016 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 128 آيتون ۽ 16 رڪوع آھن
عرفانُ القرآن
مُترجم: مولانا طاھر القادري
اَتٰٓى اَمْرُ اللّٰهِ فَلَا تَسْتَعْجِلُوْهُ ۭ سُـبْحٰنَهٗ وَتَعٰلٰى عَـمَّا يُشْرِكُوْنَ 1
الله جو وعدو (ويجهو) اچي پهتو سو توهان ان جي گهرڻ ۾ جلدي نه ڪريو. اهو پاڪ آهي ۽ اُهو انهن شين کان مٿانهون آهي جن کي ڪافر (ان جو) شريڪ ٺاهن ٿا.
— مولانا طاھر القادرييُنَزِّلُ الْمَلٰۗىِٕكَةَ بِالرُّوْحِ مِنْ اَمْرِهٖ عَلٰي مَنْ يَّشَاۗءُ مِنْ عِبَادِهٖٓ اَنْ اَنْذِرُوْٓا اَنَّهٗ لَآ اِلٰهَ اِلَّآ اَنَا فَاتَّقُوْنِ 2
اُهوئي ملائڪن کي وحي سان گڏ (جيڪو تمام تعليماتِ دين جو روح ۽ جان آهي) پنهنجي حڪم سان پنهنجي ٻانهن مان جنهن تي وڻيس نازل فرمائي ٿو ته (ماڻهن کي) ڊيڄاريو ته مون کان سواءِ ڪوبه معبود ناهي تنهنڪري منهنجي پرهيزگاري اختيار ڪريو.
— مولانا طاھر القادريخَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ بِالْـحَقِّ ۭ تَعٰلٰى عَـمَّا يُشْرِكُوْنَ 3
اُن ئي آسمانن ۽ زمين کي صحيح تدبير سان پيدا فرمايو، هو انهن شين کان مٿانهون آهي جن کي ڪافر (ان جو) شريڪ ٺاهن ٿا.
— مولانا طاھر القادريخَلَقَ الْاِنْسَانَ مِنْ نُّطْفَةٍ فَاِذَا هُوَ خَصِيْمٌ مُّبِيْنٌ 4
اُن ئي انسان کي هڪ توليدي قطري مان پيدا فرمايو، پوءِ به اُهو (الله جي حضور فرمانبردار ٿيڻ جي بجاءِ) کليو جهيڙاڪ بڻجي ويو.
— مولانا طاھر القادريوَالْاَنْعَامَ خَلَقَهَا ۚ لَكُمْ فِيْهَا دِفْءٌ وَّمَنَافِعُ وَمِنْهَا تَاْكُلُوْنَ 5۠
۽ اُن ئي توهان جي لاءِ جانور پيدا فرمايا، جن ۾ توهان جي لاءِ گرم لباس آهي ۽ (ٻيا) فائدا آهن ۽ انهن مان ڪن کي توهان کائو (به) ٿا.
— مولانا طاھر القادريوَلَكُمْ فِيْهَا جَمَالٌ حِيْنَ تُرِيْحُوْنَ وَحِيْنَ تَسْرَحُوْنَ 6۠
۽ انهن ۾ توهان جي لاءِ سونهن (۽ دلڪشي به) آهي جڏهن توهان شام جو سيم کان (واپس) آڻيو ٿا ۽ جڏهن توهان صبح جو (چارڻ جي لاءِ) نيو ٿا.
— مولانا طاھر القادريوَتَحْمِلُ اَثْقَالَكُمْ اِلٰى بَلَدٍ لَّمْ تَكُوْنُوْا بٰلِغِيْهِ اِلَّا بِشِقِّ الْاَنْفُسِ ۭ اِنَّ رَبَّكُمْ لَرَءُوْفٌ رَّحِيْمٌ 7ۙ
۽ هي (جانور) توهان جا بار (به) انهن شهرن تائين کڻي وڃن ٿا جتي توهان گهڻي مشقت کانسواءِ نٿا پهچي سگهو، بيشڪ توهان جو رب نهايت شفقت وارو نهايت مهربان آهي.
