017 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 111 آيتون ۽ 12 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
سُـبْحٰنَ الَّذِيْٓ اَسْرٰى بِعَبْدِهٖ لَيْلًا مِّنَ الْمَسْجِدِ الْـحَرَامِ اِلَى الْمَسْجِدِ الْاَقْصَا الَّذِيْ بٰرَكْنَا حَوْلَهٗ لِنُرِيَهٗ مِنْ اٰيٰتِنَا ۭ اِنَّهٗ هُوَ السَّمِيْعُ الْبَصِيْرُ 1
اُها ذات (هر عيب ۽ ڪمزوريءَ کان) پاڪ آهي جيڪا رات جي ٿوري حصي ۾ پنهنجي (محبوب ۽ مقرب) ٻانهي کي مسجدِ حرام کان (ان) مسجدِ اقصيٰ تائين وٺي ويئي جنهن جي آسپاس کي اسان برڪت وارو بڻايو آهي ته جيئن اسان ان (ڪامل ٻانهي) کي پنهنجون نشانيون ڏيکاريون، بيشڪ اُهوئي خوب ٻڌندڙ خوب ڏسندڙ آهي.
— مولانا طاھر القادريوَاٰتَيْنَا مُوْسَي الْكِتٰبَ وَجَعَلْنٰهُ هُدًى لِّبَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ اَلَّا تَتَّخِذُوْا مِنْ دُوْنِيْ وَكِيْلًا 2ۭ
۽ اسان موسيٰ (عليه السلام) کي ڪتاب (تورات) عطا ڪيو ۽ اسان ان کي بني اسرائيل جي لاءِ هدايت بڻايو (۽ انهن کي حڪم ڏنو) ته توهان مون کانسواءِ ڪنهن کي ڪارساز نه بڻايو.
— مولانا طاھر القادريذُرِّيَّــةَ مَنْ حَمَلْنَا مَعَ نُوْحٍ ۭ اِنَّهٗ كَانَ عَبْدًا شَكُوْرًا 3
(اي) انهن جي اولاد جن کي اسان نوح (عليه السلام) سان گڏ (ٻيڙي ۾) کنيو هو، بيشڪ نوح (عليه السلام) وڏا شڪر گذار ٻانها هئا.
— مولانا طاھر القادريوَقَضَيْنَآ اِلٰى بَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ فِي الْكِتٰبِ لَتُفْسِدُنَّ فِي الْاَرْضِ مَرَّتَيْنِ وَلَتَعْلُنَّ عُلُوًّا كَبِيْرًا 4
۽ اسان ڪتاب ۾ بني اسرائيل کي قطعي طور تي ٻڌائي ڇڏيو هو ته توهان زمين ۾ ضرور ٻه ڀيرا فساد ڪندؤ ۽ (الله جي اطاعت کان) وڏي سرڪشي ڪندؤ.
— مولانا طاھر القادريفَاِذَا جَاۗءَ وَعْدُ اُوْلٰىهُمَا بَعَثْنَا عَلَيْكُمْ عِبَادًا لَّنَآ اُولِيْ بَاْسٍ شَدِيْدٍ فَجَاسُوْا خِلٰلَ الدِّيَارِ ۭ وَكَانَ وَعْدًا مَّفْعُوْلًا 5
پوءِ جڏهن انهن ٻنهي مان پهرئين ڀيري جو وعدو اچي پهتو ته اسان توهان تي پنهنجا اهڙا ٻانها مسلط ڪياسين جيڪي سخت ويڙهاڪ هئا پوءِ اُهي (توهان جي) ڳولا ۾ (توهان جي) گهرن ۾ وڃي گهڙيا، ۽ (اِهو) وعدو ضرور پورو ٿيڻو ئي هو.
