018 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 110 آيتون ۽ 12 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
اَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْٓ اَنْزَلَ عَلٰي عَبْدِهِ الْكِتٰبَ وَلَمْ يَجْعَلْ لَّهٗ عِوَجًا ڸ 1
تمام تعريفون الله جي ئي لاءِ آهن جنهن پنهنجي (محبوب ۽ مقرب) ٻانهي تي (عظيم) ڪتاب نازل فرمايو ۽ ان ۾ ڪا ڏنگائي نه رکي.
— مولانا طاھر القادريقَـيِّمًا لِّيُنْذِرَ بَاْسًا شَدِيْدًا مِّنْ لَّدُنْهُ وَيُبَشِّرَ الْمُؤْمِنِيْنَ الَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ الصّٰلِحٰتِ اَنَّ لَهُمْ اَجْرًا حَسَـنًا 2ۙ
(ان کي) سنئون ۽ معتدل (بڻايو) ته جيئن اُهو (منڪرن کي) الله جي طرفان (اچڻ واري) شديد عذاب کان ڊيڄاري ۽ مومنن کي جيڪي نيڪ عمل ڪن ٿا خوشخبري ٻڌائي ته انهن جي لاءِ بهتر اجر (جنت) آهي.
— مولانا طاھر القادريمَّاكِثِيْنَ فِيْهِ اَبَدًا 3ۙ
جنهن ۾ اُهي هميشه رهندا.
— مولانا طاھر القادريوَّيُنْذِرَ الَّذِيْنَ قَالُوا اتَّخَذَ اللّٰهُ وَلَدًا 4ۤ
۽ (پڻ) انهن ماڻهن کي ڊيڄاري جيڪي چون ٿا ته الله (پنهنجي لاءِ) پٽ بڻايو آهي.
— مولانا طاھر القادريمَا لَهُمْ بِهٖ مِنْ عِلْمٍ وَّلَا لِاٰبَاۗىِٕهِمْ ۭ كَبُرَتْ كَلِمَةً تَخْرُجُ مِنْ اَفْوَاهِهِمْ ۭ اِنْ يَّقُوْلُوْنَ اِلَّا كَذِبًا 5
نه کين انهيءَ جو ڪو علم آهي ۽ نه انهن جي ابن ڏاڏن کي هو، (هي) ڪيڏي وڏي ڳالهه آهي جيڪا انهن جي منهن مان نڪري پيئي، اُهي (سراسر) ڪوڙ کان سواءِ ڪجهه چون ئي نٿا.
— مولانا طاھر القادريفَلَعَلَّكَ بَاخِعٌ نَّفْسَكَ عَلٰٓي اٰثَارِهِمْ اِنْ لَّمْ يُؤْمِنُوْا بِهٰذَا الْحَدِيْثِ اَسَفًا 6
(اي حبيب مڪرم!) ته ڇا توهان انهن جي پٺيان شديد غم ۾ پنهنجي (پياري) جان (به) ڳاري ڇڏيندؤ جيڪڏهن اُنهن هن ڪلامِ (رباني) تي ايمان نه آندو.
— مولانا طاھر القادرياِنَّا جَعَلْنَا مَا عَلَي الْاَرْضِ زِيْنَةً لَّهَا لِنَبْلُوَهُمْ اَيُّهُمْ اَحْسَنُ عَمَلًا 7
بيشڪ اسان انهن سڀني شين کي جيڪي زمين تي آهن انهن جي لاءِ سينگار (۽ آرائش) جي باعث بڻايو ته جيئن اسان انهن ماڻهن کي (جيڪي زمين جا رهواسي آهن) آزمايون ته انهن ۾ عمل جي اعتبار سان بهتر ڪير آهي.
— مولانا طاھر القادريوَاِنَّا لَجٰعِلُوْنَ مَا عَلَيْهَا صَعِيْدًا جُرُزًا 8ۭ
۽ بيشڪ اسان انهن (سڀني) شين کي جيڪي هن (روءِ زمين) تي آهن (نابود ڪري) بنجر ميدان بنائڻ وارا آهيون.
— مولانا طاھر القادرياَمْ حَسِبْتَ اَنَّ اَصْحٰبَ الْكَهْفِ وَالرَّقِيْمِ ۙ كَانُوْا مِنْ اٰيٰتِنَا عَجَبًا 9
ڇا توهان اهو خيال ڪيو آهي ته ڪهف ۽ رقيم (يعني غار ۽ لوحِ غار يا وادي رقيم) وارا اسان جي (قدرت جي) نشانين مان (ڪيڏي) عجيب نشاني هئا؟
— مولانا طاھر القادرياِذْ اَوَى الْفِتْيَةُ اِلَى الْكَهْفِ فَقَالُوْا رَبَّنَآ اٰتِنَا مِنْ لَّدُنْكَ رَحْـمَةً وَّهَيِّئْ لَنَا مِنْ اَمْرِنَا رَشَدًا 10
(اُهو وقت ياد ڪريو) جڏهن ڪجهه نوجوانن غار ۾ پناهه ورتي ته انهن چيو: اي اسان جا رب! اسان کي پنهنجي بارگاهه مان رحمت عطا فرماءِ ۽ اسان جي ڪم ۾ واٽ لهڻ (جا اسباب) مهيا فرماءِ.