— مولانا طاھر القادريوَّالْخَيْلَ وَالْبِغَالَ وَالْحَمِيْرَ لِتَرْكَبُوْهَا وَزِيْنَةً ۭ وَيَـخْلُقُ مَا لَا تَعْلَمُوْنَ 8
۽ (اُن ئي) گهوڙن ۽ خچرن ۽ گڏهن کي (پيدا ڪيو) ته جيئن توهان انهن تي سواري ڪري سگهو ۽ اُهي (توهان جي لاءِ) سونهن جو سبب به هجن، ۽ اُهو (وڌيڪ اهڙيون خوبصورت سواريون به) پيدا فرمائيندو جن کي توهان (اڄ) نٿا ڄاڻو.
— مولانا طاھر القادريوَعَلَي اللّٰهِ قَصْدُ السَّبِيْلِ وَمِنْهَا جَاۗىِٕرٌ ۭ وَلَوْ شَاۗءَ لَهَدٰىكُمْ اَجْمَعِيْنَ 9ۧ
۽ درمياني واٽ الله (جي دروازي) تي پهچي ٿي ۽ ان مان ڪئي ڏنگيون واٽون به (نڪرن) ٿيون، ۽ جيڪڏهن اُهو گهري ها ته توهان سڀني کي هدايت فرمائي ڇڏي ها.
— مولانا طاھر القادريهُوَ الَّذِيْٓ اَنْزَلَ مِنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءً لَّكُمْ مِّنْهُ شَرَابٌ وَّمِنْهُ شَجَـرٌ فِيْهِ تُسِيْمُوْنَ 10
اُهوئي آهي جنهن توهان جي لاءِ آسمان مان پاڻي لاٿو، ان مان (ڪجهه) پيئڻ جو آهي ۽ ان مان (ڪجهه) شجرڪاري جو آهي (جنهن مان ٻوٽا، ساوا گاهه ۽ چراگاهون ڦُٽن ٿيون) جن ۾ توهان (پنهنجا جانور) چاريو ٿا.
— مولانا طاھر القادرييُنْۢبِتُ لَكُمْ بِهِ الزَّرْعَ وَالزَّيْتُوْنَ وَالنَّخِيْلَ وَالْاَعْنَابَ وَمِنْ كُلِّ الثَّمَرٰتِ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيَةً لِّقَوْمٍ يَّتَفَكَّرُوْنَ 11
انهيءَ پاڻي مان توهان جي لاءِ ٻنيون ۽ زيتون ۽ کجور ۽ انگور ۽ هر قسم جا ڦل (۽ ميوا) اُپائي ٿو، بيشڪ ان ۾ غور، فڪر ڪرڻ وارن جي لاءِ نشاني آهي.
— مولانا طاھر القادريوَسَـخَّرَ لَكُمُ الَّيْلَ وَالنَّهَارَ ۙ وَالشَّمْسَ وَالْقَمَرَ ۭ وَالنُّجُوْمُ مُسَخَّرٰتٌۢ بِاَمْرِهٖ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّقَوْمٍ يَّعْقِلُوْنَ ۙ12
۽ اُن ئي توهان جي لاءِ رات ۽ ڏينهن کي ۽ سج ۽ چنڊ کي ضابطي هيٺ آندو، ۽ سڀئي تارا به ان جي تدبير (جي نظام) جا پابند آهن، بيشڪ ان ۾ عقل وارن جي لاءِ نشانيون آهن.
— مولانا طاھر القادريوَمَا ذَرَاَ لَكُمْ فِي الْاَرْضِ مُخْتَلِفًا اَلْوَانُهٗ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيَةً لِّقَوْمٍ يَّذَّكَّرُوْنَ 13
۽ (حيوانات، وڻ ٻوٽا ۽ معدنيات وغيره مان باقي) جو ڪجهه به ان توهان جي لاءِ زمين ۾ پيدا فرمايو آهي جن جا رنگ (يعني جنسون، نوع، قسم، خاصيتون ۽ نفعا) جدا جدا آهن (سڀئي توهان جي تابع آهن)، بيشڪ ان ۾ نصيحت قبول ڪرڻ وارن جي لاءِ نشاني آهي.