— مولانا طاھر القادريثُـمَّ رَدَدْنَا لَكُمُ الْكَرَّةَ عَلَيْهِمْ وَاَمْدَدْنٰكُمْ بِاَمْوَالٍ وَّبَنِيْنَ وَجَعَلْنٰكُمْ اَكْثَرَ نَفِيْرًا 6
پوءِ اسان انهن جي مٿان غلبي کي توهان جي حق ۾ ورايو ۽ اسان مال ۽ اولاد (جي گهڻائيءَ) جي ذريعي توهان جي مدد فرمائي ۽ اسان توهان کي افرادي قوت ۾ (به) وڌايو.
— مولانا طاھر القادرياِنْ اَحْسَنْتُمْ اَحْسَنْتُمْ لِاَنْفُسِكُمْ ۣ وَاِنْ اَسَاْتُمْ فَلَهَا ۭ فَاِذَا جَاۗءَ وَعْدُ الْاٰخِرَةِ لِيَسُوْۗءٗا وُجُوْهَكُمْ وَلِيَدْخُلُوا الْمَسْجِدَ كَـمَا دَخَلُوْهُ اَوَّلَ مَرَّةٍ وَّلِــيُتَبِّرُوْا مَا عَلَوْا تَتْبِيْرًا 7
جيڪڏهن توهان ڀلائي ڪندؤ ته پنهنجي (ئي) لاءِ ڀلائي ڪندؤ ۽ جيڪڏهن توهان برائي ڪندو ته پنهنجي (ئي) جان جي لاءِ، پوءِ جڏهن ٻي وعدي جي گهڙي آئي (ته ٻين ظالمن کي توهان تي مسلط ڪري ڇڏيو) ته جيئن (ماري ماري) توهان جا منهن بگاڙي ڇڏين ۽ ته جيئن مسجدِ اقصيٰ ۾ (اهڙي طرح) داخل ٿين جيئن ته ان ۾ (حمله آور) پهرئين دفعي داخل ٿيا هئا ۽ ته جيئن جنهن (مقام) تي غلبو حاصل ڪن ان کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏين.
— مولانا طاھر القادريعَسٰي رَبُّكُمْ اَنْ يَّرْحَمَكُمْ ۚ وَاِنْ عُدْتُّمْ عُدْنَا ۘ وَجَعَلْنَا جَهَنَّمَ لِلْكٰفِرِيْنَ حَصِيْرًا 8
اميد آهي (ان کانپوءِ) توهان جو رب توهان تي رحم فرمائيندو ۽ جيڪڏهن توهان وري اهوئي (نافرماني وارو رويو اختيار) ڪيو ته اسان به اُهوئي (عذاب ٻيهر) ڪنداسين، ۽ اسان دوزخ کي ڪافرن جي لاءِ قيد خانو بڻايو آهي.
— مولانا طاھر القادرياِنَّ هٰذَا الْقُرْاٰنَ يَهْدِيْ لِلَّتِيْ ھِيَ اَقْوَمُ وَيُبَشِّرُ الْمُؤْمِنِيْنَ الَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ الصّٰلِحٰتِ اَنَّ لَهُمْ اَجْرًا كَبِيْرًا 9ۙ
بيشڪ هي قرآن ان (منزل) ڏانهن رهنمائي ڪري ٿو جيڪا سڀني کان صحيح آهي ۽ انهن مومنن کي جيڪي نيڪ عمل ڪن ٿا ان ڳالهه جي خوشخبري ٻڌائي ٿو ته انهن جي لاءِ وڏو اجر آهي.
— مولانا طاھر القادريوَّاَنَّ الَّذِيْنَ لَا يُؤْمِنُوْنَ بِالْاٰخِرَةِ اَعْتَدْنَا لَهُمْ عَذَابًا اَلِـــيْمًا ۧ10
۽ اِهو ته جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان نٿا رکن اسان انهن جي لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو آهي.
