰمِ ۨاسْمُهٗ يَحْــيٰى ۙ لَمْ نَجْعَلْ لَّهٗ مِنْ قَبْلُ سَمِيًّا 7
(ارشاد ٿيو) اي زڪريا! بيشڪ اسان توکي هڪ ڇوڪري جي خوشخبري ٻڌايون ٿا جنهن جو نالو يحيٰ (عليه السلام) هوندو اسان هن کان اڳ ان جي نالي وارو ڪونه بڻايو.
— مولانا طاھر القادريقَالَ رَبِّ اَنّٰى يَكُوْنُ لِيْ غُلٰمٌ وَّكَانَتِ امْرَاَتِيْ عَاقِرًا وَّقَدْ بَلَغْتُ مِنَ الْكِبَرِ عِتِيًّا 8
(زڪريا عليه السلام) عرض ڪيو: اي منهنجا پالڻهار! مون وٽ ڇوڪرو ڪيئن ٿي سگهي ٿو حالانڪه منهنجي گهر واري سنڍ آهي ۽ آئون پاڻ ڪراڙپ جي ڪري (انتهائي ڪمزوري ۾) سُڪي وڃڻ جي حالت کي پهچي چڪو آهيان.
— مولانا طاھر القادريقَالَ كَذٰلِكَ ۚ قَالَ رَبُّكَ هُوَ عَلَيَّ هَيِّنٌ وَّقَدْ خَلَقْتُكَ مِنْ قَبْلُ وَلَمْ تَكُ شَـيْـــــًٔـا 9
فرمايائين (تعجب نه ڪر) ائين ئي ٿيندو، تنهنجي رب فرمايو آهي اِهو (ڇوڪرو پيدا ڪرڻ) مون تي سولو آهي ۽ بيشڪ آئون هن کان اڳ توهان کي (به) پيدا ڪري چڪو آهيان ان حالت ۾ جو توهان (شروع کان) ڪا شيءِ ئي نه هئا.
— مولانا طاھر القادريقَالَ رَبِّ اجْعَلْ لِّيْٓ اٰيَةً ۭ قَالَ اٰيَتُكَ اَلَّا تُكَلِّمَ النَّاسَ ثَلٰثَ لَيَالٍ سَوِيًّا ١0
(زڪريا عليه السلام) عرض ڪيو: اي منهنجا رب! منهنجي لاءِ ڪا نشاني مقرر فرماءِ، ارشاد ٿيو تنهنجي نشاني اِها آهي ته تون بلڪل تندرست هوندي به ٽي راتيون (ڏينهن) ماڻهن سان ڳالهائي نه سگهندين.
— مولانا طاھر القادريفَخَرَجَ عَلٰي قَوْمِهٖ مِنَ الْمِحْرَابِ فَاَوْحٰٓى اِلَيْهِمْ اَنْ سَبِّحُوْا بُكْرَةً وَّعَشِـيًّا 11
پوءِ (زڪريا عليه السلام) عبادت جي حجري مان نڪري پنهنجي ماڻهن وٽ آيا ۽ انهن جي طرف اشارو ڪيائون (۽ سمجهايائون) ته توهان صبح ۽ شام (الله جي) تسبيح ڪريو.
— مولانا طاھر القادرييٰــيَحْـيٰى خُذِ الْكِتٰبَ بِقُوَّةٍ ۭ وَاٰتَيْنٰهُ الْحُكْمَ صَبِيًّا ۙ12
اي يحيٰ! (اسان جي) ڪتاب (تورات) کي مضبوطيءَ سان وٺ ۽ اسان کيس ننڍپڻ ۾ ئي حڪمت و بصيرت (نبوت) عطا فرمائي ڇڏي هئي.