— مولانا طاھر القادريوَهُوَ الَّذِيْ سَخَّرَ الْبَحْرَ لِتَاْكُلُوْا مِنْهُ لَحْمًا طَرِيًّا وَّتَسْتَخْرِجُوْا مِنْهُ حِلْيَةً تَلْبَسُوْنَهَا ۚ وَتَرَى الْفُلْكَ مَوَاخِرَ فِيْهِ وَلِتَبْتَغُوْا مِنْ فَضْلِهٖ وَلَعَلَّكُمْ تَشْكُرُوْنَ 14
۽ اُهوئي آهي جنهن (فضا ۽ ميدان کان علاوه) بحر (يعني دريائن ۽ سمنڊن) کي به تابع فرمايو ته جيئن توهان ان مان تازو (۽ وڻندڙ) گوشت کائو ۽ توهان ان مان موتي (وغيره) ڪڍو جن کي توهان سينگار جي لاءِ پهريندا آهيو، ۽ (اي انسان!) تون ٻيڙين (۽ جهازن) کي ڏسين ٿو جيڪي (دريائن ۽ سمنڊن جو) پاڻي چيريندي ان ۾ هليا وڃن ٿا، ۽ (اهو سڀ ڪجهه ان لاءِ ڪيائين) ته جيئن توهان (پري پري تائين) ان جو فضل (يعني رزق) تلاش ڪريو ۽ اِهو ته توهان شڪر گذار بڻجو.
— مولانا طاھر القادريوَاَلْقٰى فِي الْاَرْضِ رَوَاسِيَ اَنْ تَمِيْدَ بِكُمْ وَاَنْهٰرًا وَّسُبُلًا لَّعَلَّكُمْ تَهْتَدُوْنَ ۙ15
۽ ان ئي زمين ۾ (مختلف مادن کي پاڻ ۾ ملائي) وزني جبل بڻايا ته جيئن ائين نه ٿئي جو متان اُها (پنهنجي مدار ۾ حرڪت ڪندي) توهان کي کڻي لُڏڻ لڳي ۽ نهرون ۽ (قدرتي) رستا (به) بڻايا ته جيئن توهان (منزلن تائين پهچڻ جي لاءِ) واٽ لهي سگهو.
— مولانا طاھر القادريوَعَلٰمٰتٍ ۭ وَبِالنَّجْمِ هُمْ يَهْتَدُوْنَ 16
۽ (ڏينهن کي واٽ تلاش ڪرڻ جي لاءِ) نشانيون بڻايائين، ۽ (رات جو) ماڻهو تارن ذريعي (به) رستو ڏسن ٿا.
— مولانا طاھر القادرياَفَـمَنْ يَّخْلُقُ كَمَنْ لَّا يَـخْلُقُ ۭ اَفَلَا تَذَكَّرُوْنَ 17
ڇا اُهو خالق جيڪو (ايترو ڪجهه) پيدا فرمائي ان وانگر ٿي سگهي ٿو جيڪو (ڪجهه به) پيدا نه ڪري سگهي، ڇا توهان نصيحت قبول نٿا ڪريو؟
— مولانا طاھر القادريوَاِنْ تَعُدُّوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ لَا تُحْصُوْهَا ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَغَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 18
۽ جيڪڏهن توهان الله جي نعمتن کي ڳڻڻ چاهيو ته انهن کي پورو شمار نه ڪري سگهندؤ، بيشڪ الله وڏو بخشيندڙ نهايت مهربان آهي.
— مولانا طاھر القادريوَاللّٰهُ يَعْلَمُ مَا تُسِرُّوْنَ وَمَا تُعْلِنُوْنَ 19
۽ الله ڄاڻي ٿو جيڪي ڪجهه توهان لڪايو ۽ جيڪي ڪجهه توهان ظاهر ڪريو ٿا.
— مولانا طاھر القادريوَالَّذِيْنَ يَدْعُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ لَا يَـخْلُقُوْنَ شَيْـــًٔـا وَّهُمْ يُخْلَقُوْنَ ۭ20
۽ اِهي (مشرڪ) جن (بتن) کي الله کانسواءِ پوڄين ٿا اُهي ڪجهه به پيدا نٿا ڪري سگهن بلڪه اُهي پاڻ پيدا ڪيا ويا آهن.
— مولانا طاھر القادري