— مولانا طاھر القادريفَضَرَبْنَا عَلٰٓي اٰذَانِهِمْ فِي الْكَهْفِ سِنِيْنَ عَدَدًا ۙ11
پوءِ اسان ان غار ۾ ڳڻپ جا چند سال انهن جي ڪنن تي ٿپڪي ڏيئي (انهن کي سمهاريو ڇڏيو).
— مولانا طاھر القادريثُـمَّ بَعَثْنٰهُمْ لِنَعْلَمَ اَيُّ الْحِزْبَيْنِ اَحْصٰى لِمَا لَبِثُوْٓا اَمَدًا ۧ12
پوءِ اسان انهن کي اٿاري ڇڏيوسين ته ڏسون ٻنهي جماعتن مان ڪير ان (مدت) کي صحيح شمار ڪرڻ وارو آهي جيڪا اُهي (غار ۾) رهيا.
— مولانا طاھر القادرينَـحْنُ نَقُصُّ عَلَيْكَ نَبَاَهُمْ بِالْـحَقِّ ۭ اِنَّهُمْ فِتْيَةٌ اٰمَنُوْا بِرَبِّهِمْ وَزِدْنٰهُمْ هُدًى ڰ 13
(هاڻي) اسان توهان کي انهن جو صحيح صحيح حال ٻڌايون ٿا، بيشڪ اُهي (ڪجهه) نوجوان هئا جن پنهنجي رب تي ايمان آندو ۽ اسان انهن جي لاءِ هدايت (جي نور) ۾ اڃا اضافو فرمائي ڇڏيوسين.
— مولانا طاھر القادريوَّرَبَطْنَا عَلٰي قُلُوْبِهِمْ اِذْ قَامُوْا فَقَالُوْا رَبُّنَا رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ لَنْ نَّدْعُوَا۟ مِنْ دُوْنِهٖٓ اِلٰـهًا لَّقَدْ قُلْنَآ اِذًا شَطَطًا 14
۽ اسان انهن جي دلين کي (پنهنجي تعلق ۽ نسبت سان) مضبوط، مستحڪم فرمايوسين، جڏهن اُهي (پنهنجي بادشاهه جي سامهون) بيٺا ته چوڻ لڳا: اسان جو رب ته آسمانن ۽ زمين جو رب آهي اسان ان کانسواءِ هرگز ڪنهن (ڪوڙي) معبود جي پوڄا نه ڪنداسين (جيڪڏهن ائين ڪريون ته) ان وقت اسان ضرور حق کان هٽيل ڳالهه ڪنداسين.
— مولانا طاھر القادريهٰٓؤُلَاۗءِ قَوْمُنَا اتَّخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اٰلِهَةً ۭ لَوْلَا يَاْتُوْنَ عَلَيْهِمْ بِسُلْطٰنٍۢ بَيِّنٍ ۭ فَـمَنْ اَظْلَمُ مِـمَّنِ افْتَرٰى عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا ۭ15
هي اسان جي قوم جا ماڻهو آهن، جن اُن کانسواءِ ڪيئي معبود بڻائي ورتا آهن پوءِ هي انهن (جي معبود هجڻ) تي ڪو چٽو دليل ڇونه ٿا آڻين؟ پوءِ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير هوندو جيڪو الله تي ڪوڙو بهتان مڙهي ٿو.
— مولانا طاھر القادريوَاِذِ اعْتَزَلْتُمُوْهُمْ وَمَا يَعْبُدُوْنَ اِلَّا اللّٰهَ فَاْوٗا ٓ اِلَى الْكَهْفِ يَنْشُرْ لَكُمْ رَبُّكُمْ مِّنْ رَّحْمَتِهٖ وَيُهَــيِّئْ لَكُمْ مِّنْ اَمْرِكُمْ مِّرْفَقًا 16
۽ (انهن نوجوانن پاڻ ۾ چيو:) جڏهن توهان انهن کان ۽ انهن (جي ڪوڙن معبودن) کان جن کي هي الله کانسواءِ پوڄين ٿا پري ٿي ويا آهيو ته توهان (هن) غار ۾ پناهه وٺو، توهان جو رب توهان جي لاءِ پنهنجي رحمت وسيع فرمائيندو ۽ توهان جي لاءِ توهان جي ڪم ۾ سهولت مهيا فرمائيندو.