— مولانا طاھر القادريوَيَدْعُ الْاِنْسَانُ بِالشَّرِّ دُعَاۗءَهٗ بِالْخَيْرِ ۭ وَكَانَ الْاِنْسَانُ عَجُوْلًا 11
۽ انسان (ڪڏهن تنگ دل ۽ پريشان ٿي) برائي جي دعا گهرڻ لڳندو آهي جيئن (پنهنجي لاءِ) ڀلائي جي دعا گهرندو آهي، ۽ انسان تمام گهڻو تڪڙو واقع ٿيو آهي.
— مولانا طاھر القادريوَجَعَلْنَا الَّيْلَ وَالنَّهَارَ اٰيَـتَيْنِ فَمَــحَوْنَآ اٰيَةَ الَّيْلِ وَجَعَلْنَآ اٰيَةَ النَّهَارِ مُبْصِرَةً لِّتَبْتَغُوْا فَضْلًا مِّنْ رَّبِّكُمْ وَلِتَعْلَمُوْا عَدَدَ السِّنِيْنَ وَالْحِسَابَ ۭ وَكُلَّ شَيْءٍ فَصَّلْنٰهُ تَفْصِيْلًا 12
۽ اسان رات ۽ ڏينهن کي (پنهنجي قدرت جون) ٻه نشانيون بڻايون پوءِ اسان رات جي نشاني کي انداهو بڻايو ۽ اسان ڏينهن جي نشانيءَ کي روشن بڻايو ته جيئن توهان پنهنجي رب جو فضل (رزق) ڳولي سگهو ۽ جيئن توهان سالن جو شمار ۽ حساب معلوم ڪري سگهو، ۽ اسان هر شيءِ کي پوري تفصيل سان کولي بيان ڪري ڇڏيو آهي.
— مولانا طاھر القادريوَكُلَّ اِنْسَانٍ اَلْزَمْنٰهُ طٰۗىِٕرَهٗ فِيْ عُنُقِهٖ ۭ وَنُخْرِجُ لَهٗ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ كِتٰبًا يَّلْقٰىهُ مَنْشُوْرًا 13
۽ اسان هر انسان جي عملن جو ليکو ان جي ڳچيءَ ۾ ٽنگي ڇڏيو آهي، ۽ اسان ان جي لاءِ قيامت جي ڏينهن (اِهو) عملنامو ڪڍنداسين جنهن کي اُهو (پنهنجي سامهون) کليل ڏسندو.
— مولانا طاھر القادرياِقْرَاْ كِتٰبَكَ ۭ كَفٰى بِنَفْسِكَ الْيَوْمَ عَلَيْكَ حَسِيْبًا ۭ14
(ان کي چيو ويندو:) پنهنجي (عملن) جو ڪتاب پڙهي وٺ، اڄ تون پنهنجو حساب ڏسڻ جي لاءِ پاڻ ئي ڪافي آهين.
— مولانا طاھر القادريمَنِ اهْتَدٰى فَاِنَّـمَا يَهْــتَدِيْ لِنَفْسِهٖ ۚ وَمَنْ ضَلَّ فَاِنَّـمَا يَضِلُّ عَلَيْهَا ۭ وَلَا تَزِرُ وَازِرَةٌ وِّزْرَ اُخْرٰى ۭ وَمَا كُنَّا مُعَذِّبِيْنَ حَتّٰى نَبْعَثَ رَسُوْلًا 15
جيڪو هدايت جي واٽ اختيار ڪري ٿو ته اُهو پنهنجي فائدي جي لاءِ هدايت تي هلي ٿو ۽ جيڪو شخص گمراهه ٿئي ٿو ته ان جي گمراهيءَ جو وبال (به) مٿس ئي آهي، ۽ ڪو بار کڻندڙ ڪنهن ٻئي (جي گناهن) جو بار نه کڻندو، ۽ اسان هرگز عذاب ڏيڻ وارا نه آهيون ايستائين جو اسان (ان قوم ۾) ڪنهن رسول کي موڪليون.