— مولانا طاھر القادريوَّحَنَانًا مِّنْ لَّدُنَّا وَزَكٰوةً ۭ وَكَانَ تَقِيًّا ۙ13
۽ پنهنجي خاص لطف سان (ان کي) سوز و گداز ۽ پاڪيزگيءَ ۽ طهارت (سان به نوازيو هو)، ۽ اُهو وڏو پرهيزگار هو.
— مولانا طاھر القادريوَّځ ابِوَالِدَيْهِ وَلَمْ يَكُنْ جَبَّارًا عَصِيًّا ١4
۽ پنهنجي ماءُ پيءُ سان وڏي نيڪي (۽ خدمت) سان پيش اچڻ وارو (هو) ۽ (عام ڇوڪرن وانگر) هرگز سرڪش ۽ نافرمان نه هو.
— مولانا طاھر القادريوَسَلٰمٌ عَلَيْهِ يَوْمَ وُلِدَ وَيَوْمَ يَمُوْتُ وَيَوْمَ يُـبْعَثُ حَيًّا ۧ15
۽ يحيٰ تي سلام هجي ان جي ميلاد جي ڏينهن ۽ ان جي وفات جي ڏينهن ۽ جنهن ڏينهن اُهي جيئرا اٿاريا ويندا.
— مولانا طاھر القادريوَاذْكُرْ فِى الْكِتٰبِ مَرْيَـمَ ۘاِذِ انْتَبَذَتْ مِنْ اَهْلِهَا مَكَانًا شَرْقِيًّا ۙ16
۽ (اي حبيب مڪرم!) توهان ڪتاب (قرآن مجيد) ۾ مريم (عليها السلام) جو ذڪر ڪريو، جڏهن اُها پنهنجي گهروارن کان الڳ ٿي (عبادت جي لاءِ اڪيلائي اختيار ڪندي) مشرقي مڪان ۾ آئي
— مولانا طاھر القادريفَاتَّخَذَتْ مِنْ دُوْنِهِمْ حِجَابًا ڨ فَاَرْسَلْنَآ اِلَيْهَا رُوْحَنَا فَتَمَثَّلَ لَهَا بَشَرًا سَوِيًّا 17
پوءِ هن انهن (گهروارن ۽ ماڻهن) جي پاسي کان پردو اختيار ڪيو (ته جيئن حسن مطلق پنهنجو پردو کڻي ڇڏي) ته اسان ان ڏانهن پنهنجي روح (يعني ملائڪ جبرائيل) کي موڪليو سو (جبرائيل) ان جي سامهون مڪمل بشري صورت ۾ ظاهر ٿيو.
— مولانا طاھر القادريقَالَتْ اِنِّىْٓ اَعُوْذُ بِالرَّحْمٰنِ مِنْكَ اِنْ كُنْتَ تَقِيًّا 18
(مريم عليها السلام) چيو: بيشڪ آئون توکان (خدا) رحمان جي پناهه گهران ٿي جيڪڏهن تون (الله کان) ڊڄندڙ آهين.
— مولانا طاھر القادريقَالَ اِنَّـمَآ اَنَا رَسُوْلُ رَبِّكِ ڰ لِاَهَبَ لَكِ غُلٰمًا زَكِيًّا 19
(جبرائيل عليه السلام) چيو: آئون ته فقط تنهنجي رب جو موڪليل آهيان، (ان لاءِ آيو آهيان) ته آئون توکي هڪ پاڪيزه پٽ عطا ڪريان.
— مولانا طاھر القادريقَالَتْ اَنّٰى يَكُوْنُ لِيْ غُلٰمٌ وَّلَمْ يَمْسَسْنِيْ بَشَرٌ وَّلَمْ اَكُ بَغِيًّا 20
(مريم عليها السلام) چيو: مون وٽ ڇوڪرو ڪيئن پيدا ٿي سگهي ٿو جڏهن ته مون کي ڪنهن انسان ڇُهيو ئي ناهي ۽ نه ئي آئون بدڪار آهيان.
— مولانا طاھر القادري