— مولانا طاھر القادريوَتَرَى الشَّمْسَ اِذَا طَلَعَتْ تَّزٰوَرُ عَنْ كَهْفِهِمْ ذَاتَ الْيَمِيْنِ وَاِذَا غَرَبَتْ تَّقْرِضُهُمْ ذَاتَ الشِّمَالِ وَهُمْ فِيْ فَجْــوَةٍ مِّنْهُ ۭ ذٰلِكَ مِنْ اٰيٰتِ اللّٰهِ ۭ مَنْ يَّهْدِ اللّٰهُ فَهُوَ الْمُهْتَدِ ۚ وَمَنْ يُّضْلِلْ فَلَنْ تَـجِدَ لَهٗ وَلِيًّا مُّرْشِدًا ۧ17
۽ توهان ڏسو ٿا جڏهن سج اڀري ٿو ته انهن جي غار کان ساڄي پاسي هٽي وڃي ٿو ۽ جڏهن لهي ٿو ته انهن کان کاٻي پاسي لنوائي ٿو وڃي ۽ اُهي انهيءَ غار جي ڪشادي ميدان ۾ (ليٽيل) آهن، اِهو (سج جو رستو بدلائڻ) الله جي (قدرت جي وڏين) نشانين مان آهي، جنهن کي الله هدايت فرمائي نه اُهوئي هدايت وارو آهي، ۽ جنهن کي اُهو گمراهه ڪري ته توهان ان جي لاءِ ڪو ولي مرشد (يعني واٽ ڏيکارڻ وارو مددگار) نه لهندو.
— مولانا طاھر القادريوَتَحْسَبُهُمْ اَيْقَاظًا وَّهُمْ رُقُوْدٌ ڰ وَّنُقَلِّبُهُمْ ذَاتَ الْيَمِيْنِ وَذَاتَ الشِّمَالِ ڰ وَكَلْبُهُمْ بَاسِطٌ ذِرَاعَيْهِ بِالْوَصِيْدِ ۭ لَوِ اطَّلَعْتَ عَلَيْهِمْ لَوَلَّيْتَ مِنْهُمْ فِرَارًا وَّلَمُلِئْتَ مِنْهُمْ رُعْبًا 18
۽ (اي ٻڌندڙ!) تون انهن کي (ڏسين ته) سجاڳ سمجهندين حالانڪه اُهي ستل آهن ۽ اسان (وقفن سان) انهن کي ساڄي پاسي ۽ کاٻي پاسي پاسا بدلائيندا رهون ٿا، ۽ انهن جو ڪتو (سندن) چائنٺ تي پنهنجا ٻئي پير ڊگهاري (ويٺو) آهي، جيڪڏهن تون انهن کي جهاتي پائي ڏسين ها ته کانئن پٺي ڦيري ڀڄين ها ۽ تنهنجي دل ۾ انهن جي دهشت ڀرجي وڃي ها.
— مولانا طاھر القادريوَكَذٰلِكَ بَعَثْنٰهُمْ لِيَتَسَاۗءَلُوْا بَيْنَهُمْ ۭ قَالَ قَاۗىِٕلٌ مِّنْهُمْ كَمْ لَبِثْتُمْ ۭ قَالُوْا لَبِثْنَا يَوْمًا اَوْ بَعْضَ يَوْمٍ ۭ قَالُوْا رَبُّكُمْ اَعْلَمُ بِـمَا لَبِثْتُمْ ۭ فَابْعَثُوْٓا اَحَدَكُمْ بِوَرِقِكُمْ هٰذِهٖٓ اِلَى الْمَدِيْنَةِ فَلْيَنْظُرْ اَيُّهَآ اَزْكٰى طَعَامًا فَلْيَاْتِكُمْ بِرِزْقٍ مِّنْهُ وَلْيَتَلَطَّفْ وَلَا يُشْعِرَنَّ بِكُمْ اَحَدًا 19
۽ ائين اسان انهن کي اٿاريو ته جيئن اُهي هڪٻئي کان پڇن (اهڙي طرح) انهن مان هڪ چوڻ واري چيو توهان (هتي) ڪيترو عرصو رهيا آهيو انهن چيو: اسان (هتي) هڪ ڏينهن يا ان جو (به) ڪجهه حصو رهيا آهيون، (نيٺ) چوڻ لڳا: توهان جو رب ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته توهان (هتي) ڪيترو عرصو رهيا آهيو، پوءِ توهان پاڻ مان ڪنهن هڪ کي پنهنجو هي سڪو ڏيئي شهر ڏي موڪليو پوءِ اُهو ڏسي ته ڪهڙو کاڌو وڌيڪ حلال ۽ پاڪيزه آهي ته ان مان ڪجهه کاڌو توهان وٽ آڻي ۽ ان کي گهرجي ته (اچڻ وڃڻ ۽ خريدڻ ۾) آهسته ۽ نرمي کان ڪم وٺي ۽ ڪنهن هڪ شخص کي (به) توهان جي خبر نه پوڻ ڏي.
— مولانا طاھر القادرياِنَّهُمْ اِنْ يَّظْهَرُوْا عَلَيْكُمْ يَرْجُمُوْكُمْ اَوْ يُعِيْدُوْكُمْ فِيْ مِلَّتِهِمْ وَلَنْ تُفْلِحُوْٓا اِذًا اَبَدًا 20
بيشڪ جيڪڏهن انهن توهان (کان باخبر ٿي توهان) تي دسترس لڌي ته توهان کي سنگسار ڪري ڇڏيندا يا توهان کي (زوري) پنهنجي مذهب ۾ موٽائيندا ۽ (جيڪڏهن ائين ٿي ويو ته) ان وقت توهان هرگز ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندو.
— مولانا طاھر القادري