— مولانا طاھر القادريوَاِذَآ اَرَدْنَآ اَنْ نُّهْلِكَ قَرْيَةً اَمَرْنَا مُتْرَفِيْهَا فَفَسَقُوْا فِيْهَا فَحَقَّ عَلَيْهَا الْقَوْلُ فَدَمَّرْنٰهَا تَدْمِيْرًا 16
۽ جڏهن اسان ڪنهن ڳوٺ کي تباهه ڪرڻ جو ارادو ڪريون ٿا ته اسان اتان جي اميرن ۽ خوشحال ماڻهن کي (ڪو) حڪم ڏيون ٿا (ته جيئن انهن جي ذريعي عوام ۽ غريب به صحيح ٿي وڃن) ته اُهي ان (ڳوٺ) ۾ نافرماني ڪن ٿا پوءِ انهن تي اسان (جي عذاب) جو فرمان واجب ٿي وڃي ٿو پوءِ اسان ان ڳوٺ کي بلڪل ئي ڊاهي ڇڏيندا آهيون.
— مولانا طاھر القادريوَكَمْ اَهْلَكْنَا مِنَ الْقُرُوْنِ مِنْۢ بَعْدِ نُوْحٍ ۭ وَكَفٰى بِرَبِّكَ بِذُنُوْبِ عِبَادِهٖ خَبِيْرًۢ ا بَصِيْرًا 17
۽ اسان نوح (عليه السلام) کانپوءِ ڪيترين ئي قومن کي هلاڪ ڪري ڇڏيو، ۽ توهان جو رب ڪافي آهي (اُهو) پنهنجي ٻانهن جي گناهن کان چڱيءَ طرح باخبر خوب ڏسندڙ آهي.
— مولانا طاھر القادريمَنْ كَانَ يُرِيْدُ الْعَاجِلَةَ عَجَّــلْنَا لَهٗ فِيْهَا مَا نَشَاۗءُ لِمَنْ نُّرِيْدُ ثُـمَّ جَعَلْنَا لَهٗ جَهَنَّمَ ۚ يَصْلٰىهَا مَذْمُوْمًا مَّدْحُوْرًا 18
جيڪو صرف دنيا جي خوشحالي (جي صورت ۾ پنهنجي محنت جو ترت بدلو) چاهي ٿو ته اسان هن ئي دنيا ۾ جنهن کي چاهيون ٿا جيترو چاهيون ٿا جلدي ڏيئي ڇڏيون ٿا پوءِ اسان ان جي لاءِ دوزخ بڻائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ اُهو ملامت ٻڌندي (رب جي رحمت کان) ڌڪاريل ٿي داخل ٿيندو.
— مولانا طاھر القادريوَمَنْ اَرَادَ الْاٰخِرَةَ وَسَعٰى لَهَا سَعْيَهَا وَهُوَ مُؤْمِنٌ فَاُولٰۗىِٕكَ كَانَ سَعْيُهُمْ مَّشْكُوْرًا 19
۽ جيڪو آخرت جو خواهشمند ٿيو ۽ اُن جي لاءِ ان لائق ڪوشش ڪيائين ۽ اُهو مومن (به) آهي ته اهڙن ئي ماڻهن جي ڪوشش مقبول ٿيندي.
— مولانا طاھر القادريكُلًّا نُّمِدُّ هٰٓؤُلَاۗءِ وَهٰٓؤُلَاۗءِ مِنْ عَطَاۗءِ رَبِّكَ ۭ وَمَا كَانَ عَطَاۗءُ رَبِّكَ مَحْظُوْرًا 20
اسان هر هڪ جي مدد ڪريون ٿا انهن (دنيا جي طالبن) جي به ۽ انهن (آخرت جي طالبن) جي به (اي حبيب مڪرم! اهو سڀ ڪجهه) توهان جي رب جي عطا آهي، ۽ توهان جي رب جي عطا (ڪنهن جي لاءِ) منع ۽ بند ناهي.
— مولانا طاھر القادري